محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/47

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم  (1911)  by لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
47. وري هڪڙو نئون دشمن

اتي وچان ئي هڪڙو نئون دشمن اچي جاڳيو. بني هوازن ۽ بني ثقيف وارا فسادي لوڪ مڪي تي چڙهي ڪري آيا پر مسلمان وڌي وڃي مڪي کان پنجن ڪوهن جي مفاصلي تي سامهون ٿين.قريشين هن لڙائي ۾ واه جي بهادري ڏيکاري يا ته حضرت محمد ﷺ جو نالو ٻڌندا هوا ته جلڪو لڳي ويندو هون يا ته اڄ ڏسو ته سر ترين تي جهلي سندس جهنڊي هيٺ پي لڙيا دشمن جي هار ٿي بني هوازن وارن کي ته مسلمانن ٻارين ٻچين کڻي قيد ڪيو ۽ سندن قلعو پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيائون باقي بني ثقيف وارا جند ڇڏائي طايف ۾ ڀڄي ويا.
طايف هڪ آباد شهر ٽڪر تي آهي ۽ مڪي کان 30 ڪوهن جي مفاصلي تي آهي بني ثقيف وارن ڀانيو ته هتي سوگها آهيون طايف وارن اڳي به حضرت محمد ﷺ جي بي ادبي ڪئي هئي.وري هن ڀيري به ڇيڙ ڇاڙ پاڻ ڪيائون.مسلمان ڪٽڪ وٺي اتن ڪاهي ويا. طايف وارن گهڻيئي ٺٽ پٽن سان هنيا ۽ حرفتون هلايون ته مسلمانن کي هڪالي ڪڍون پر هو چوگرد ويڙهي وين.آخر منهن ڀت سان ڀڳن ۽ اچي حضرت محمد ﷺ جي پيش پيا.
چيائونس ته “قلعو اوهان کي آيو پر ٿورو احسان اوهانجو اسان جي بتن جو ٻه سال نالو نه وٺجو “جواب ملين نه” تڏهين وري منت ڪيائونس “ڀلا هڪڙو مهينو ئي ته مهلت ڏيو”وري به صفا جواب ملين “نه” حضرت محمد ﷺ چين “اسلام اختيار ڪريو نه ڪريو مرضيءَ جا مالڪ آهيو.باقي آءُ اوهانجي بتن کي هينئر ڀڃان نه اهڙي ڳالهه متان ڪئي اٿو”پوءِ ته هڻي سارن سندن بتن کي ڊاهي رکيائون. هڪڙو بت هو وڏي ۾ وڏو لات ڪري ڪوٺيندا هئس طايف وارن ۾ ڏاڍو ان جو ڏکو هوندو هو جڏهين حضرت محمد ﷺ اهو ڀڃي ڇيتيون ڪيو تڏهن مڙني زالن مڙسن پٽڪو لائي ڏنو اسلام اختيار ڪيائون نه ڪيائون.حضرت محمد ﷺ به ڇڏي ڏنن.
بني هوازن وارا جي گهرن ٻارن سميت جهلجي پيا هوا تن جا ڪي وڏيرا حضرت محمد ﷺ وٽ آيا ۽ نهايت نئڙت سان نيزاري ڪيائونس ته حضرتا اسان کي معافي ملي اسان کان ئي هاڻ بلڪل پشيمان آهيون.”
حضرت محمد ﷺ کي اتن رحم به آيو پر ڳالهه سندس وس نه هئي سندن ٻار ٻچا مال متاع اڳيئي مسلمانن وراهي پتيون ڪري کڻي ڇڏيا هوا آخر صلاح ڏنائين ته”هيئن ڪريو جو اسان جنهن مهل مسجد ۾ نماز پڙهڻ وڃون.تنهن مهل اوهان اتي اچي حاضر ٿيو.اسان نماز پڙهي ويهون ته پوءِ مونکي چئجو مسلمانن کي سمجهاءِ اسان کي پنهنجا ٻار موٽائي ڏين ۽ خود مسلمانن کي چئجو ته پنهنجي نبيءَ کي منٿ ڪريو ته اسان تي رحم جي نظر ڌري.”
ٻئي ڏينهن مسلمان اچي مسجد نبوي ۾ ڪٺا ٿيا ۽ ٽه پهريءَ جي نماز پڙهي رهيا ته بني هوازن وارا به اچي حاضر ٿيا ۽ جيئن صلاح ملي هين تيئن بيهي عرض گذاريائون حضرت محمد ﷺ امالڪ اٿي چيو ته” اسان جي آڪهه کي ته جيڪي ٻانها پتيءَ ۾ پڙ پيا آهن تن تان اسان ته هٿ کنيو آزاد آهن” ٻين مسلمانن تي انجو اثر اهو ٿيو جو انهن به بني هوازن وارن سڀن کي صفا ڇڏي ڏنو اهو به خيال ڪونه ڪيائون ته هي مسلمان نه آهن سڄا سارا 6000 آدمي ٻانهپ جي ٻيلپي کان ڇٽي پيا.
بس پوءِ ته بني هوازن وارن توڙي بني ثقيف وارن وحده لاشريڪ له جي وڏائيءَ جو قائل ٿي.کڻي اسلام اختيار ڪيو.
حضرت محمد ﷺ کان اڳ ڳڻتي ڪري مديني وارن زبان وٺي ڇڏي هئي ته”خدا اوهان کي سوڀارو ڪري ۽ اوهان جا دعي مدعي رد ٿين.ته به ويچاري مديني کي وساري نه ڇڏجو وري رهجو اچي اسان وٽ” سو حضرت محمد ﷺ مڪي ۾ ڪي ٿورڙا ڏينهن رهي ساڻيهه سندي سڪ پوري ڪري موٽي مديني هليو ويو.