محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/46

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم  (1911)  by لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
46. مڪي تي چڙاهي

عمر بن خزاعي تنهن تي حضرت محمد ﷺ وٽ اچي رت رنو. حضرت محمد ﷺ کي ڏاڍو ڪهڪاءُ آيو ۽ مسلمانن کي حڪم ڪيائين ته”ڪريو تياري قريشين تي ڪاهي هلو.” امالڪ 10،000 لشڪر اچي ڪٺو ٿيو ۽ ائين ئي مڪي ڏي روانو ٿيو ۽ ڪاهيندو مڪي جي چڪ ۾ اچي وارد ٿيو.
هيڏانهن قريشين به سانباها ته ڪيا پر اها اڳين جھريت منجهن ڪٿي هئي ڀلا هيل تائين مسلمانن جو ناماچار ساري عربستان ۾ ڦهلجي ويو هو.
ابو سفيان سندن سردار ڪنهن ڏينهن شام جو مڪي جي ٻاهران چو طرف نظر پي ٿي ڦيرائي ته پريان ڇا ٿوڏسي جو مار ماڻهن جا حشام لڳا پيا آهن ڪاٿو ئي ڪونهي.
حضرت محمد ﷺ جو چاچو حضرت عباس ڳالهائيندو هو ته ڄڻ بندوق ڇٽي آهي سندس ڀڻ ڀڻ ٿي پريان صفا پيئي ٻڌبي هئي هن وقت ڪنهن کي ڪو ويٺي چيائين ته” قريشي مٺ محبت ۾ سمجهيا ته واه واه نه ته ڄڻ ٻچي رلائينداسون اهڙي ساڻن ڪارڪنداسون جو سندن نڙي نشان نه رهندو.”
ابو سفيان جي ڪنن تي جو اهو پڙلاءُ پيو سو مڙس ڏڪندو ڏڪندو حضرت عباس وٽ آيو ۽ اچي عرض ڪيائينس ته” اوهان اسان جا بزرگ آهيو جيئن صلاح ڏيو تيئن ڪريون.”
اتي حضرت عمر ڪو ابوسفيان کي ڏسي ورتو مڙس کي باهه وٺي ويئي رڙ ڪري پڇيائين ته ”هن ڪافر کي اسانجي ڇانوڻيءَ ۾ آندو ڪنهن آهي؟” ۽ هڻي ترار ڪيائينس ٿي پورو. پر حضرت عباس سمجهايس تڏهن به مڙس نه ٺريو. حضرت تنهن تي ڀڳو حضرت محمد ﷺ وٽ تنهن حڪم ڪيو ته” متان ڪنهن ابو سفيان جي وار کي به هٿ لاتو آهي.” پوءِ ته خود ابوسفيان اچي حضرت محمد ﷺ جي حضور ۾ بيٺو. حضرت محمد ﷺ سندس گهڻي آجيان ڪئي ۽ قرب وچون ڀاڪر پائي گڏيس ابو سفيان جو پتو پاڻي ٿي ويو ۽ دين اسلام اختيار ڪري مسلمان بڻجي ويو.
مسلمانن کي جڏهن هيءَ خوشخبري رسي تڏهين خوشيون منائڻ لڳا ڀلا اهو ساڳيو ابو سفيان اڳي يا ته حضرت محمدﷺ جي خون جو پياسي هوندو هو ۽ هاڻ يا ته مرڳوئي اچي سندس سلامي ٿيو.
صبوح ٿيو ته الله اڪبر چئي سڀ مسلمان اٿي کڙا ٿيا ۽ بي ڌڙڪ مڪي ڏي ڪاهيندا ويا حضرت محمد ﷺ قصوا اٺ تي سوار هو مٿي تي ڪاروپٽڪو ٻڌل هوس ۽ نهايت بلند آواز ۽ شيرين زبان ۾ سوره انا فتحنا جون آيتون پي پڙهيائون.
مڪي کي جڏهن بلڪل ويجهو اچي پيا تڏهن ابو سفيان عرض ڪيو ته “حضرتا ! حڪم ٿئي ته هيءُ بندو قريشين کي وڃي سمجهائي من مڙن به” حضرت محمد ﷺ چيس “بيشڪ ائين ٿئي ته ٻيو اسان کي ڇا گهرجي.”
ابو سفيان ڊوڙندو ڳوٺاين وٽ آيو ۽ ڏاڍو سمجهايائين ته “ادا ڏسو ته سهين ،هيترا کٿا مٿا هنيا اٿو، ڪڏهين سوڀارا به ٿيا آهيو ؟ هاڻ به کٽندا ته هرگز ڪين. هنن پنهنجن پلون ۾ سچ پاتو آهي. اوهان کي ڪڇن ۾ ڪوڙ آهي. منهنجي ته صلاح اٿو ته هوڏ ڇڏي هلي پيش پئو، مون به ڪجهه ته حضرت محمدﷺ ۾ ڏٺو آهي تڏهين ته وڃي سندس سام پڪڙي اٿم ۽ مسلمان ٿيو آهيان.” هنده جو ٻڌڻ ته گهوٽم ٿيو آهي مسلمان سا وڦلندي وڦلندي وٽس آئي ۽ وجهندي ئي هٿ ڏاڙهيءَ ۾ ويچاري کي نهئڙو بنائي ڇڏيائين. ڌڪن بجن سان ٽپر ڪٽي رکيائينس.ڳوٺائن کي چيائين ته “متان ڙي هن مئي متين ماريي جي مت تي هليا آهيو.لتون هڻي اڦٽ ماري ڇڏيوس.”
تيتري ۾ حضرت محمد ﷺ جي اشاري تي مسلمان سارا ئي ڌوڪ ڌوڪ ڪندا اندر مڪي ۾ گهڙي پيا. قريشين ۾ هينئر وت ڪهڙو هو جو لڙن.عڪرمه بن ابوجهل جو ڪٿي ڇٻ ماريو ويٺو هو تنهن سو خالد بن وليد جي پلٽڻ وارن مان ٻن کي ماري وڌو پر خالد ڀڀڪي ڏنيس ته “ماريو ويندين رڳو حضرت محمد ﷺ جي حڪم جي دير آهي.” ته پسار ٿي ويو.قريشين جا گپا گيهه ۾ 28 ماڻهو سي مئا.ٻيا ويچارا وات ڦاڙي بيٺا رهيا ڇا ڪن؟
حضرت محمد ﷺ اٺ تي سوار هو ۽ وٺي ڪعبه کي ڦيراءُ ڏنائين پوءِ اندر ڪعبي ۾ گهڙي سڄا سارا 360 بت ڀڃي ڊاهي رکيائين. هٿ ۾ هيس لڪڙي ۽ بت جي اڳيان “قل جا الحق و زهن الباطل” چوندو لڪڙيءَ سان هڪ هڪ کي ڪيرائيندو ويو. وڏي ۾ وڏو بت هو هبل اهو رکيل به چوٽ تي هو.حضرت محمد ﷺ جي لڪڙي اوستائين نه پني تنهن تي حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنه کي ڪلهي تي چاڙهي ويهاريائين، جنهن هٿ ڊگهو ڪري هبل کي به ڪيرائي هيٺ آندو ٻيون به ڪعبي جي ديوارن تي جيڪي صورتون ۽ مورتيون چٽيل هيون. سي ساريون پاڻيءَ سان ڌوئاري ڊاهي ڇڏيائين.
پوءِ آيو ٻاهر قريشين ۾ اچي ڦرڦوٽ پيئي چي “ابا هاڻ ٿو موت رساڻيئون هيترا ڏينهن مذاقون پي ڦٻي ويون اٿون.اڄ هن جو وارو آهي.اڳيون پويون ٿو منجهان ڪسرون ڪڍيئون”انهيءَ ڊپ کان ڪيترا مڪو ڇڏي ڀڄي ويا پر حضرت محمد ﷺ امالڪ منادي ڦيرائي ته” خبردار ڪنهن به مسلمان ترار ڦيرائي آهي.مڪي وارا به شهر ڇڏي ڀڄي نه وڃن. آءٌ ڪو سندن دشمن ٿي ڪنانن بدلو وٺڻ نه آيو آهيان. اڄوڪو ڏينهن سڳورو آهي خدا پنهنجو فضل فرمايو آهي آءٌ ته وٽن آيو آهيان ته ساڻن کير کنڊ ٿي رهان.”
ٻين سڀني کي معافي ڏني ويئي فقط عڪرم بن ابوجهل کي موت جي سزا ٿي ملي ڀلا رهزن پڇاڙيءَ ۾ به مسلمانن جا ٻه خون ڪري وڌا پر عڪرم کي جو پيو سماءُ سو مڪي مان پسار ٿي ويو.گهر واريس تنهن تي لنگهي حضرت محمد ﷺ وٽ آئي. ڳچيءَ ۾ ڪپڙو پائي منٿ زاري ڪيائين ته”قبلا جيئن وڻيو تيئن منهنجي گهوٽ جو گناهه بخش ڪريو.کانئس پوءِ اسان جو گهر رلي ويندو.” حضرت محمد ﷺ سندس هيڻو حال ڏسي ماريلن مسلمانن جي وارثن کي خون جي معافيءَ تي راضي ڪيو ۽ عڪرمه جي زال کي خبر ڏنائين پوءِ هوءَ ويچاري نڪتي گهوٽ جي ڳولا ۾ آخر هٿ ڪري آيس.مڪي ۾ حضرت محمد ﷺ وٽ.حضرت محمد ﷺ ان وقت تنبوءَ ۾ ويٺو هو ۽ بت تي پورا ڪپڙا نه ڍڪيل هئس.هنن اندر گهڙڻ جي اجازت گهري ته پاڻ ڪلهن تي چادر وجهي خوشيءَ وچون امالڪ چيائين”هليا اچو”ساڻن عڪرمه جي ماءُ به هئي.اها هئي اڳيان منهن تي برقعو پيو هوس.وچ ۾ هئي نهڻس ۽ عڪرمه اصل پٺيان هو.حضرت محمد ﷺ ٽپ ڏيئي وڃي عڪرمه کي ڀاڪر پائي مليو.چادر کسڪي ويس.ان جي به سڌ ڪانه پيس.حضرت محمد جي هيتري حب ڏسي عڪرمه جي دل ڀني ۽ اسلام اختيار ڪري سندس ٻڌو ٻانهون بڻجي پيو.
حضرت محمد ﷺ جي صاحبزادي زينب جڏهن مڪي مان ڀڄي مديني ٿي آئي تڏهن هبار نالي هاتڪ وٺي اتس پٿرن جو وسڪارو ڪيو هو.بيبي ڳورهياڙي هئي ۽ ضربون اهڙيون رسيس جو پوءِ گهڻو وقت ڪونه جاليائين ستت وفات ڪيائين.اهو هبار هاڻ حضرت جي خدمت ۾ آندو ويو سڀن ڀانيو پئي ته هن کي ته حضرت ڪنهن به صورت ڪين ڇڏيندو پر حضرت درياه دل وار جو نه نالو ورتس معافي ڏيئي پنهنجو ڪري ڇڏيائينس.
ٻيو هو وڏيرو وحشي ان حصرت حمزه جو گلو ڪاٽيو هو خود حضرت محمد ﷺ خواهان هوندو هو ته ڪٿي ور ۾ اچي وڃي ته خوب منجهانئس هٿ ٺارجن.تنهن کي هينئر سندس خدمت ۾ وٺي پي آيا. هن پريان ئي واڪو ڪري چيو ته”حضرتا آءُ مسلمان ٿي آيو آهيان” بس حضرت جو ائين ٻڌڻ ۽ کڻي ماٺ ڪيائين ۽ ڪڇيائينس به ڪين.
پوءِ وارو آيو مسمات هنده جو هن ڏائڻ وارو ڪم ڪيو هو مڪي وارن کي سورهن آنا پڪ هئي ته هن جا ته برا حال ڪيا ويندا.هن وقت جڏهين حضرت جي حضور ۾ پيش پي ڪيائونس تڏهين ڪنڌ هيٺ شرم ۾ پي ٻڏي برقعو ڪري ڍڪيائين ۽ ٻين عورتن جي پٺيان ٿي بيٺي پر حضرت محمد ﷺ سڃاڻي ورتس ۽ اڳيان سڏي چيائين” هنده توکي به معافي آهي چڱو جو پڇتاءُ ڪيو اٿيئي ۽ مسلمان ٿي آهين ان ۾ تنهنجي ڀلائي آهي.”
حضرت محمد ﷺ ڪوه صفا تي ٿي ويٺو هو ۽ چئني پاسن کان قريشين جي وٽس پيهه پئي ٿي پيئي نظارو نهايت ڏسڻ جهڙو هو تن آخر سندس ئي رسول جي آڻ مڃي .کڻي اسلام اختيار ڪيو اها ڪا ٿوري ڳالهه نه هئي .”ڀلي ڀلي ڀاڻ آئي سا به نه ڀلي.”