گل شڪر/ح

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
328920گل شڪر — ح1905ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي

۲۴۳ - حمائتڻ گڏهه عراقيءَ کي لتون هڻي.
عراقي، گهوڙن جي چڱيءَ ذات جو نالو آهي. پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو ڪميني ماڻهوءَ کي حمايت جو زور ملي وڃي، ته اشراف وڏي ماڻهوءَ سان جهڳڙيندي ويرم نه ڪري. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:
نٻل سٻل ڪي پکئي تي سٻلن سُون انکات؛
ديت حمايت ڪي گڏي ماري عراقي ڪون لات. هيڻو حمايت جي زور تي ڏاڍي سان وڙهي پوي.
حمائتڻ گڏهه عراقيءَ کي لتون هڻي.