Jump to content

گل شڪر/ر

From Wikisource
328926گل شڪر — ر1905ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي

۲۷۸ - رڪ جا چڻا آنڊا ڦاڙن.
چڻا، هڪڙي اَن جي وَنِڪَ آهي، جا ماڻهو کائن ته پيٽ ۾ پچي وڃي؛ پر جيڪڏهن ڪو اهڙا رڪ جا داڻا کائي ته جيڪر ڪين ڦٻنس. مگر هي رڪ جا چڻا اصطلاح آهي، يعني ڏاڍي جو مال، جهڙوڪ ڪو شخص سرڪاري نوڪر هجي ۽ جيڪي هٿ ڏنو قُوت مليس ته اُهو اَن وانگي ڦٻي وڃيس؛ پر جي غير واجبيءَ طرح کائيندو ته ڪر رڪ جا چڻا کاڌائين، سي کائڻ مهل کائي ويندو، پر پوءِ خراب ٿيندو. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
تَوان به حلق فرو برد استخوان درشت،
ولي شکم بدرد چون بگيرد اندر ناف. نڙيءَ کان هيٺ ڏاڍو هڏو لنگهائي سگهجي،
پر جڏهن دُنَ ۾ وٺي تڏهن پيٽ ڦاڙي.

۲۷۹ - راکي رام، ته ماري ڪير؟
هن پهاڪي جي مطلب کي سڀ ديندار بلڪ سڀني مذهبن جا ماڻهو مڃيندا، ڇو ته جنهن کي ڌڻي رکڻهار، تنهن کي ڪير ماري سگهي؟ جهڙو فارسي بيت آهي:
دشمن چه کند چون مهربان باشد دوست. جڏهن ڌڻي مهربان هئي، تڏهن ويري ڇا ڪندو؟

۲۸۰ - رڙا ڪين رجهن، توڙي ٻارڻ ٻرن ٻهِ پُڙا.
رڙو مڱن جي اَن ۾ هڪڙو کريل داڻو آهي، جو گهڻي ٻارڻ سان پڻ نه رجهي؛ ٻه پڙا يعني ٻيڻا. مطلب هي آهي، جو جئن رڙو گهڻي ٻارڻ سان پڻ نه رجهي، تيئن ڪميڻو ماڻهو گهڻيءَ تربيت سان پڻ نه سکي، نه سڌري. جهڙو فارسي مثل آهي:
تربيت نااهل را چون گردگان بر گنبذ است. سيکارڻ ڪميڻي کي جهڙو قبي تي کينهون.

۲۸۱ - رهي راهوجين، بهي باهوجين، ڪتي ڪنئريجن جي.
راهوجا، باهوجا ۽ ڪنئريجا ٽيئي ذاتين جي نالي جا ڳوٺ آهن: يعني ڪتي هڪڙي هنڌ جي، ٽِڪي ٻئي هنڌ، ڀونڪي ٽئي هنڌ. پر مطلب هي آهي، جو هڪڙي ڪارخاني جي ماڻهوءَ کي بنا پروجن ٻئي ڪارخاني جي ڪم ۾ هٿ وجهڻ اهڙو آهي، جهڙو پهاڪي واريءَ ڪتيءَ جو حال.

۲۸۲ - راڻي سا، جا راءِ کي وڻي.
جيڪڏهن هڪڙي راجا کي گهڻيون راڻيون هونديون تن مان جيڪا وڻندڙ هونديس، اها ئي سهاڳڻ چئبي. تنهن وانگي ماڻهو توڙي ڪم ته اُهو چڱو، جو ڌڻيءَ کي وڻي. جهڙو گورو نانڪ شاهه جو وچن آهي:
جو تُڌُ ڀاوي سا ئي ڀلي ڪار. جو توکي وڻي اهو ئي چڱو ڪم.

۲۸۳ - رڍ اڳيان رباب، وڄائيندي ورھ ٿيا.
هن پهاڪي جي چوڻ واري جو اصل مطلب ٻيو هو، پر رواج ۾ غلط ٿي ويو آهي. جيتوڙي ته عربي قول آهي:
غلط العام صحيح. گهڻن جي غلط کي صحيح ڄاڻجي.
پر جڏهن ڪا ڳالهه سياڻن جي مجلس ۾ اچي تڏهن غلط ۽ صحيح جو ويچار کپي؛ تنهن لاءِ هي مثل کي ڏيکاريان ٿو:
هڪڙو ريڍار نصيب جي زور سان ڪاٿي وڃي راجا ٿيو، ۽ لنگهو سندس آڳاٽو ڄاڻائو هو، سو ڪنهن مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ وٽس وڃي رباب وڄائڻ ۽ ڳائڻ لڳو، پر گهڻن ڏهاڙن تائين ڳالهه مان ڪين وريس. هڪڙي ڏهاڙي لنگهي کي هڪڙو يار مليو، تنهن پڇيس، تنهن کي کلي چيائين؛ ڙي يار! ريڍار اڳيان رباب وڄائيندي ورهه ٿيا. مطلب ڳالهه جو هي جو اڄاڻ ريجهائڻ گهڻي کپت گهري. فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
اگر صد باب حڪمت پيش نادان،
بخوانند آيدش بازيچه در گوش. اڄاڻ اڳيان جيڪڏهن حڪمت جا سؤ باب،
پڙهين، ته به هن کي راند ٻڌڻ ۾ اچي.

۲۸۴ - راجا ڪري سو نياءُ، ڍارو پوي سو داءُ.
ڍارا هن ملڪ ۾ چوپڙ راند کيڏڻ جا ٽي اوزار آهن، جن تي ڳاڻيٽي جا نشان رهن ٿا؛ اڇلائڻ مهل ٽن کان وٺي ارڙهن تائين سندن عدد ڏسڻ ۾ اچن، تن موجب کيڏڻ وارا چوپڙ تي ساريون هلائين. مطلب جو ان عددن مان جيترا به عدد پون، تن کي داءُ چئجي؛ پر اِها تڪ رڳي قافيه جي پورائيءَ لاءِ آندي اٿن. پهاڪي جو مطلب هي آهي جو وقت جو راجا جيڪي ڪري، سو واجبي ڄاڻجي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
هر چه آن خسرو کند شيرين بود. جيڪي اُو راجا ڪري سو مٺو هئي.

۲۸۵ - رن پٽ کي لڳي ڀاڳ، ته ڏي جواري ڀت کي داڳ.
داڳ، اصلي هي اکر داغ آهي، جو اصطلاح ۾ غلط ٿي داڳ چئجي ٿو، ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ پگهار پڻ سڏبو آهي؛ يعني گيهه ڪوسو ڪري چانورن رڌڻ ۾ وجهجي، يا منجهس گوشت پلاءُ رڌجي؛ پر ڀت يعني رٻ ۾ اِن طرح جو گيهه وجهڻ ضرور نه آهي. پهاڪي واري جو مطلب هي آهي، جو جڏهن ڪميني ماڻهوءَ کي مفت جو ناڻو هٿ لڳي، تڏهن اهڙا اجايا خرچ ڪري.

۲۸۶ - رات ٿوري، ساٺ گهڻا.
ساٺ، شادين ۾ ماڻهو خصوصاً هندو پوڄائون ڪن، تن جو نالو، يعني جيڪڏهن گهڻي ويرم لائي ججها ساٺ ڪجن، ته هوند ساٺن ڪندي رات وهامي ۽ شاديءَ جو مُورت گُسي وڃي. هي پهاڪو ٿوريءَ ويرم ۾ گهڻو ڪم ڪرڻو هئي، تنهن لاءِ آيو آهي. جهڙو چئجي وقت ٿورو ڪم گهڻو، يا ڄمار ٿوري ڌنڌو گهڻو، يا ڏينهن ٿورو پنڌ گهڻو.

۲۸۷ - رن چشڪي هري، رکي آرت وار.
چشڪو يعني لذت يا سواد، هي پهاڪو منڍ ۾ هڪڙي نقل تي آيو آهي:
هڪڙي شخص جي جوءِ وات جي چٽي هئي، هڪڙي ڏهاڙي مڙس کي کاڄ کارائي پاڻ لنگهڻ ويهي رهي؛ مڙس کي چيائين جو آرت وار ورت جو اٿم، تنهن ويچاري ڪهل ڪري بزار مان کير پيڙا آڻي کارايس. ورندي ڏهاڙي پڻ رن اُن مهل آرت وار جو مِنهن ڪري لنگهڻ ويهي رهي، تڏهن مڙس کلي هي پهاڪو چيو؛ پر مطلب هي آهي، جو لچ ماڻهوءَ تي هڪڙي ڀيري مهرباني ڪبي، ته وري وري هِري گستاخ ٿيندو.

۲۸۸ - راءِ ري گهران گيهه جهلجي پاند ۾.
رائرو گهر يعني راجا جو گهر، پهاڪي جي معنيٰ هي آهي جو جيڪڏهن راجا جي گهران گيهه ملي ۽ باسڻ ساڻ نه هئي، ته ورائجي نه، ۽ ڪپڙي ۾ وٺندي پڻ صرفو نه ڪجي، پوءِ مَرُ هارجي پوي ۽ پاند سڻڀو ٿئي. مطلب جو سلطاني ڪارخاني مان سلوڪ سان جيڪي ملي، سو شڪر ڪري وٺجي ته اڳتي اُميد نه وڃي.

۲۸۹ - رن پٽ ريڍار، ڪانُ هڻي بنڊ ۾.
بنڊ يعني ٿلهي ڪاٺي، شڪار ۾ مرن يا پکين کي ۽ جنگ جهيڙي ۾ ڪانُ يعني تير هڻڻ هڪڙي ريت آهي، پر بنڊ کي ڪانُ هڻڻ رڳي چريائي آهي، ۽ جيڪو هڻي تنهن کي هن پهاڪي وارو خطاب ملي. مطلب جو اڻ ٺاهوڪو ڪم ڪرڻ اِياڻپ جو آريکڻ آهي.

۲۹۰ - رِڻيءَ ۽ رائر جو سڏ جنهين کي هوءِ، مَنجي اُتي جوءِ، وڃي تنهن کي وسري.
رڻو يعني قرض، رائُر يعني سرڪاري ڍل. هن پهاڪي جي سا معنيٰ سو مطلب، يعني جنهن کي بازار جو توڙي سرڪار جو قرض ڏيڻو هوندو، تنهن کي ڀاڪر واري جوءِ به ياد نه پوندي. اهڙو ذڪر نمبر ۱۰۷ واري پهاڪي ۾ پڻ هليو آهي.

۲۹۱ - روزن پٺيان عيدون، عيدن پٺيان روزا.
هن پهاڪي جي معنيٰ توڙي مطلب سڀڪو ڄاڻي ٿو، تڏهن به ايترو چوان ٿو، جو دنيا جو سدائين اهو ڌرم آهي، جو ڏک پٺيان سک، سک پٺيان ڏک بيٺو ئي آهي.

۲۹۲ - رتُ ڏسي رُمي هڻجي.
رُمي ماڻهوءَ جي بت مان رت ڪڍڻ جي شيءِ يعني اوزار آهي، معنيٰ پهاڪي جي هيءَ آهي، جو ضرورت جي وقت، جاتي رت هئي اُتي رُمي هڻي رت ڪڍجي؛ پر جاتي رت ٿورو هوندو، اُتي رُمي لڳندي، ته مورڳو زيان ٿيندو؛ تنهنڪري اهڙي هنڌ رُمي هڻڻ ڪار نه آهي. مطلب جو جانور يا ماڻهوءَ تي اُن جي پڄنديءَ سارو بار رکڻ کپي؛ جهڙو هڪڙو وهٽ ٻه مڻ بار کڻي سگهي. تنهن تي چار مڻ رکبا، ته مرندو يا چيلهه ڀڄنديس، ۽ جي سهندو بار هوندس، ته کڻي منزل تي رسائيندو، ۽ سکيو هلندو. جهڙو فارسيءَ ۾ آيو آهي:
خر که کمتر نهند بروي بار،
برهه آسوده ميکند رفتار. گڏهه جنهن تي ٿورو بار رکبو،
واٽ ۾ آرامي هليو ويندو.