ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام/فقير مراد صوفي/09

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام  (1964)  by لطف الله بدوي
09. بيت نوريءَ جا

(1)
هيئـَـن ليلان ڀانيو هو نه، ته مڪر ڪؤنروءَ مـَـنَ ۾،
نه ته هارَ مٿؤن هـَـڏِ هيڪڙي، وارُ ڏئي تنهن تو نه،
سا نماڻي ”مراد“ چئي، ڇاکون پـَـسي ڇو نه،
جنهن جو ڪامل تو ريءَ ڪونه، تنهن کي دَستون ڇڏ مَ، داسڙا!

(2)

ويچاريءَ ويساهه، آيو ڪؤنروءَ جي ڪـُـوڙن تي،
نه ته مـَـٽي ڪئن مـَـڻئي تي، محب پنهنجو ماهـُـه،
سا نماڻي ”مراد“ چئي، ڏئي ڪهڙي ڏاهه[1]،
جنهن کي ڪنڌي ڪانه ڪا، والي تو ريءَ واهـَـه،
تنهن کي لڳ الله، دَستون ڇڏ مَ، داسڙا!

(3)
جو تو هاري ڀانيو هارُ، سو تان مڻيو مـُـور مـَـڪـَـر جو،
هن ڪؤنرو ڌُتيون ڪيتريون، ليلان لـَـکَ هزار،
موهي منصوبي سان، نـَـرُ وٺي وئي نار،
انهيءَ مهل ”مراد“ چئي، ويلو اُٿي وار،
نه ته موٽي ڄام[2] ڄمار، دست نه ايندءِ داسڙو.


  1. ڏيهه وڏائي واهه (ب).
  2. ڄم (خ)، (م).