پھاڪن جي حڪمت/باب پهريون/ڀاڱو ٻيون/فصل چوٿون

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
پھاڪن جي حڪمت (1925)
by مرزا قليچ بيگ
فصل چوٿون - افغاني يا پشتو پهاڪا
320069پھاڪن جي حڪمت — فصل چوٿون - افغاني يا پشتو پهاڪا1925مرزا قليچ بيگ

پاڻيءَ کان اڳ ڪپڙا لاهڻ.
جي چور دوست هجئي ته گهر پنهنجو گڏھ ٻڌي قابو ڪر.
پکي داڻو ڏسي ٿو پر ڦاهي نٿو ڏسي.
جڏهن ڪاتي ڪنڌ تي ٿي اچي تڏهن خدا ٿو ياد پوي.
جيڪي اڇو آهي سو ڪارن جي وچ ۾ چڱو ٿو چمڪي.
ماءُ ڀلي بگهياڙي هجي ته به پنهنجي ٻچي جو ماس نٿي کائي.
ٻڍي پاليل گڏھ پنهنجي ڌڻيءَ جو گهر نه سڃاتو.
جنهنکي گهر ۾ جهيڙا گهرجن سو ٻه زالون پرڻجي.
سڀڪنهن ماڻهوءَ لاءِ پنهنجو عقل بادشاھ آهي.
گدڙ پنهنجو پاڇو ڊگهو ٿو سمجهي.
جيڪو گپ ۾ ماٺ ڪري بيهندو سو گپندو ويندو.
ڍاول کي بکئي جو حال جي ڪهڙي خبر؟
ڪڪڙ ٻانگ نه ڏيندو ته به صبح ضرور ٿيندو.
دنيا هڪڙو مسافر خانو آهي.
پوک کائي ويا ڍڳا ڪَنَ وڍيا گڏھ جا.
ڪڪر ڪارو هوندو ته به منجهانس مينهن اڇو وسندو.
کاڌو ٻئي جو هر پروات ته تنهنجو هو.
ڪڇ ۾ قرآن ڏاند ۾ اکيون.
ڇتي ڪتي وانگي پاڻ کي پيو چڪ پائي.
بصر هجي ته به کلندي ڏجي.
رڇ جي دوستي رهڙڻ ۽ ڦاڙڻ.
جيڪو لوهار سان گڏ رهندو سو نيٺ پنهنجا ڪپڙا ساڙائي ويندو.
جيڪو پيار ڪندو سو پورهيو ڪندو.
اکيون وڏيون هونديون ته به ننڍڙن تارن مان ٿيون ڏسن.
ڀالي جو وڏو ڦٽ جلد ڇٽي ٿو، پر زبان جو سخت ڦٽ ڇٽڻ جو ناهي.
بيعقل جي دوستي ڄڻ ته رڇ کي ڀاڪر وجهڻ آهي.
گڏھ جي دوستي آهي ايٽيون هڻڻ.
ڏنڊو پراڻو هوندو ته به دلي ڀڃڻ لاءِ ڪافي آهي.
تنهنجو دشمن واريءَ جو رسو هجي ته به نانگ سمجهينس.
مايا انهيجي آهي جو کائي کپائي ٿو، نه انهي جي جو رکي ڇڏي ٿو.
گهوڙن پنهنجا نعل ٿي ٻڌا ته ڏيڏرن پنهنجا پير ڊگهيري ڏنا.
جيئن سج جو پاڇو پيو ڦري تيئن دنيا ۾ به بيهڪ ڪانهي.
پٺاڻ ۽ سندس ڀاءُ چاري وٺندي ٽڪر تان ڪري پيا.