پھاڪن جي حڪمت/باب ٽيون/فصل پنجون

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
پھاڪن جي حڪمت  (1925)  by مرزا قليچ بيگ
فصل پنجون - قرآن مان

ٻين ماڻهن کي چڱائي ڪرڻ جو حڪم ٿا ڪريو ۽ پاڻ کي وساري ٿا ڇڏيو.
اڀرندو ۽ الهندو الله جو آهي، جيڏي ڦرندؤ اوڏي خدا جو منهن آهي.
اسان لاءِ اسانجا ڪم ۽ اوهان لاءِ اوهانجا ڪم.
مونکي ياد ڪريو ته آءُ اوهان کي ياد ڪريان، منهنجو شڪر ڪريو ۽ بيشڪر نه ٿيو.
هنن کان نه ڊڄو منکان ڊڄو.
فتنو ۽ فساد قتل کان به زياده سخت آهي.
اوهانجون زالون اوهانجي پوشاڪ آهن ۽ اوهين هنن جي پوشاڪ آهيو.
الله حساب وٺڻ ۾ تڪڙو آهي.
پاڻ کي هٿ سان هلاڪت نه وجهو.
الله فساد کي پسند نٿو ڪري.
سڀ ڪم الله ڏي موٽن ٿا.
الله طاقت کان وڌيڪ ڪنهنکي تڪليف نٿو ڏئي.
الله ڄاڻي ٿو ته فساد ڪندڙ ڪير آهي ۽ اصلاح ڪندڙ ڪير آهي.
جيڪي اوهين ڪريو ٿا سو سڀ الله ڏسي ٿو.
الله جنهنکي چاهي ٿو تنهنکي عزت ڏئي ٿو ۽ جنهن کي چاهي ٿو تنهنکي ذلت ڏئي ٿو.
جنهنکي حڪمت عطا ٿي تنهنکي گهڻو خير عطا ٿيو.
الله جي رسولن جي وچ ۾ ڪو به فرق ڪونهي.
مڙس زال جي برابر ناهي.
جيڪو چڱا ڪم ڪري ٿو تنهنکي پنهنجو عيوضو پورو ملي ٿو.
اوهان مان ڪنهنکي زخم رسيو ته ڄڻ ساري قوم کي زخم رسيو.
سڀڪو ماڻهو موت جو ذائقو چکندو.
الله جي ۽ رسول جي ۽ جيڪي اوهان ۾ حاڪم آهن تنهنجي فرمانبرداري ڪئي.
صلح چڱو آهي.
اي ايمان وارو، پنهنجا انجام پورا ڪريو.
رسول جي لاءِ سواءِ پيغام پهچائڻ جي ٻيو ڪي ڪين آهي.
الله جا حڪم بدلجڻ جا نه آهن.
گناھ ظاهري به ڇڏيو باطني نه ڇڏيو.
جيڪو چڱائي ڪندو تنهنکي ڏهوڻو اجر ملندو ۽ جيڪو بُرائي ڪندو سو اهڙيئي ڏسندو.
جڏهن اجل اچي ٿو تڏهن گهڙي اڳي ايندو نه گهڙي پوءِ.
ڪافر بهشت ۾ نه ويندا جيسين ڪ اُٺ سئيءَ جي پا کي مان نه لنگهندو.
گهڻن کي دليون آهن جي سمجهن نه ٿيون.
اکيون آهن جي ڏسن نه ٿيون، ڪَنَ آهن جي ٻڌن نٿا.
اُهي جانورن جهڙا آهن، بلڪ انهن کان به زياده گمراھ آهن.
اوهانجو مال ۽ اوهانجو اولاد فتنو آهي.
الله صبر وارن سان آهي.
کِلو ٿورو ۽ روئو گهڻو.
الله نيڪي ڪندڙن جو اجر نٿو وڃائي.
الله جي اوليائن کي نڪو خوف آهي نڪو ڏک.
سڀڪو موٽي الله ڏي ويندو.
نيڪيون بدين کي وٺي وڃن ٿيون.
سڀڪنهن قوم جي لاءِ هڪڙو هدايت ڪندڙ آهي.
الله ڪنهن قوم کي نٿو ڦيرائي جيسين ڪ هو خود پاڻ کي نه ڦيرائينديون.
جيڪي آسمان يا زمين ۾ آهي سو سڀ الله کي سجدو ٿو ڪري.
الله جي يادگيري دل کي تسليٰ ٿي ڏئي.
مون انسان ۾ پنهنجي روح مان ذرو ڦوڪي وڌو.
جي چڱائي ڪريو ٿا ته به پنهنجي لاءِ جي بُرائي ڪريو ٿا ته به پنهنجي لاءِ.
گهڻي اجائي خرچ ڪرڻ وارا شيطان جا ڀائر آهن.
جيڪو هن دنيا ۾ انڌو ٿي گذاريندو سو آخرت ۾ به انڌو هوندو.
الله آسمان ۽ زمين جو نور آهي.
پاڪ شيون پاڪن لاءِ پليد شيون پليندن لا3.
ڪِن جو الله سندن نفس جي خواهش آهي.
عبادت بد ڪاريء کي بچائي ٿي.
سڀني آوازن مان خراب آواز گڏھ جو آهي.
الله ڪنهن به اندر ۾ ٻه دليون نه رکيون.
مصيبت ۾ صبر ڪرڻ ۽ قصور معاف ڪرڻ وڏن ڪمن مان آهن.
جيڪو جهڙي ڪندو تنهن کي تهڙو بدلو ملندو.
دنيا جي حياتي راند ۽ کيل آهي.
علم الله وٽ آهي.
اسين ماڻهوءَ کي نڙيء جي رڳ کان به ويجها آهيون.
ايمان وارا سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهن.
الله اوهان ۾ آهي پوءِ اوهين ڇو انکي نٿا ڏسو.
انسان جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪينهي.
جتي ڪٿي اوهين اُتي الله اوهان سان آهي.
جيڪو الله تي توڪل ڪندو تنهنکي اُهو ڪافي آهي.
الله ڏکن پٺيان سک رکيا آهن.
اوهان لاءِ اوهانجو دين ۽ مون لاءِ منهنجو دين.
يتيم تي ظلم نه ڪريو ۽ سوال ڪندڙ يا پِنندڙ سان شوخي نه ڪريو.