پھاڪن جي حڪمت/باب ٽيون/فصل ٻيو

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
پھاڪن جي حڪمت  (1925)  by مرزا قليچ بيگ
فصل ٻيو - زبُور مان پهاڪا

آسمانَ خدا جي وڏائي ظاهر ڪن ٿا ۽ اُڀ سندس قدرت ۽ صُنعت ٿو ڏيکاري.
ڏينهن ڏينهن سان ٿو ڳالهائي، ۽ رات رات کي خبر ٿي ڏئي.
ماڻهو تمام چڱي حالت ۾ به بي بقا آهي.
هو دولت گڏ ڪري ٿو ۽ خبر نه اٿس ته ڪير اُها هٿ ڪندو.
اُهو سڀاڳو آهي جو مسڪينن تي قياس ٿو ڪري.
منهنجي زبان چالاڪ لکندر جو قلم آهي.
هنجي وات جا لفظ مکڻ کان لسا هئا پر هنجي دل ۾ جنگ هئي.
ماڻهوءَ جي مدد اجائي آهي.
ترقي نڪي اُڀرندي کان ٿي اچي، نڪي الهندي کان، نڪي ڏکڻ کان.
خدا هڪڙي کي ڪيرائي ٿو ۽ ٻئي کي کڙو ڪري ٿو.
تنهنجي درگاھ ۾ هڪڙو ڏينهن هزارن کان بهتر آهي.
خدا جي گهر ۾ جو دربان ٿيڻ بهتر آهي جو گناهن جي تنبن ۾ رهجي.
تنهنجي نظر ۾ هزار ورھ ڄڻ ته ڪالهوڪو ڏينهن آهي جو گذري ويو.
اسانجي حياتيء جا ڏينهن ٽي ويهون ۽ ڏھ ورھ آهن، پر جي طاقت جي ڪري کڻي چارويهون ٿين.
ته به ا نهنجي طاقت ڏک ۽ ڪشالو آهي، جو اهي جلد گذري وڃن ٿا.
ماڻهوءَ جا ڏينهن گاه جي مثال آهن، جيئن ٻنيء ۾ گل تيئن هو وڌي ٿو.
خدا وند جي نظر ۾ سندس اوليائن جو موت قدر وارو آهي.
منهنجي پيرن لاءِ ڏڀو ۽ منهنجي رستي جي لاءِ روشنائي.
نه سِڄ توکي ڏينهن جو ضرب رسائيندو، نه چنڊ رات جو.
آءُ نه پنهنجن اکين کي ننڊ ڏيندس نه پنهنجن ڇپرن کي پنڪي.
ڀائر پاڻ ۾ گڏ ٿي ڪهڙو نه خوش ٿا گذارين!