محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/45

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم  (1911)  by لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
45. قريشي ڪوڙا

قريشين کي وري ڇٽو لڳو بني خزاع وارا مسلمانن جا طرفدار هوا قريشي وري بني بڪر وارن جا مددگار هوا .بني خزاع وارن ۽ بني بڪر وارن جي وچ ۾ اچي ڪا اڻ بڻت پيئي ٻنهي ڌرين پنهنجن حمايتن کان مدد گهري مسلمانن ته پير نه کوريو.چيائون ته “حديبه جي عهد نامي جا شرط اهڙا آهن لاچار آهيون هونءَ سر اتائون قربان آهي.” پر قريشي ڪوڙا عهدنامي جي شرطن جو ڪو ويچار نه ڪري وڃي بني بڪر وارن جا ٻانهن ٻيلي ٿيا. مطلب هون ته مسلمانن جي حمايتن جو زور ڀڄي نه رڳو ايترو پر ٻي هڪڙي ڪهني قاعدي جي انحرافي ڪيائون بني خزاع وارن وڃي ڪا ڪعبي اندر پناهه ورتي هئي اتي به کين نه ڇڏيائون. هنن پريان ئي پڪار ڪئي ته ڙي نامرادو ڪي خدا جي قهر کان ڊڄو.حرم جي بي ادبي نه ڪريو پر هنن کين ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري منجهائن ويهن ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو.
حضرت ابراهيم جي ڏينهن کان وٺي اهو قانون جاري هو ته ڪعبي اندر بلڪ ڪو خوني خون ڪري اچي پناهه وٺندو هو ته ان کي ڪجهه نه چيو ويندو هو. ڪمبختن قريشين تنهن ڏي به نه ڏٺو.