پھاڪن جي حڪمت/باب ٽيون/فصل ڇهون

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
پھاڪن جي حڪمت  (1925)  by مرزا قليچ بيگ
فصل ڇهون- حديث مان

عمل نيتن موجب آهن ۽ نيت عمل کان بهتر آهي.
سڀڪنهن ڪم جي فتويٰ پنهنجي دل کان گهرو.
عمل پڇاڙيءَ تي منحصر آهن.
انسان جون دليون الله جي ٻن آڱرين جي وچ ۾ آهن.
علم جي ڳولا سڀني مسلمانن تي فرض آهي.
بڇڙن مان بڇڙا به عالم چڱن مان چڱا به عالم.
عبادت بهشت جي ڪنجي آهي.
نماز ۽ رب ماڻهوءَ ۽ قبلي جي وچ ۾ آهي.
قبلو اُڀرندي ۽ الهندي جي وچ ۾ آهي.
سڀڪنهن ماڻهوءَ لاءِ ڪفارت آهي.
دنيا ۾ مسافرن وانگي گذاريو.
ميت کي مائٽن جو روئڻ عذاب ٿو ڏئي.
ڏيندڙ هٿ وٺندڙ هٿ کا بهتر آهي.
سڀڪو چڱو ڪم صدقو يا خيرات آهي.
صدقو رب جي ڪاوڙ ۽ بڇڙو موت ٽاري ٿو.
ڪا به عبادت دل جي حاضريء کان سواءِ ڪانهي.
دعا عبادت جو مغز آهي.
دعا قضا کي ڦيرائي ٿي ۽ نيڪي عمر کي وڌائي ٿي.
الله جي يادگيري دل جي ڪس لاهي ٿي ۽ انهي کي روشن ڪري ٿي.
جيڪو ماڻهنجو شڪرانو ادا نٿو ڪري سو الله جو به نه ڪندو.
جنهن گناھ کان توبھ ڪئي تنهن ڄڻ ته اُهو گناھ ڪيوئي ڪو نه.
پُٽ پيُ جو ڳجھ آهي.
ڏهاڙي نوڪر کي ستر ڀيرا معافي ڏيو.
شراب دوا ناهي پر بيماري آهي.
چڱو جهاد اهو آهي جو پنهنجي سان ڪيو وڃي.
بهشت ماءُ پيءُ جي پيرن هيٺ آهي.
قوم جو سردار انجو خادم آهي.
جنگ مڪر يا ٺڳي آهي.
گهڻو کائڻ بي برڪتي آهي.
سرڪي ۽ لوڻ جهڙو ٻيو چڱو ڳنڌڻ ڪونهي.
گڏجي کائڻ ۾ گهڻي برڪت آهي.
الله ڪو به مرض نٿو موڪلي جنهنجي لاءِ دوا يا شفا نٿو موڪلي.
پهرين طعام پوءِ ڪلام ۽ پهرين سلام پوءِ ڪلام.
الله آدم کي پنهنجي صورت تي خلقيو.
سڀڪنهن ماڻهوءَ جي عمر سندن ٻن اکين جي وچ تي لکيل آهي.
جو ماٺ ڪندو سو ڇٽيندو.
ٻانهو پنهنجي زبان جي ڪري ٿِڙَڪي يا آٿِري ٿو.
گهڻو کِلڻ دل کي ماري ٿو ۽ منهن جو نور نئي ٿو.
سچ ڪڙو آهي.
ڪنهن به شيء جي محبت ماڻهوءَ کي انڌو ۽ ٻوڙو ڪري ٿي.
هڪڙو مومن ٻئي مومن جي آرسي آهي.
خلق خدا جو عيال آهي.
حسد سڀ نيڪيون کائي وڃي ٿو.
تدبير جهڙو عقل ڪونهي.
چڱو سوال اڌ علم جو آهي.
حياءُ ايمان جي ڪري آهي.
الله سهڻو آهي ۽ سونهن کي پسند ٿو ڪري.
ڪاوڙ شيطان کان آهي.
جيڪو نياز ڪندو تنهنکي خدا مٿي چاڙهيندو.
شراب پڇراين جي ماءُ آهي.
مومن جي لاءِ فتني ۽ فساد کان موت بهتر آهي.
ريا ننڍ و شرڪ آهي.
اکين ڏٺي جهڙي ٻي خبر ڪانهي.
کارڪ جي ٽڪر خيرات ڪرڻ سان به دوزخ کان بچو.
جاهل کي هيڪوڻي سزا ملندي ۽ عالم کي ستوڻي.
مومنن جي دل الله تعليٰ جو عرش يا تخت آهي يا خدا جو گهر آهي.
سڀ ماڻهو قيامت جي ڏينهن پنهنجن نيتن موجب اٿاريا ويندا.
فقيري منهنجو فخر آهي.
عبادت مومن جي لاءِ معراج آهي.
گمنامي راحت آهي ۽ مشهورائي آفت آهي.
ماڻهو اڪثر پنهنجن بادشاهن جي دين تي ٿا رهن.
جن وٽ موليٰ آهي تن وٽ سڀڪجھ آهي.
دنيا جي محبت سڀني گناهن جو مٿو آهي.
شراب پيندڙُ بت پرست جي برابر آهي.
مهمان پنهنجي روزي کنيو اچي ۽ گهر وارن جا گناھ کنيو وڃي.
تپ موت جو اڳواڻ آهي ۽ دوزخ جي باھ جو درد آهي.
سڀڪنهن بادشاهن کان رعيت جي نسبت پڇاٿيندي.