پھاڪن جي حڪمت/باب پهريون/ڀاڱو ٻيون/فصل ڇهون

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
پھاڪن جي حڪمت (1925)
by مرزا قليچ بيگ
فصل ڇهون - سنڌي پهاڪا
320071پھاڪن جي حڪمت — فصل ڇهون - سنڌي پهاڪا1925مرزا قليچ بيگ

(اشارو- هيٺيان ڇھ سؤ کن سنڌي پهاڪا گهڻو ڪري يادگيريءَ تان ڏنا ويا آهن ۽ ڪي ٿورا ٻين هنڌان هٿ ڪيا ويا آهن. انهن ۾ ڪي سنڌي آهن ڪي ٿورا سرائڪي يا پنجابي، ڪي فارسيءَ ڪي هندي، جي عام رواج ۾ آهن- ڪي خاص مسلمانڪا آهن، ڪي هندڪا ۽ ڪي عام يا ٻنهي جا. گهڻا مڙئي نثر جي جملن يا فَقرنِ ۾ آهن، پر ڪي تُڪن ۾ ۽ ڪي مصواعن ۾ آهن. انهن مان جي مصراعون شاھ جي بيتن مان آهن تنجي پڇاڙيءَ ۾ اهڙو نشان ڪيو ويو آهي. ٻين ٻولين ۾ اصلاح به پهاڪن يا چَوِڻين ۾ شمار ٿيل آهن پر سنڌي اصلاح بيشمار آهن. انهن لاءِ جدا ڪتاب گهرجي. هتي فقط ڪي ٿورا ڏنل آهن جي اڪثر پهاڪن وانگي چوندا آهن. جن پهاڪن ۾ ڪي خراب لفظ هئا سي ڪڍي ڇڏيا ويا آهن. سڀ پهاڪا الف بي وار ترتيب ۾ ڏجن ٿا ته سو لائي سان لڀي سگهن.)
اَپ جي خور جي ٻئي کي چئي ته مکي کاءِ.
اَج نه ديکا لال تو ڪل ديکينگي.
آڏوءَ جي آڪھ هڪڙي.
آزمائي کي آزمائي سو ڦِر ڦِر ڇائي پائي.
آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڻي سومرا (شاه).
آھ غريبان قهر خدا.
آهي آساني پر ڪم پئي ڪَلَ پوي (شاه)
آئي ٽانڊي کي بور چياڻي ٿي ويٺي.
آئي ڪنن کي سڱ به وڍائي وئي.
اٽو باٽ جي گهر ٻاٽ.
اٽو کاڌو ڪوُئي مار پئي گابي تي.
اٽي تي اٽو کارو نه کٽو.
اٽي جو ڏيو، اندر ته کائن ڪوئا ٻاهر ته کائن ڪانگ.
اُٺ جي وات ۾ ڄار جي باس.
اُٺ ماڪوڙي جو سالو.
اُٺ نه رُنا پورا رُنا.
اپڻا عرض ڏُنهان دي چغلي.
اپڻا مال هَهيءَ، روسان به کاسان به.
اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوئي.
اچين تا آءُ وڃين ته واھ، ڪانهي ڪا ڪمال چئي.
اڇو الله ڳاڙهو رسول.
اڇي ڏاڙهي نانءُ دلبر.
ادي مئي ادو ڄائو، اسين اوتري جا اوترا.
اَسي مت کسي.
اڪ جي ماکي ناهي جو کائي وٺبي.
اک ٺهئي نه کٻڙ خان چنڊ ڏٺو.
اڪ آمونه ٿئي مَرُ ڦُٽي ڏئي ڦر.
اکيون تاعيد، ڪانهي عيد اکين ري (شاھ).
اکيون سيئي ڌارجن سين پسين پرينءَ کي (شاھ).
اکيون لڳي چار ٿينديون.
اکئين لونگ لڳا جفر ويا وسري.
اڳيان باھ پٺيان پاڻي.
اگھ ڪنهن وڌو، چي جنهنجي نه سري.
اگهيون ڪائو ڪچ ماڻڪن موٽ ٿي (شاھ).
ان جو منهن چنڊ ڏي.
انهن جون سڪون انبڻيون نه لاهين.
اندر جن جو اڌ ڏونگر سي ڏورينديون (شاھ)
انڌ ڌنڌ نگري چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا.
انڌ وٺجي، منڊ وٺجي، پر ننڍ وٺجي.
انڌو بي ايمان.
انڌو گهر الله کان ٻه اکيون.
انڌو هاٿي لشڪر جو زيان.
انڌو مڱڻهار ڏسي نه آر ڪري.
انڌي کي جهڙو تئو تهڙي آرسي.
انڌي گهوڙي ڪل ۾.
انڌي وڃي ملتان لڌو هو.
انڌيون ٻه چمڪا چار.
انگ اُگهاڙو پيٽ بُکيو.
انهي ۾ ڪا اربعا خطا آهي ڇا؟
اُڌاري جي ماءُ ڪا نه مئي آهي.
اُڻائي به وئي، پُڻاڻي به وئي، وري ڪپھ جي ڪپھ.
اَڻندو اُهائي، جيڪا ڪوريءَ من ۾.
اَوَل پيٽ پنجوُءَ جو ۽ پوءِ ٻار ٻچا.
اول خويش بعد درويش.
اول طعام پوءِ ڪلام.
اُنڌا شل آچار ڪانڌ ڪنهنسين نه ڪري (شاھ).
اِها دعا دل سان ئي نٿي لڳي.
اِها گوءِ اهو ميدان.
اهڙا موچڙا کاڌائين جهڙا اُٺ پتڻ تي کائي.
اهڙو ئي الله جو پورهيتون پيش ڪري (شاھ).
اُهو سو نئي گهوريو جو ڪنَ ڇني.
اُهو ڪي ڪجي جو مينهن وسندي (يا آئيءَ ويل) ڪم اچي.
اُهو وڻئي ڪونهي جو واءَ نه لوڏيو هوندو.
اُهو هٿ کير ۾ اُهو هٿ نير ۾.
اُهي تُنيا مري ويا جي گهٽا ڏيندا هئا.
اُهي گڏھ اهي آٿر.
ائين اچي جيئن ڍڪي گهوڙي ڦر تي اچي.
ائين ڀڳو جيئن کاري هيٺان ڪانءُ ڀڄي.
ائين ڪجي جو لال به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي.
ايرازي آندي ڳور نهاري ڳوٺ ۾.
ايندو سڀڪو ڏسي ويندو ڪو نه ڏسي.
باراز مصطفا جي خريدار خدا.
باز جي ريس ڪير اُڏاڻي چڙي، آنو هئس پيٽ ۾ پيس ڪري.
بڇڙو ڪتو ڌڻي پُڻائي.
بس الله جي وس.
بسم الله بر ((.
بک جون بسريون، رَلين جا رُمال.
بکئي کي بَٺُ به ڏور.
بکئي کي بصر سان روٽي رکيائي، سيري کان سواد ۾ ڏيڍي سوائي.
بندو خطا جو گهر آهي.
بندي جي من ۾ هڪڙي، الله جي من ۾ ٻي.
بيحيائي تي بادشاهي.
بي بي دَلَي ڍڪي ڀَلي.
بيعقل بازار ۾ سنگتي نه کڻجي ساڻ- اَول ڪُٽائي پاڻ، پوءِ سمر ڏئي ساٿين کي.
ٻه ته ٻارنهن.
ٻه جوئي کان وري به سکيو آهيان.
ٻه گدرا مٺ ۾ ڪين ايندا.
ٻارنهن گدرا تيرنهن لاڳدار.
ٻائي ٻير اڍائي سير.
ٻائي جو ٻائو، واڱڻ جو واڱڻ.
ٻٻرن کان ٿو ٻير گهري.
ٻڏندي ٻوڙن کي ڪي ماتڪ هٿ وجهن. (شاھ).
ٻڏو سهسن ڏنو ته سهسائن.
ٻڏي ٻيڙيءَ جون هريڙون به چڱيون ( يا تخت به چڱا).
ٻلي ست ڪوُئا کائي حج پڙهڻ هلي.
ٻلي شير ڪو پڙهايا ڦر شير ٻلي ڪو کاوڻ آيا.
ٻليءَ کي خواب ۾ ڇيڇڙا.
ٻن باهين جي وچ ۾ آهيان.
ٻنڌ ڀڄي ماڻهن هيڻي هنڌان.
ٻوڙو کِلي ٻه ڀيرا.
ٻيو سڀ لوڪ لباس، ڪو هڪدل هوندو هيڪڙو (شاه).
ڀاڙ جو ترو مور ٿو ٽلي.
ڀتين کي به ڪن آهن.
ڀتين تان ٿو ڀَتُ اُڇلائي.
ڀڄ سرڻ باز ٿو اچي.
ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳؤرو.
ڀڳي سان ئي ڀير جيسين رتو راس ٿئي.
ڀلن پيٽان ڍلا، ڍلن پيٽان ڀلا.
ڀلو پِير ڪي ويساھ.
ڀُلي ڀُلي ڀاڻ آئي سا به نه ڀُلي.
ڀنڀور کي باھ لڳي آهي (لائق اٿس).
ڀولڙي کي به پنهنجي زال پياري آهي.
تاڃيءَ پيٽي پٽ.
تاڙي هڪ هٿ سان نه وڄندي آهي.
تازيءَ کي اشارو ٽٽونءَ کي چهبڪ.
تتيءَ ٿڏيءَ ڪاھ، ڪانهي ويل وهڻ جي (شاھ).
تڏ وانگي مٿو ڇو ٿو هڻين؟
تِر جي گٿي سؤ چوٿون کائي.
قرت دان مها پڃ.
تڪڙو ڪم شيطان جو.
تنهنجي ئِي ڀت گهاٽو.
تيئڏا سو مئيڏا، مئيڏا سو هيِن هيِن.
تيليءَ مان بنائي ٿنڀ ڪيو اٿس.
ٿڌو دلو پاڻ کي ڇانو ۾ رکائي.
ٽِٽڻ آڻي مچائي اٿس.
ٽَٽوُن ٽوپڻ جي هتي جاءِ ڪانهي.
ٽُڪر مليو هڪڙو ڳڻي ٿي چاليھ.
ٽڪريءَ کي سؤر ٿيا آهن.
ٽيڏي پسي ٽي، هؤتا آهي هڪڙو (شاھ)
پاڙ نبين کي پيارو.
پاڻ نه پاري، ڪتا ڌاري.
پاڻي ڇو ٿو ولوڙين.
پاڻيءَ کان اڳي موزا نه لاھ.
پاڻيءَ مٿي جهوپڙا مورکه اُڃ مرن (شاھ).
پاڻهئي خبر پونديئي ته گهڻي ويهين سَؤ آهي.
پاڻهئي سئي سڳي کي سيريندي.
پٽ ٻٽيھ لکڻو، موجڙو (يا پادر) ڇٽيھ لکڻو.
پڇڻا نه منجهڻا.
پرائي دهلين احمق نچي.
پرائي ڌر تان ڌڪو به چڱو.
پرائي ماڙي ڏسي پنهنجي ڀنگي نه ڊاهجي.
پروڻ چيو ڏُنگهي کي ته هل ڙي ته ٽُنگا.
پڙهيو آهي پر ڪڙهيو ناهي.
پکن منجھ پساھ قالب آهي ڪوٽ ۾. (شاھ)
پلاھ جهڙي پد مڻي حاضر هڪي هوءِ، ريڙهي وجهينس پيٽ ۾ توڙي پيٽ ڦاٽي پوءِ.
پنج آڱريون برابر آهن.
پنجئي گھ ۾.
ٻنڻئي جو پڙو ڇنڊڻئي ۾ ويو.
پِني پني مَمَن ڄائو، تنهن ۾ به اڌ پرائو.
پنهنجو آهين پاڻ آڏو عجيبن کي (شاھ).
پنهنجو منهن پنهنجو موچڙو.
پنهنجي ٿوري گڏھ کي به پيرين پئبو آهي.
پنهنجي پير ۾ پاڻ ڪهاڙو ٿو هڻي.
پنهنجي وڍيءَ جو نڪو ويڄ نڪو طبيب.
پوڙهو اُٺ ٻه ڪنواٽ لهي.
پوءِ ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڙي لک لُٽائي.
پهاج خاطر وِھُ ٿي کائي.
پؤن ٻارنهن.
پيٽ ڪو دائيءَ کان ڳجهو آهي.
پيرين پيادو مادرزادو.
ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاھ.
ڦڳڻ ڦوسارو، راتيان سيارو، ڏينهان اُونهارو.
ڦليار ۾ ٿو ڦوڪون پئنچن جي.
جاڳندن جون وڇون ستان جا ڪؤنهان.
جت باھ ٻري اُت سيڪ اچي.
جت پُڄڻ ناهي وس اُت ڀڄڻ ڪم وريام جو.
جتي لوڀي هوندا اُتي ٺوڳي بک نه مرندا.
جِتي وڻ ناهي اُتي ڪانڊيرو به درخت آهي.
جَڏا جياري مرڪندا ماري.
جڏهوڪا مينهن تڏهوڪا پاڻي.
جَرَ نئي پر جيڏي نه نٿي.
جن آهرن ۾ کائي ڏٺو هوندو، تنکي توبرن ۾ کائڻ ڏکيو لڳندو.
جن کاڌا پلي جا پيٽارا، تنجا هينئڙا ويچارا.
جواني ديواني.
جو ڄائوئي نه هوندو سو مرندو ڪٿان؟
جو ڏاڍو سو گابو.
جهڙا روح تهڙا ختما.
جهڙا ساڍا ٻه تهڙا اڍائي.
جهڙا ڪانگ تهڙا ٻچا.
جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پرين.
جهڙو ديس تهڙو ويس.
جهڙو واءُ لڳي تهڙي پُٺ ڏجي.
جهڙي تاجي تهڙي پيٽي، جهڙي ماءُ تهڙي ٻيٽي.
جهڙي ڇالي پني وهن لاهي کڻي هُنکي ڏني.
جتي پاڙا اُتي ڍيڍوڙا.
جتي ماکي تتي مک.
جهڙو راجا تتي مک.
جهڙو راجا تهڙي پرجا.
جهڙو سنگ تهڙو رنگ.
جهڙي سَٺِ تهڙيون ٿي ويهون.
جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي.
جهڙي نيت تهڙي مراد.
جنهن اُڀرندي تاءُ نه ڪيو سو لهندي ڇا ڪندو؟
جنهنجو کائجي تنهنجو ڳائجي.
جنهنجي ماني تنهنجي ڪاني.
جنهنجي وڃجي گهر تنهنجي ڪي پَرِ.
جنهنکي اڳي اچن مڇون، تنهنجي ڏاڙهي ڪنهنکان پڇون؟
جنهنکي ساه کنئي سڌ نه پوي تنهن سان سؤر ڪيهو سلجي.
جن مُڱن کان لنگها ڀَڃن سيئي لنگهن مُڱَ.
جني لاءِ مُياس، سي ڪانڌي مون نه ٿيڙا.
جواڳي سوتڳي.
جو ڄڻي سونپائي، چوڌاري سوپاري.
جو کائي غم تنهنکي کائي جَم.
جَوَ ڍيري کڏھ رکوال.
جَوَ پوکي ڪڻڪ ڪو نه لڻندو.
جي چلھ تي سي دل تي.
جي وڙ آهن جنجاسي دڙ سيئي ڪن (شاھ).
جي ورق وراين ويھ، ته به اکر اُهوئي هيڪڙو (شاھ).
جِي کير پيءُ.
جي هِت نه هوت پس، سي ڪنهن پِرَ ڪيچ پسنديون (شاھ).
جيءُ خوش ته جهان خوش.
جيترو پَوَ تيترو ڍَوَ.
جيڏا اُٺ تيڏا پُوٽا.
جيڏهن ڪريان پر که تڏنهن سڄڻ سامهون (شاھ).
جيري لاءِ ٿو ٻڪري ڪهي.
جيسين ڍائو ٽنگ کڻي تيسين بکئي جو وڃي ساھ.
جيسين سائو کڻي ساھ بکئي جو وڃي پساھ.
جيسين لَلولٺ کڻي تيسين ڪرھ اُجهامي وڃي.
جئيسي ڪوتئيسا مِلا.
جيڪو اڌ ڇڏي سڄيءَ ڏي ڊوڙي تنهنجو اڌ به وڃي سڄو به وڃي.
جيڪو آسمان ڏي ٿڪ اڇلائيندو تنهنجي منهن ۾ موٽي پوندي.
جيڪو ڏاڍو سو گابو.
جيڪو کڏ کڻي سو ڪوريءَ وانگي پاڻ ان ۾ پوي.
جيڪو ڄاُر ٿو ڏسي سو جي مهاڻو ڏسي ته ڦاٽي مري.
جيڪي طالب تات جا تات به تني وٽ (شاھ).
جيڪي فراقان سو وصالان نه ٿئي (شاھ).
جيڪي ڪري ناڻو سو نه ڪري راڻو.
جيڪي ڪري گهر سو نه ڪري ماءُ نه پيءُ.
جيڪي ڪني ۾ هوندو سو پاٽ ۾ ٻوندو.
جيئري ڪين پڇئون مئي دٻ دٻ ڪري پٽيئون.
جئي مير ٺارو جو ڏئي ٿو اڌارو.
جئي مير غازي جنهن گڏھ ڪيا نوازي.
جيئرو ته لک جو مئو ته ڪک جو.
ڄٽ پڙهيو الله اڙيو.
ڄٽ جي عمر اڍائي کٿا.
ڄٽ ملوڪ ته به گلم جو زيان.
ڄٽيءَ سُٽ پسايو واڻئي وڌيس وٽي.
ڄچ ۾ سڃاڻيئي ڪو نه چي آءُ گهوٽ جي ڦڦي.
جڱرو ۽ ڄارا گهر مڙيئي هيڪڙو.
ڄمندي ڄام پنهو پاڳارو ٿيو.
جهل ٻُٽي آئي کُٽي.
جهنگ ۾ مينهون، ڪلن تي وڇون، چي ڌايون ڙي ڌايون.
چاردِن ڪي چاندني ڦر انڌيري رات.
چاڪرن جي اڳيان چُوڪر.
چاڪيءَ ڏاند وڃايو گهمي گهاڻي ڌاري.
چاندين مگسين وارو پر.
چُچن گهر چلا پڪا چُچا اُٿي نچڻ لڳا.
چرنديء تي چم ڪنڊيء تي رم.
چريا ڏيئي چارو اڇان وٺجي هڪڙي.
چريا پاڻ ٿياس متيون ڏيندي لوڪ کي.
چري ڦٽ ۾ خوش.
چريء جو چُوڙو ڪڏهن ٻانهن ۾ ڪڏهن ٽنگ ۾.
چريء کان پڇيائون ته ڪيئن، چي ويران وير وڌ.
چرئي کي پٽ ڄائو سوچمين ۾ ئي پورو ٿيو.
چرئي کي چوريو آهي چئن گارين لاءِ.
چرين ڪهڙا چِت مئن ڪهڙا مامرا.
چرين جا پؤر مٿي جا سوُر.
چرين کي ڪي سڱ ٿيندا آهن؟
چڪر کي لتر ملي.
چڱائي ڪجي ڄٽ ڦيري هڻي پٽ سان.
چڱائي کي چار ڳڻي هڻجن موچڙا.
چڱو جني لکيو مدوسي نه پس- توڙي روم. ( هن ته به کنڊون کائن کير سان.
چُلھ اڱارين نه ڍاپي.
چمڙي ڏيندو پر دمڙي نه ڏيندو.
چندن جي شهر ۾ ڪنڊو پٽ ڪوڙ جو.
چڻو ٽپي ٽپي بٺ ڪين ڀڃندو.
چور نه ته چاڪي سهي.
چورن جا ڀاءَ ڳنڍي ڇوڙ.
چورن مٿان موڙ پيا اڌ وراهي کڻي ويا.
چور جي ماءُ (يا ناني) گهر ڪنڊ ۾ روئي.
چَوء ڌيءَ کي ته سکي ننهن.
ڇِتو ڪتو به ڌڻي سڃاڻي.
ڇَڪ پؤَن تي اچي بيٺي آهي.
ڇلي وارن زبان.
چوڏنئي طبق روشن.
ڇوڪراڻي پوتي ڌوتي نه ڌوتي.
حاڪم جي ياري ٻه آڱر ٽاڪ ٻي سڀ واري.
حجامڙو حرامڙو.
حُجَتي لعنتي.
حرڪت مان برڪت ٿي پئي.
حيلي رزق بهاني موت.
خان سندي خاني مانيء مان معلوم ٿئي.
خدا حَقؤن به رکي ناحقؤن به رکي.
خرچ کاءُ ڏيئي شاھ.
خون کٿوري لڪڻ جو ناهي.
خيرپوري نيت بُري، هٿ ۾ قران ڪڇ ۾ ڇُري.
خير صلاح مهر الله.
دائيء کان پيٽ ڳجهو ڪونهي.
دشمن نه دوست، اوجهري نه گوشت.
دل دي قضا دل جاني ڪيا جاني قاضي.
دل کوٽي عذر گهڻا.
دلاسي دوستن جي سيءَ سڪايس کل.
دم درميان موليٰ مهربان.
دنيا آهي ڌوڙ. ڌوڙ دنيا جي منهن ۾.
دنيا پاڻيان نڪري ويو آهي.
دوا به ڪجي دعا به ڪجي.
دهلن تي دل ٿي اٿس.
دير ٻيا درست پيا.
ديسي سيڻ ڪجن پرديسي ڪهڙا پرين (شاھ)
ديوان جو دم دمڙيء جي دال تي.
ڌاريان ئي ڌار، مِٽَ مُئيء جا نه ٿيا.
ڌرت پريئي ڌرم نه ڇوڙيئي.
ڌڙ ريڍو سسي ٻاڪري.
ڌڻ ته ڌڻي نه ته، وڪڻ کڻي.
ڌڻيء ري ڌڻُ سُڃو، ڌڻ ري ڌَڻار سُڃو.
ڌوٻيءَ جو ڪتو نه گهر جو گهاٽ جو.
ڌوٻي ڌوئي ڌڻي روئي.
ڌوپي منجھ درياھ ته به اوجھ به ڇڏي اوجهري.
ڌوڙ ڇائي، ٻڪ اڍائي.
ڌوڙ ڌاڻيون اٽي ڇاڻيون.
ڌؤڙ ڌاڻيون اٽي ڇاڻيون.
ڌؤنري ۾ ڪي هو ته ڌڻين ڪين ڇڏيو.
ڌيون ڊڀؤريون آهن.
ڏات نه آهي ذات ٿي، جو وهي سو لهي (شاھ)
ڏاڙهي مٿو چٽ ڀرون شاھ بچايا
ڏاڏي آدم جي واري جو.
ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.
ڏاهو ڪانءُ ٻه ٽنگون ڦاسي
ڏٻري ڍور کي مڇر گهڻو
ڏجي نه ته ڏکوئجي به نه.
ڏٺو پير پني مراد
ڏڌو کير وري ٿڻڻ ۾ نه پوي
ڏسڻ ۾ ڪرڏور حد ٻنهي جي هيڪڙي (شاھ)
ڏک سکن جي سونهن گهوريا سک ڏکن ري (شاھ)
ڏکن پٺيان سک
ڏکڻ مينهن نه وسڻو وسي تا ٻوڙي- ڪانئر ڌ (( هڻڻو هڻي تا ٽوڙي
ڏکوين اهڃاڻ ڪلهي ڦاٽو ڪجرو (شاھ)
ڏمري ڏيھ ڌڻي نه ڏڪر ڏيکاري
ڏندن ڀڳي ڏيڏري ڪُوئي سندي جوءِ.
ڪوئو ويو ڪاٺين کي رلي پائي روءِ
ڏنو پَنو آهي
ڏنو ٿئي نه ڪِنو.
ڏنو پُٽ ڇُٽي جو.
ڏني ٻنڌن ڇني
ڏور پنديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا (شاھ)
ڏوئي ڍڪڻ گهر
ڏھ دنيا ستر آخرت
ڏُهين تائين اُڻيو اٿس
ڏئي جي هيٺان اونداهي
ڏياريءَ جو ڏيو ٻريو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو.
ڏيرياڻيون توڙ جؤن ويراڻيؤن.
ڏيڏريءَ کي به ٿو زڪام ٿئي.
ڏيهان ڏور ملڪان پري.
ڏينهن شينهن آهي.
ڊڄجي انهيکان جو درياھ پرئين پر بيهي گاريون ڏئي.
ڍنڍ شورود ڊام ڊڳڙي.
ذات تي ڏات ناهي.
راجا جي گهر ۾ ڪو موتين جو ڪال آهي؟
راجا کي وڻي سا رڻي.
رتيءَ جي رهاڻ جيءُ اڙيم جت سان (شاھ)
رٺي جو ڀاڱو مٺو.
رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورھ ٿيا.
رڍون سڀ ٻوٿ ڪاريون.
رُسي گهوٽ سان، ڳالهائي نه ڳوٺ سان.
رمضان جي چنڊ وانگي ٿا هنجو رستو ڏسن.
رن پٽ ريڍار ڪان هڻي بنڊ ۾.
رن پٽ کي لڳي ڀاڳ ته جوئاري ڀت کي ڏئي داغ.
رَنُن مڪر جنون، تِتر تار ڪنَ- رڌيون پڪُيون ڪونجڙيون اڏايون ڏين.
رِهي درياھ جي ڀرتي وير وجهي واڳن سان.
رهي راهُوجن ۾ بَهي باهوجن ۾ ڪُتي ڪونريجن جي.
زاريءَ ڌارا زور هلي ڪو نه حبيب سان (يا ڪين هلندئي ڪانڌ سان) (شاھ).
زال جو عقل کڙيءَ ۾.
زال زال جو کاڄ آهي.
زربسيار ته عشق ٺھ پھ.
زور مس ڪاوئي مهمان.
ساڌن سان سنبکه پنجن سان پُورو.
ساڌُو ٻه آڱر واڌُو.
سانن وڙهندي ٻوڙن جوکو.
ساھ مُٺ ۾ اٿس.
ساهڙ مون سينگار ماڻهن ليکي ميهڻو (شاھ).
سائڻ جو پيٽ سڙيو ڪنهين نه ڏٺو، ٻانهيءَ جو مٿو ٿو هر ڪنهن ڏٺو.
سائي کي سهي ڪو نه بکئي کي ڏئي ڪو نه.
سڀاڳا پُٽَ پينگهن ۾ پَڌرا.
سڀڪو ڪَم پرين، چَمَ پرين ڪونڪو.
سڀڪا ٻڪري پنهنجي پائي ٽنگجي.
سڀڪا وڇ ڪلي آهر ڪڏي.
سپ نڪري ويو، سڀ جو ليڪو پيو ڪٽجي.
سڀ نه ماري سپ جو سيراب ماري.
ست رڇيءَ جو به هڪ رڇيءَ ۾ ڪم ٿو پوي.
سُتي ٻلي ڪوئا ڪين ماريندي.
سج لٿي کان پوءِ اوڀر ڪانهي، ڦُڙئي کان پوءِ ڊپ ڪونهي.
سڄڻ سڄي ٻانهن ڏئي ته سڃي نه ڳهجي.
سڄن پيٽان وڍيان وڍين پيٽان سڄا.
سچ ته بيٺو نچ.
سچ جني جي سينڱ، تير نه گسي تنجو.
سچ سير، ڪاري ٻڪريءَ جو اڇوکير.
سخئي کان شوم ڀلو جو تُرت ڏئي جواب.
سِرُ ڏجي پر سُرُ نه ڏجي.
سِرَ کاري هَٿِ ٻُهاري.
سر منڊل جي ساز مان سانڊو ڇا سمجهي.
سرمو سڀڪو ئي وجهي پر اک اک جو ڦير آهي.
سُڪتڙ کان ٻڏ تڙ چڱي.
سُڪن گڏ آلا به ٻري ويندا آهن.
سَکڻي ڪُني گهڻو اُڀامي.
سڳا سيئي سيڻ، پکا جني اوڏڙا.
سڱ ۾ ساڙو رت ۾ باھ.
سلو اُهو جو انگورئين ڀلو
سمر جن نه ساڻ هوت حماني تنجو (شاھ).
سنگ تاري ڪُسنگ ٻوڙي.
سودا گر سيئي جنجو سودو الله سان.
سؤر پوي ساٽيءَ کي ڏنڀجي گڏھ.
سُري جني سيج مرڻ تن مشاهدو (شاھ).
سوکيءَ ڀائي سڀڪو اوکيءَ تون هين تون (شاھ).
سَوَڙ آهر پير ڊگهيڙ پر پٺيانس آڱارو.
سون کي ڪهڙي ڪس.
سونارو ماءُ جي نٿ مان به نه ٽري.
سونارو جو سؤ ڌڪن لهر جو هڪڙو.
سؤ تير ٻارنهن ذات.
سهيسن ڪري سينگار ته به کودڙِيءَ ڀت کودڙو.
سهڻا ٽوھ پٽن ۾ پيا آهن.
سَهي ٽنگون ٽي چوٿين ٺهئي نه.
سياري جي سوَڙ سڀڪو پاڻ ڏي سيري.
سي ڪيئن پرين پسن ڪٽر جن اکين ۾ (شاھ).
شاهدي ڏجي حق جي پاران، لٺ هڻجي ڀاءُ جي پاران.
شراع ظاهر تي آهن.
شراع هٿ وڍائي ته وڍيا وڃن.
شڪل شيطان منهن ڀولڙو.
شوروو حلال ٻوٽيون مراد.
شيخ جلال ڪتو ٻلو حلال.
شيطان جي ناني.
شيطان واري ڳُڙجي آڱر.
شينهن ۽ ٻڪري اڄ گڏ ٿيون چرن.
صدقو رد بلا.
صفا راند سونٽي جي.
طالب جي تڪرار ڏاڙهي ڏاند چري ويا.
طمع شند وتَسُ ڀريو ڀرجي ڪينڪي.
عدل ڇٽان آءُ نه ڪو ڪو ڦيرو فضل جو (شاھ).
عشق ۽ کٿوري لڪڻ جا ناهن.
عشق نه ڏسي ذات نه ڏسي ڪُذات.
عقل ٺهيس ڪو نه، ڪياڙي کڻي رکائي اٿس.
عقل ري عذاب گهڻا پسندينءَ جندڙي.
عُمر جي آشنائي سؤورھ جي ساڃاھ.
عُمَرُ نئي نئي ماروئي نيندو ڪي ٿر به ٿيلهيندو.
غربت جي زال سڀ جي ڀاڄائي.
قاصائيءَ کي ماھ جي ٻڪريءَ کي ساھ جي.
قاصداڻي ڪار ڪين رسائي ڪيچ کي (شاھ).
قاضي ڄاڻي قيام ڄاڻي.
قاضي رشوت تي راضي.
قبر ۾ ٺَهئي ڪين ختمن آڻي ڊوڙ رکي آهي.
قُبن ڪينهن پير مرشد مساڻن ۾ (شاھ).
قرض جهڙو ٻيو مرض ڪونهي.
قسمت قيد ڪياس نه ته ڪير اچي هن ڪوٽ (شاھ).
قضا پڇي نٿي اچي.
قلندرن جي پٺيان ڪيئي ڪتا پون ڀونڪن.
قهر درويش برجان، درويش.
ڪاتي ڪري گدري تي ته به گدري جوکو ۽ گدرو ڪري ڪاتيءَ تي ته به گدرو جوکو.
ڪاتيءَ ڪونهي ڏوھ ڳن وڍيندڙ هٿ ۾ (شاھ).
ڪارو ٻڌ جي ڪمري جي ڀر ۾ رنگ نه مٽائي عادت مٽائي ئي مٽائي.
ڪارو مهن ڪتي جو رب اوتِري جي اوتري.
ڪارو منهن نيرا پير.
ڪا مُنهين ۾ گهٽ نه ته سڄڻ سٻاجها گهڻو (شاھ).
ڪانگ کي لُڙ ۾ ڀاڱو.
ڪانگ مري ويا آهن جو لولو حج پڙهڻ هلندو؟
ڪانگ نه ڪُوڙا هُون پريان سندي پار جا (شاھ).
ڪانياري ٻلي ڪوئي سندي جوءِ.
ڪاني وسوڙي ته ايو ويو اکر اکي.
ڪاڻيءَ جي شاديءَ ۾ نکٽ گهڻا.
ڪاهيندڙن جي پٺ ۾ ڀڄندڙن جي اڳ ۾.
ڪتا تو به منهن تنهنجي ڌڻيءَ جو منهن.
ڪتو به کاڌو ڪُکِ به نه ڀري.
ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان؟
ڪتو ڪُڙم جو ويري.
ڪتي جا ڏند گڏھ جو ماس.
ڪتي جو پڇ نڙ ۾ به سئون نه ٿئي.
ڪُتيءَ ڪَنَ وڍيا.
ڪٿ ڍور سڃا ڪٿ چور سڃا.
ڪُڇان ته پٽجن مُڇان.
ڪَڇُن کنئي ڦڦڙ پيا ڏسجن.
ڪڃريءَ جو يار سدا خوار.
ڪڍ ڪُڪڙِ دائري مان وڻ ٿي وڃائي.
ڪرند پسند، ڏيِند لَهند.
ڪري سوپائي (ياڀري).
ڪسيري جن ڪتي کائي ٽڪي جا نان.
ڪک پئي نه سهيس ڀت پئي سهيس.
ڪک جو چور سو لک جو چور.
ڪک هيٺ لک پيو آهي.
ڪلام ڪنڌ ڀر هڻندو.
ڪم ٿورو ڦر ڦر گهڻي.
ڪم پئي ڪل پوي.
ڪم خرچ بالا نشين.
ڪم ڪم کي سيکاري.
ڪم لٿو ڊکڻ وسريو.
ڪن جي ڳالھ مير بجر مارايو هو.
ڪِن جو کلڻ کپت جهڙو ڪن جو روئڻ راحت جهڙو.
ڪنڀر جو دلو ڀڳو منهنجي مٽي جيڪي.
ڪنڊو لڳس پير ۾ کوٽي ٿو گوڏو، چي اڳ ٿو وٺانس.
ڪَنڍو ڪاپار ۾ لڳو پيو اٿس.
ڪنگر ۾ ڪڪڙا پڙي مبارڪ
ڪني آڱر ڪپي (وڍي) چڱي
ڪنهنکي ڏيان دانهن قضا قلم واهيو (شاھ).
ڪڻي گهٽ ڪاسو ڪوڏر ۽ ڪاني آهي سِرِ سڀڪنهن (شاھ).
ڪوري کڏ کڻي ته پهرين پاڻ اُن ۾ پوي.
ڪوڙ ايمان جي ڪتر آهي
ڪُور جو مَسئلو ڪوڙ.
ڪوڙي جي ڊوڙ کڏ تائين.
ڪوڙي جي منهن ۾ ڌوڙ.
ڪوڙي کي کُڻين کٽائجي
ڪُوڙي ڪتابون وچُونِ ڪجھ نه ٿيسين.
ڪُهَرَ ڪيئن جي اَن سنوان؛ موچڙن سان جي جهوليئي تنهنجي.
ڪهڙي پڇين ذات جي آياسي اگهيا (شاھ).
ڪهڻي سڀڪو ڪهي پر کرو ڪو رهڻي رهي.
ڪي اوڏائي ڏور به اوڏا سپرين (شاھ).
ڪي ڏُهائي کي ڏوھ، ڪي ساڙهي ۾ سانگڙي.
ڪيڏي ٿيو ڪوهيار، ڪيڏي ٿي هٿ کڻي (شاھ).
ڪيئن؟ چي جيئن هالا ۽ ڀينءَ کاڌي خرار کٽيو پون.
کاڌي کان ڏٺو ڀلو.
کاڌي لوھ کٽيو پون.
کاڻي مانيءَ تان کل به نٿو لاهي.
کاڻيون کچڻيون اونڌا طباق
کائڻ مهل مڙس ڪم محل ڇوڪر
کائڻ مهل کرو ڪم مهل ٻرو
کُٽو واڻيو رهيون سنڀالي
کٽيو تُنهنجو گهوريو وڃائج مَ مُور.
کَٽيو کائي فقير لٺيون جهلي ڀولڙو.
کپي وٽ ٻري تيل شابس ڏيا شابس
کچڻي ناهي جا کائي وٺبي.
کڏ گهر ۾ هجي ته ٻُهَرُ ٻاهر نه اڇلائجي.
کَلو کوھ ۾ ڇو وڌو اٿئي
کِلي ماريو کڳو جنهنکي ليکو دل سان لڳو
کُهنبي جو چٽڪو چار ڏينهن.
کنئي وٿ جو ملھ ڪونهي.
کوھ جي مٽي کوھ تائين.
کوهن جا وات بند ي وڃن پر ماڻهن جا وات بند ٿيڻ جا آهن.
کيتي سِر سيتي
گدري جي چور کي ٻه مڪون
گدڙا ڊاک نه پڄي اَکي ٿو کٽا
گدڙ جي دانهن تي سڏ نه ڏئي ته ڪوڙهيو ٿي مري.
گڏون فرستاد ڏوئي رسيد
گڏهن کي ٿا گج پائجن.
گذري سا گذري
گذريء کي وري ياد نه ڪجي
گُگر گگر پنڊا اڙيا
گنديَ ماٺيء چريو.
گنجي کي نڪا جُون نڪا ليِکه
گند گند سان نه ڌوپندو آهي، گند پاڻيء سان ڌوپندو آهي
ڳالھ مان ڳالهڙو ٿي پيو.
ڳالهين سنديون ڳالهيون ٽڪي سندا موٺ.
ڳُڙ ڄاڻي ڳڙ جي ڳوٿري ڄاڻي.
ڳنڍ جو ڳُڙهو مَتِ جو مُوزهو.
ڳوھ کي کٽي کڻي ته شڪارين جا گهر تڪي
گهر جو پِير چُلھ جو مارنگ.
گهر ڪي مُرغي دال برابر.
گهر ۾ ٻه ٺڪر به پيا ٺهڪن
گهر ۾ کلا بجا، ٻاهر شير بهادر ملي
گهر ۾ ماءُ ڌيء اڍائي ڄڻيون
گُهر جئي پاڳ ته سويل جاڳ
گهڙيُ تولو گهڙيء ماسو
گهڙيء جا گهڙيال نوان
گهڻن کنئي ڇپو کڄيو پوي
گهڻين زالين گهر نه هلي آهرين هر نه هلي
گهوٽ ڪنئارا راضي ته ڪوھ ڪندو قاضي
گهوڙن ۽ گهوٽن جيڻ ٿورا ڏينهڙا
لاڙ جو ڍڳو سِري جو ماڻهو
لالچ بُري بلا هئي
لالن لوءِ، ڪي اڳي ڪي پوءِ.
لٺ به ڏيکارجي چٺ به ڏيکارجي
لڄيون جي لاهين سيئي ٿئڙم سامان (شاھ).
لُچائي ته بادشاهي.
لڏ به ڏي لڏيندڙ به ڏي.
لڏيندين سين لڏ ته رهين تون راڄ ڪري (شاھ).
لڪيو جو فقير.
لکيا لوهاران کي ٽنگن ۾ ٽانڊا
لکيو پري ڪڏهن نه ٽري.
لکيو جو نراڙ قلم ڪياڙيء نه وهي (شاھ).
لکين ليلائون چنيسر جي راڄ (شاھ).
لڳو ته تير نه ته تُڪو.
لهي لُوڻڪ ڪين مري ٿو مريڙي کي.
مارجي ته مير نه ته چاڪر ڇا چِڪائجي.
مارڻ واري کان رکڻ وارو ويجهو آهي.
ماڪ تي موريو وتي
ماڪوڙين مارڻ ڪم نه ڪيهر شينهن جو
مال پراوا بِدھ شاهي
مانيءَ کي مزور گهڻا مزور کي ماني گهڻي.
ماڻهنجا وات ڪي بند ٿيڻ جا آهن؟
ماڻهو نه مڙئي ماڻهو پکي نه مڙئي هنج.
ماءُ ڄڻيندي پُٽڙا ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ.
ماھ جي مانيء وانگي ڦُوڪيو وتي.
ماءُ مُولي پيءُ بصر پٽ ٻنهي کان ڪَرَ.
مٿان چَکي مَکي اندر بڙُ بڙُد کي.
مٺائي سان ميٺ، حلوائيء سان وير.
مِٺي به ماٺِ مُٺي به ماٺ.
مُڇ جو وار ۽ ماڻهوءَ جو ٻار، جيئن موڙ جي تئن مڙي.
مُدعي سُست گواھ چُست.
مَرسان مرسان پر ڊڀ نه چرسان.
مرض اچي گهوڙي وانگي وڃي جؤن وانگي.
مِروان موت ملوڪان شڪار.
مري نه ميهار ته وٿاڻ ولهو نه ٿئي.
مڙس ته ڏاڙهي نه ته ٻيا رڳا ڏاڙھ.
مُڙس پوڙهو زال جوان- ننهن کي ڄاڻي ڪُکِ ڪان.
مغلن آئي فارسي وسري ويندي آهي.
مفتي منجھ وهار ته قاضيء ڪانيارو نه ٿين (شاھ).
مکڻ پئي ڪنهنجو مٿو سڙندو؟
مُکي گَهَر جو ڏُکي.
مڱيو ته اڙيو، پرڻيو ته پيو ڪاٺ- ماڻهو ڪري ماٺ ته مڙس به ويو پيسا به ويا.
مُلاَ ۽ ڀت، گهوڙا ۽ پَٽُ- هي چڙهيا ته رسا هُونَيا ته چٽ.
ملتاني گهيتلو سڀڪنهن جي پير ۾ پورو.
مِلڪ ۾ ڏيڊ کجور، ميان ليٽي باغ ۾
مُلو چور ٻانگو گواھ.
مُلو مئو محابو ويو.
ملي جي جنگ مسيت سان.
مُنهن جي ڪُونئري ڳِٽا پٽائي.
منهنجي وس واڪا ٻُڌڻ ڪم ٻروچ جو (شاھ).
منهن ۾ مسلمان اندر آزر آهيئن (شاھ).
منهن ۾ موسيٰ جهڙو اندر ۾ ابليس (شاھ).
مِني ڪوڀ ڪِني
موت پڇي نٿو اچي
موٽيا مير ڀڳا پير
موٽيا مير مانيُن تي
مُور کان لاڀ مِٺو.
مولاٰ مينهن وساءِ ڪانئر ڇُٽن ڪم کان.
مُئا پَرُ پِٽجن هيل.
مئي کان پوءِ سي اڀري نه اڀري
ميان مري ته به حلوو کائون بي بي مري ته به حلوو کائون.
ميرل شاھ جي مڏي هڪرو ڏندڻ ٻي تڏي
مڀڙو متوئي ڇڏجي.
ميديء رتا هٿڙا ڪُنگوُءَ رتا پير
مِيم ۾ ٿو مارُئي ڳائي.
ميمڻ هلي مڪي ته به سير سامهي تڪي
ميهار سچو ٿئي ته کَڙھ تي کير پياري
مينهن مان ميهار نڪتو ته پوءِ وڇن جي ڪهڙي پارت آهي؟
نا اميد نيج ته اوڏو ٿين اميد کي (شاھ).
نالو نارائڻ جو کُوهي کنگهار جي.
نالو جيو ۽ هٿ وجهي نانگ جي ٻِرن ۾
نالي ڪيس نهال اديو ان آريچن جي.
ناناڻي لڏي ويا ڪاري ڪتي ڇڏي ويا.
نانگيل ڦوسيل ڊني پٽي اوهان تي.
نانو چڙهيو واپاري کٽي کائي نانو چڙهيو چور ڦاسي اچي.
ناني رڌڻ واري ڏهٽا کائڻ وارا.
نچڻ لڳي ته پوءِ گنگهٽ ڪهڙو؟
ناني نؤري جتي ڪٿي پوري.
ناڻو شينهن جي ڪَن ۾ آهي.
نه تيڏا سُٽ نه ميري ڪپاھ.
نائي نيڻ نهار ته تو ۾ ديرو دوست جو (شاھ).
نڀاڳن جا نار واڍن چاڙهيا واٽ تي.
نه پرائي سُٽَ کي هٿ لائجي نه پنهنجو پَٽُ پُڻائجي
نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا هسوار.
نصوحي واري توبھ.
نڪا هوند نڪو شڪر
نه موسيٰ نه عيسيٰ بڙا پير پئيسا.
ننڍي واتَون وڏو ريڻ نه ڪڍجي.
ننگ جو پاڙون دوزخ ۾.
ننهن سان ڇڄي ته ڪاتي نه وهائجي.
نوڙيء مان بنائي سپ ڪيو اٿس.
نَوَن ميهارن ميهون ڌاريون کٿا لاهي دونهان ڪيائون.
نَوَ نوُ داڻي ڏھ حُقَا ته هُر لا پڪا، جي ڏھ نُوداڻي.
نَوَ حقا ته هر لا نه پڪا.
نَيء به تکي ڳُڙ به مٺو.
نئي ڪنئار نَوَ ڏينهن، ڇنڊي ڦُوڪي ڏھ ڏينهن.
نياڻي ست قرآن
نيتَ صاف مراد حاصل.
نيرو ٽيء جي ڪُن کري آهي يا گهوڙي ڏينهن جو ريائي آهي.
نيڪي برباد گناھ لازم.
نيم طبيب خطره جان نيم مُلاَ خطرھ ايمان.
نينگرِ به ننڍي جُمعا به گهڻا.
وات جي پلاھ کي گهر جو ڪهرو صرفو؟
واٽون ويھ ٿيون ڪوھ ڄاڻان ڪهڙي ويا (شاھ).
واڳ ڌڻيءَ جي وس آءُ ڪا پاڻ وهيڻي (شاھ).
واڙيء ٻارنهن هٽ اٺارنهن، گهر ويٺي چوويھ.
واڻيو وڙهي ته ڌوتي ٻڌڻ تي زور.
واھ ڙي دال تنهنجي ڪهڙي ڪجي ڳالھ.
وٽو هڪڙو کڻي نڪر گهڻن کي اچي.
وڏي يا ٻاگهي ڪي وڏيء ڌيڻس.
وڇ ڪُڏي ڪلي آهر.
وِڪاڻل گهوڙين جون ڪهڙيون بهائون.
ولايت جي ڪٻر هتي جي مينا.
وهامي ويند پاءُ گهڻا هڻيندين هٿڙا (شاھ).
وَهي نه وهي وٺ رينگٽ کي.
وئي سڱن لاءِ پڇ به وڍائي آهي.
ويٺي ڊڀ ڄمي ويندا.
هارئي کان پيتو ڀلو.
هٿان تو پيئي ٿي ڪچا ڪيچين کي ڏيئن (شاھ).
هٿ جي پُٺِ ناڻي جي مُٺ.
هٿ جي ڪنگڻ کي ڪهڙو آرسي؟
هٿ جي وڍيء جو نڪو ويو نڪو طبيب.
هٿ لڳي ته هٿ ڪارو پير لڳي ته پير ڪارو.
هٿن سان هاج ڪرنيڻن سان نهار (شاھ).
بجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو.
هڏي ته هوڏ.
هر حالا منهن ڪالا.
هرڪو پنهنجي هٽيءَ جو هوڪو ڏئي.
هرڻ جتي کائي اتي اوجھ ڏئي.
هرهارو منهن ڪارو.
هر هاري جي هير ٽنگ ڀڳي نه وڃي.
هڙ سکڻي لوڏ گهڻي.
هڙ ۾ هريڙون گوڏ ۾ ٺڪريون.
هُش ۾ خوش.
هڪ اڳئيءَ نچڻي ٻي ويتر پيس گهنڊڻي.
هڪ اڳئي رُني وري آيس بيڪان ماڻهو.
هڪڙو سيد ٻيو سپاهي تنهنکان رکج يا الاهي.
هڪڙو پنڻ ٻيو ملهائڻ.
هڪڙو ٻانهي ٻيو ٻرو.
هڪڙي ٻانهي مَنَ ۾ ٻي جا ڪندو الله (شاھ).
هڪڙي ٻيلي ۾ ٻه شينهن نه ماپندا.
هڪڙي ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن کان ڪڍيو ڇڏي.
هڪڙي مياڻ ۾ ٻه تراريون ڪين ماپنديون.
هِڪ سج ٻه پاڇا.
همت مردان مدد خدا.
هنجو ته مڪو متو آهي.
هجنا ٽپڙ ٿيشن تي رکيا آهن.
هنجي پڳ ۾ اُٺ آهي.
هندوءِ گانئن مسلمان سوئر.
هوت تنهنجي هن ۾ پڇين ڪوھ پرياڻ (شاھ).
هُهئين هوند مئي پر ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا (شاھ).
يا ته درياھ ٽپيو وڃي يا ته اڏ تي بيهو رهي.
يار به تيلي سينڌ به ميلي.
يارن سان ڪهڙا ليکا آهن؟
يا ڪن بود (اياڪ نعڊ) منجهان ڪنهين برابر ڪينڪي.