محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/44

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم  (1911)  by لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
44. ميمونه سان نڪاح

قريشين سان صلح ڪئي 12 مهينا گذري ويا آهن ۽ مسلمان حج ڪرڻ آيا آهن پر ٽي ڏينهن ٿي ويا اٿن ته به ويٺا آهن مرضي اٿن جو مڪي وارن سڀن جي ماني موڪلائي سندن شڪريو بجا آڻيون .مٿان قريشين جو قاصد اچين ٿو چي “ڙي اڃان ويٺا آهيو؟” هليا نٿاوڃو” تنهن تي حضرت محمد ﷺ پنهنجن سنگتين کي حڪم ٿو ڪري ته” امالڪ هليا هلو پل به نه ترسو” ۽ سڀ ٽپڙ ٽاڙيون ٻڌي پنڌ ٿا پون ۽ مڪي جي ٻاهران تنبو کوڙي ٿا ويهي رهن.هي حال ڏسي قريشين جي دل ڀڄي ٿي ۽ مسلمانن جي عالي همت ۽ کانڌ ۽ صبر جو اتن اهڙو اثر ٿو ٿئي جو ڳچ جيترا حضرت محمد ﷺ جي حضور ۾ اچي ڪنڌ ٿا نمائين ۽ دين اسلام اختيار ٿا ڪن خود خالد بن وليد حضرت جو جاني دشمن ۽ ناميارو شاعر عمرو بن العاص حضرت تي قصيدن ٺاهڻ وارو سي به اچي ٿا پيش پون ۽ ڪنائنس ارشاد وٺي مومن ٿين سڀن ۾ واهه واهه پئجي ٿي وڃي حضرت محمد ﷺ به انهيءَ لاءِ ته خالد بن وليد سان ناتو پڪو ٿئي کڻي سندس مٽياڻي ميمونه سان نڪاح ٿو وجهي. ميمونه ته آهي به 50 ورهين جي پوڙهي عورت. ڪي شايد چوندا ته هي مسلمانن جو نبي ڪو شهوت پرست هو جنهن تنهن سان پي نڪاح وڌائين پر انهن کي هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته شهوت جو شڪار ٿي حضرت محمد ﷺ ائين نه ٿي ڪيو سندس نيت سدائين خاصي هوندي هئي ۽ ان نيت نيار جا ڀلا ڀاڙا پي مليس ۽ سوڀارو پي ٿيو تنهن ۾ ته رتيءَ ماتر کي شڪ نه آهي.