محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/48

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم  (1911)  by لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
48. سال وفود

مڪي وارن مڙني اسلام اختيار ڪيو ته ٻين عربن به ويرم ڪانه ڪئي.سڀ بت پرستي ڇڏي وحده لاشريڪ له جا قائل ٿي پيا ۽ پاڻ کان پاڻيهي حضرت محمد ﷺ جي ڏوريءَ ۾ ٻڌجي پيا پوءِ جيڪي مديني کي ويجها هوا تن ته حضرت محمد ﷺ وٽ اچي خود کانئس ارشاد پي ورتو ۽ جيڪي ڏوراهن ڏيهن ۾ هوا تن وري اتان ڏانهنس پنهنجا ايلچي پئي موڪليا ته وٽانئس ارشاد وٺي اچي اسلام جو جهنڊو هتي به کڙو ڪن.هجري سال 10 يا9 ۾ ايترا ته ايلچي آيا جو اسلام جي تواريخ ۾ هن سال کي سال وفود ڪري ڪوٺيو اٿن.
حضرت محمد ﷺ وٽ جيڪي به ايلچي آيا پي تن جي هن خاطر خواه سندن درجه ۽ مرتبه آهر عزت پئي ڪئي ايلچي موٽي وطن ويندا هوا ته ساڻ هڪڙو نقيب به ڏيندو هون جو سندن ڳوٺ ۾ وڃي سندن ڳوٺاين کي وعظ ڪندو هو.