پھاڪن جي حڪمت/باب پهريون/ڀاڱو ٻيون/فصل پنجون

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
پھاڪن جي حڪمت (1925)
by مرزا قليچ بيگ
فصل پنجون - هندستاني پهاڪا
320070پھاڪن جي حڪمت — فصل پنجون - هندستاني پهاڪا1925مرزا قليچ بيگ

ڪانگ کي پڃري ۾ وجهبو ته به ڪو چتونءَ وانگي ڳالهائيندو؟
پنهنجا انب کاءُ ۽ پنهنجا ڪوڪلا وڪڻ.
عاشقن جي شادي هرڻ جي سڱن تي.
انڌي جي اڳيان روئڻ پنهنجون ٻئي اکيون خراب ڪرڻيون آهن.
چور ڪوٽوال کي موچڙا هنيا.
چربي ( يا پچي) اکيون پوريو ڇڏي.
آسمان جي ماڪ کي وڻ روڪيو ڇڏين.
انڌو ماڻهو فقط ڪهڙو ڀيرو لٺ ڪيرائي ٿو.
پهرين پاڻي پوءِ گپ.
ننڍي ڀت جي مٿان پاڻي چڙهي وڃي ٿو.
ٻليءَ جي خواب ۾ ڇيڇڙا.
جنهنجي کُڙيءَ ۾ لڦ ڪا نه نڪتي آهي تنهنکي ٻئي جي سور جي ڪهڙي خبر؟
جن کي ماريو ته به ڀڄي ويندو.
جهڙو ڪم تهڙو پگهار.
جيڪو صبر ڪري ٿو تنهنکي خدا اجر ڏئي ٿو.
خدا جا ڪم خدا ٿو ڄاڻي.
خدا مهربان ته سارو جڳ مهربان.
دولت ساري دنيا کي ٿي هلائي.
هو اڌ رپيو ڏيندو پر اڌ پائي نه ڏيندو.
اڌ ڪڪڙ ۽ اڌ ٻٽيرو.
باندرن جا مهندار باندرن جو مطلب سمجهن ٿا.
ننڍڙي جهرڪي شينهن کي ٿي اکيون ڦاڙي ڏسي.
ڇُڙيل گهوڙو پنهنجي ٿان ڏي ٿو موٽي.
ماڪوڙي ٿي سمنڊ جي اونهائي ماپي.
سڀ چور هڪ ٻئي جا سؤٽ آهن.
پيسا ڏئي پنهنجو ڪم ڪراءِ.
بيعقل دوست کان ڏاهو دشمن چڱو آهي.
جيڪو تڪڙو ڊوڙندو سو نيٺ (( ڀر ڪندو.
ڏسڻ خواهش ڪرڻ آهي.
ڪميني جي دوستي واريءَ جي ڀت آهي.
ماڪوڙين ۽ ڪتن کي مٺائيءَ جي سنڀال ته رک.
مڇي ڪا سرڻ جي آکيري ۾ رهي سگهندي؟
ماڻهن مان ڪي جواهر آهن ۽ ڪي پهڻيون.
جنگ ۾ مٺائي ڪين ورهائبي آهي.
جيڪو شاهي رستو ڇڏي پيچرو وٺندو سو سگهوئي پنهنجو رستو وڃائي رهندو.
ڌيءُ ۽ ناني ۽ ڀائيٽو اهي ڪڏهن به پنهنجا نه ٿيندا.
ڌيءُ کي مار ته ننهن کي سکي.
واريءَ جو رستو وٽڻ.
بهادري ماڻهور جو جوهر آهي.
دهلي دؤر آهي.
قناعت واري دل سڀڪنهن شيءِ ۾ مجلسن جي ماني ٿي ڏسي.
دل ۾ باھ گهر ۾ ڇُري.
وقت دير ڪين ٿو سهي.
ڏٺي تي اعتبار ڪجي نه ٻڌي تي.
اکيون کنبڻين جو بار کڻي نه ٿيون سگهن.
پنهنجون ٻنيون غيرآباد ڇڏيو ڏئي ٻين جون هر ڏيو پيو پوکي.
چڱو ماڻهو چڱو جهان ٿو ڏسي.
هو پنهنجي قبر پاڻ ٿو کوٽي.
پنهنجي ڪئي سڀ کان چڱي.
ماڻهو پنهنجو گهر پري کان ٿو سڃاڻي.
پنهنجا نقصان ۽ پنهنجي زال جا قصور ڪير ظاهر ٿو ڪري؟
ڳنڍ ۾ نهي ڪين ٻين تي سخاوت ٿو ڪري.
پٽ ته پنهنجو ٻئي جو ته اُلو.
سڀڪو ماڻهو پنهنجن عيبن کي ٿو پوچو ڏئي.
سڀڪو ماڻهو پنهنجي گهر جو بادشاھ آهي.
هو ڪهاڙي سان پنهنجا پير پاڻ ٿو وڍي.
سڀڪو ماڻهو پنهنجو راڳ ٿو ڳائي.
تون پنهنجي ٻيڙي دکائڻ لاءِ منهنجي ڀُڻگي ٿو ساڙين.
جيڪو مدد لاءِ ٻين ڏي نهاريندو سو نيٺ هلاڪ ٿيندو.
جڏهن اٽو کٽو تڏهن ڪتو ويو.
سيني ۾ خنجر وات ۾ مهرباني.
ٻلي شينهن جي ماسي آهي.
ٻگهو ڌوٻيءَ جو ڀاءُ آهي.
جي ٻڪريون هر ڪاهين ها ته ڍڳا ڪير رکي ها.
هو سهي جي کل لاهي ٿو سگهي ۽ هڪڙي لفظ کي چيري پرازا پرزا ٿو ڪري.
فقير کان خيرات گهرڻ (يا پنڻي کان پنڻ)
جتي رات پئي اتي فقير جو مسافرخانو.
گهوڙو ۽ گڏھ ڪي برابر آهن؟
جي گڏھ ملندئي ته انهيکي گهوڙو ڪين ڪندين.
ٻئي جو مٿو ڪدؤ آهي.
ڌوٻيءَ جو پٽ ڳوٺ جو ٽنڊي ماڪورو آهي.
پنهنجي گڊلي جي سنڀال ڪر.
هڪ گهڙي اولياءَ ٻي گهڙيء شيطان.
ڏينڀو مارڻ لاءِ گهر ساڙڻ.
نوريئڙي جو گهر وڻ تي آهي.
پنهنجون ڳئون ڳڻندو رھ ته پوءِ انهن کي چور نيندو.
جي کنڊ سان ماري سگهجي ته زهر ڇو ڏجي؟
جي کنڊ ڏئي نه سگهين ته کنڊ ڳالهاءِ.
ڪاوڙ کي چڱي بڇڙي جي خبر ڪا نه ٿي پوي.
سهڻي منهن کي رنگ ڏيڻ جو ضرور ڪونهي.
سڀڪو ماڻهو حجام جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي ٿو.
حرڪت ۾ برڪت.
هار قبول ڪر ته جنگ کٽين.
هاراءِ ۽ هاراءِ، کٽ ۽ هاراءِ.
هاٿين کان ڪماند کسڻ.
هو هوا جي گهوڙي تي چڙهيل آهي.
هوءَ سڄي ڏينهن رُلي ۽ رات جو ويهي ڪتي.
بيعقل کي ڪن جي ڳالھ ٻڌاءِ ته هو کڏ تي چڙهي ڍنڍورو ڏئي.
ڀتين کي به ڪن آهن.
ٻه وڙهندا ته هڪڙو ضرور ڪرندو.
پڳ کي ٻن هٿن سان جهلڻو ٿو پوي.
تنهنجي ماءُ جي کير جي باس اڃا تنهنجن ڏندن ۾ آهي.
گهوٽ جي بادشاهي اڍائي ڏينهن آهي.
جاهن مُئن جي ساراھ ٿو ڪري.
نيڪي ڪر ۽ درياھ ۾ اڇلائي وجھ.
هڪڙي شيءِ کي لڳي رھ ته سڀ هٿ اچئي، سڀ ڪنهن شيءِ کي وٺڻ جي ڪندين ته سڀ وڃائيندين.
هڪڙو اڪيلو آهي ٻه جماعت.
ملڪ ۾ آنو هڪڙو، سو به ڪنو.
هو هڪڙي اک سان کلي ٿو ۽ ٻگھي اک سان روئي ٿو.
هڪڙي ماٺ سؤ کي شڪست ٿي ڏئي.
هڪڙي هٿ سان وٺ ٻئي هٿ سان ڏي.
هو سڀني کي هڪڙي لٺ سان ٿو هڪلي.
هڪڙو اکر نه ڳالهاءِ ته ڏھ نه ٻڌين.
هڪڙي ڪني مڇي ساري تلاھ کي ڪنو ٿي ڪري.
هڪڙي نهارست خرابيون دفع ٿي ڪري.
هڪڙي بٿيءَ جا تير.
مرچون سُنڍ ڪين وينديون آهن.
هو ماڻهو آهن يا بجلي.
ماڻهوءَ کي سندس صحبت مان سڃاڻجي ۽ سون کي ڪسوٽيءَ سان.
ماڻهوءَ جو شيطان ماڻهو آهي.
وڃائڻ سکڻ آهي.
سج ڏي ٿُڪ اُڇلائبي ته منهن ۾ پوندي.
باھ ۾ ڪک پاڻ ۾ ڪين ٺهندا.
اڳيان کوه پٺيان کڏ.
باھ کي دامن سان ڍڪڻ.
سڀڪنهن بيعقل کي خبر آهي ته ڪڏهن سندس پيٽ ڀريل آهي.
هڪڙي ڳالھ ڳڙ کان مني آهي.
آرس، ننڊ ۽ اوپاسي ٽئي موت جون ڀيڻيون آهن.
هو الف بي به نٿو ڄاڻي.
ماٺ اڌرضا آهي.
سست ماڻهو هميشه بيمار آهي.
ڦَرَ وقت انب هيٺ جهڪي ٿو ۽ هيرڻ مٿي وڃي ٿو.
آنا هٿ آڻ ته ڪڪڙ گهڻا ٿينئي.
انڌي کي اکين جو قدر آهي.
انڌن کي ڊوڙڻ نه گهرجي.
اونداهو گهر نانگن سان ڀريل ٿو رهي.