ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام/فقير مراد صوفي/10

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام  (1964)  by لطف الله بدوي
10. بيت گهاتو جا

(1)
ڪوڏيا ڪـُـنَ ڪلاچ جا، عاشق جي اچن،
سي عشقَ ڪـَـڇونءَ جي وات مان، موٽي ڪين وڃن،
جن کي موت مشاهدو، سي ڇو نه ”مراد“ مرن،
آءٌ قرباني تن، جن جيئريءَ جيءُ نه واريو.

(2)
عاشقَ ڪـُـنَ ڪلاچ ۾، اچي جي پيا،
سي عشق ڪـَـڇونءَ جي وات مؤن، موٽي ڪين ويا،
مشاهدا ”مراد“ چئي، تن مري منجهه ڪيا،
سي جانڪـِـيتا جـِـيا، جن جيئري جيءُ نه واريو.

(3)
عاشقَ ڪاهون ڪاهه، ٿا اچن ڪـُـنَ ڪلاچ تي،
ڪاتُ ڪڇونءَ جي وات ۾، ٿو لاهي ڪنڌ ڪلاه،
پـِـيئي رَت رڳن جي، مهٽيو کائي ماهه،
سي هـُـتِ سانگو ڪن نه ساهه، جن کي موت ”مراد“ مشاهدو.