گل شڪر/ٽ

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
328911گل شڪر — ٽ1905ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي

۱۱۴ - ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اِشارو.
ٽٽون يعني ڍلو گهوڙو، ٽارو يعني لڪڻ. هن پهاڪي وارو چوي ٿو، جو جيترو پنڌ ٽٽون لڪڻ هڻڻ سان هلي، ڀلو گهوڙو اشاري سان اوترو هلي. تنهن وانگي جو ڪم سياڻو ماڻهو اشاري سان ڪري، اهو ڪم اياڻو ماڻهو ڦٽ لعنت سان به مس ڪري.