ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام/فقير مراد صوفي/11

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام  (1964)  by لطف الله بدوي
11. بيت سامونڊي

(1)
جنين جي جهاز کي، ساڄا سڙهه سـُـکان،
ڏَس ڏهاڙي ڏيهه جا، معلم ڏي مهندان،
سي کٽي آيا خير سان، سفر صاب پيان،
ستڙ ساويرا ڍڪيا، بندر بار سندان،
سـُـڀي سنگ مٿان، ٿيڙا معاف ”مراد“ چئي.

(2)
جنين جي جهاز کي، سدا لڳي سـُـواءُ،
ڏَس ڏهاڙي ڏيهه جا، ڏي معلم تن مهنداءُ،
ستڙ ساويرا ڍڪيا، نـِـڱيا ناکوجاءُ،
تن جي مال مٿاءُ، ٿيا معافي سـُـنگ ”مراد“ چئي.