گل شڪر/خ

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
328921گل شڪر — خ1905ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي

۲۴۴ - خون کٿوري ڳجها نه رهن.
هن پهاڪي لاءِ ايترو ئي چوڻ بس آهي، جو کٿوريءَ کي ڪو گهڻو ئي لڪائي، پر سندس خوشبوءِ نه لڪي؛ تنهن وانگي خون پڻ. اهڙي طرح فارسي پهاڪو پڻ آهي:
خوش است اين نقطه از خردان بگفتن،
که عشق و مشک را نتوان نهفتن. سياڻن جي چوڻ جو هي چڱو نقطو آهي،
جو عشق ۽ کٿوريءَ کي لڪائي نه سگهجي.