پھاڪن جي حڪمت/باب ٻيو/فصل ستون

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
پھاڪن جي حڪمت  (1925)  by مرزا قليچ بيگ
فصل ستون - رشين پهاڪا

ڳئون جي زبان ڊگهي آهي پر انهيکي ڳالهائڻ ڪين ڏيندا آهن.
دل کان سواءِ مٿو رڳو پتلو آهي.
ڀريل پيٽ ڪنهنجي به صلاح ڪين مڃيندو آهي.
هو زبان سان چٽي ٿو ۽ پونين ٽنگن سان لتون هڻي ٿو.
ڏينهن جي ٻٽاڪ سج لٿي مهل هڻ.
مٺا ٻول هڏ ڀڃيون وجهن.
هڪڙي هٿ سان رڳي ڳنڍ به ٻڌي نٿي سگهجي.
شينهن کي ڦٽن جي سؤوران اصل بندوق نه هڻڻ بهتر آهي.
ڳالھ جلد ٻڌائي ٿي سگهجي پر ڪم جلد ڪري نٿو سگهجي.
گهڻا صلاح ڏيڻ وارا، ٿورا مدد ڪرڻ وارا.
چڱي مرحبا ٻليء کي به نرم ڪيو ڇڏي.
بگهڙ پنهنجا وار ڇاڻي نوان ڪڍي ٿو.
ماکيء جي پيپ ۾ ڏامر جو هڪڙو چمچو سڄي کي خراب ڪيو ڇڏي.
هڪڙي سال ۾ ٻه اونهارا ڪين ٿيندا.
رڍ کي پنهنجو پي ياد ناهي، باقي گاھ سو سدائين ياد اٿس.
سئي ننڍڙي آهي پر ڏاڍو چپي ٿي.
خدا اسانکي بيشڪ مدد ڪري ٿو پر تون به پنن ڀر نه سمهي رھ.
چڱي مٿي کي سوين هٿ آهن.
هو بگهڙ کان ڀڳو ۽ رڇ جي منهن ۾ پيو.
ماکي اگرچه مٺي آهي تڏهن به هڪڙيئي دفعي ٻه چمچا ڪين وٺبا.
هو زمين تي ڪنڌ رکي ٿو پر پنهنجي پيرن جي آڱرين کي چڪ وجهي ٿو.
زال مڙس کي ماري ڪين ٿي مگر هنجي شوخي مٿس عمل ڪري ٿي.
پنهنجو ڪپڙو ڏوھ ڀيرا ماپ ڪر، ڪتري فقط هڪ ڀيرو سگهندين.
هشيار گدڙ کي ٽي ٻِر هوندا آهن.
ريڍار رڍن جي اُن ڪتري ٿو پر انهنجي کل نٿو لاهي.
تڪڙ فقط مکين پڪڙڻ لاءِ ڪبي آهي.
ڪلئي جو ڪهڙو قصور جو مطرقو ڪاٺ ۾ ٺوڪي ٿو هڻيس.
گهوڙو گهڻو ئي تکو ڊوڙي پر پنهنجي پڇ کان ڀڄي نه سگهندو.
ماني ۽ لوڻ پٺيان اڇلائبا ته به وري اچي اڳيان پوندا.
ماءُ جي مڪ سان هڏو ڪين ڀڄي پوندو.
نشئي ڪڙمي گوگڙوءَ سان به وڙهي پئي ٿو.
پنهنجي دريء مان سارو جهان ڏسي ڪين سگهبو.
گهنڊ ماڻهنکي ديول ڏي سڏي ٿو پر پاڻ ديول ۾ نٿو وڃي.
جيڪو رڇ جو شڪار ٿو ڪري سو اُتي سمهي نه ٿو پوي.