محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/37

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم  (1911)  by لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
37. خندق جي لڙائي

ابو سفيان ماٺ ڪري ڪونه ويٺو رات ڏينهن پيو گهاٽ گهڙيندو هو ته ڪيئن مسلمانن کي اصل ڄڻ پچي ناس ڪر ڇڏجي. قريشين ۽ يهودين ۽ عربستان وارن سڀن کي پيو شورائيندو هو آخر وجهه وٺي لشڪر ساڻ ڪري اچي مديني جي چڪ ۾ ڏيرا ڏنائين.
محمد صاحب ﷺ کي خبر رسي ته ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو.مسلمانن وٽ نه لڀي سامان سڙو نه لڀي ڪارائتو هٿيار پنوهار وري به گهر ٺهيل هجي ته به جيئن تيئن. يهودين مديني وارن ته وجهه پئي ڳوليا ته ڪٿي مسلمانن تي ڪاهه ٿئي ته روه ۾ رلايون.اهو ڊپ جدا اتي سلمان فارسيءَ حضرت محمد ﷺ کي مايوس ڏسي. هي تجويز پيش ڪئي ته يڪساهيءَ مديني جي چئن پاسن کان کاهي کڻي کوٽائجي، ته پوءِ دشمن جي ڊپ کان ڇُٽي پئجي.”صلاح هئي منڊيءَ تي ٽڪ يڪدم سڀ مسلمان ڪم کي جنبي ويا. حضرت محمد ﷺ پاڻ مزورن وانگر ڪم پئي ڪيو ڀانيوو ٿا ويچارن جي دل ۾ ان وقت ڇا پي وهيو واپريو هوندو؟ دشمن آيو ڪي آيو.بس ماني پاڻي وسري وين. ڪم کي لڳا رهيا.مسلمانن جي ڪتابن ۾ آيو آهي ته اتي ڪو خدا جو بندو پوي سو هڪڙي کجور جي ٽوڪري وٽن رکي ويو. پر ڪم ڇڏي کجور ورهائي ڪير؟ آخر هڪڙو هڪڙو ٿي منجهانئس وارو ڪندو ويو.
چون ٿا ته سڀن کائي پيٽ ڀريو ته به کجور کٽو ڪونه ٽوڪري ائين جي ڀري رکي هئي.
خيرن سان کاهيءَ جو ڪم پورو ٿيو ۽ دشمن به سس ڪڍيو. مسلمانن جي پاسي به 3000 اچي مڙيا هوا. جنگ جو سامان ته خير ڪو هو.پر دل ۾ ايمان سندن جهجهو هو دشمن ڌوڪ ڌوڪ ڪندو ڪاهيندو ته آيو. پر اڳيان کاهي ڏسي وائڙو ٿي بيهي رهيو پوءِ ته ٻنهين طرفن کان تکا تير پي ڇٽا اتي حضرت محمد ﷺ کي سماءُ پيو ته بنو قريظه وارا وڃي دشمنن سان مليا آهن. حضرت محمد پنهنجن ساٿين سان صلاح ڪئي ته”هاڻي ڇا ڪجي؟ بني عطفان وارن کي مديني جو ڪجهه ڀاڱو باسي کڻي پنهنجي پاسي ڪجي؟”
تنهن تي سعد بن معاذ بنيدوس وارو اٿي کڙو ٿيو.هي وڏو دلير ۽ دلشير هو چيائين ته “حضرتا جي هي حڪم وحيءَ وٽان اوهان کي مليو آهي ته اسان جي اکين تي آهي مگر هيءُ سائين جن جو پنهنجو رايو آهي ته معاف ڪجو هن بندي کي ڪجهه چوڻو آهي.”
حضرت محمد ﷺ جواب ڏنس ته”وحيءَ وٽان مليل هجي ها ته آءٌ اوهان کان پڇان ڇو ها؟ هي منهنجو ئي رايو آهي.”
سعد چيو”تڏهين ته وڏي شرم جي ڳالهه آهي جو اسين مسلمان ٿي ڪري وڃي هنن بت پرستن جا ڍل ڀرائو ٿيون، جڏهين اسان بت پرست هوندا هئاسون تڏهين به بلڪ هنن جي وڏيري کي اسان مهمانيءَ ڌاران ڪجهه نه ڏيندا هواسون دشمن ۾ جي ايڏي طاقت آهي ته ڀل تلوار جي زور سان وڙهي اسان کان مدينو وٺن ٻيو به مئي مارائي ڌاران اسان به نه رهنداسين”حضرت محمد ﷺ کڻي ماٺ ڪئي.
لڙائي زور شور سان ڳچ ڏهاڙا لڳي رهي.نيٺ قريشين جا ٿورڙا ڪي سائو سلحدار کاهي ٽپي .هن طرف وڃي پهتا. منجهن عڪرم ابن ابو جهل ۽ عمرو ،عبدو به هوا تن سڀني
هوڪو ڏيئي چيو”آهي ڪو سورمون؟ اچي اسان سان مقابلو ڪري”هن سڏ تي سعد ۽ علي ۽ ٻيا ٿوررا ڪي مسلمان اٿيا ۽ وڃي منهن مقابل بيٺن پهرين ڇڙا علي ۽ عبدو پاڻ ۾ لڙيا ۽ عبدو مارجي ويو وري لڙائي عام طور لڳي پوءِ ته؛
بهادر گڏيا بهادرين کڙک کلول ڪن
وجهن ڌڙ ڌڙن تي هاڪاريو هڻن
ڪرن ڪنڌن نچن ،رڻ ڳچيو راڙو ٿيو

ڌرين جو نقصان ڏاڍو ٿيوآخر قريشين ڏٺو نه پناسون تڏهن پڇ پائي اٿي ڀڳا.
اتي نوفل ابن عبدالله گهوڙي سوڌو کاهيءَ ۾ ڪري پيو مسلمانن وٺي وڄايس پٿر ۽ ٺڪر تن کي چيائين”اچي ڪو اوهان جو پهلوان هتي ئي يڪي سر مون سان وڙهي ته ڏيکاريانس ڏينهن جا تارا ڪين ڪريو آهيان. تڏهين ٿا پٿر اڇلايوم؟ اها به ڪا جوان مڙسي آهي؟”
تنهن تي حضرت علي عه حضرت محمد ﷺ کان رخصت وٺي کاهيءَ ۾ ٽپي پيو نوفل کي چيائين “اجهو آيو آهيان هاڻ ڏيکار ڏينهن جا تارا؟” پوءِ ته ٻئي مڙس اٽڪي پيا سخت چٽا ڀيٽي لڳي نيٺ نوفل ڪري پيو ۽ علي سندس سر ڪپي نڪري کاهيءَ مان ٻاهر ٿيو منهن ۾ عڪرم گڏيس تنهنجي چڱي جوڙ پڄايائين اماڻي هاا نهيءَ کي به آخرت ڏي پر
هو ڪنائنس جند ڇڏائي ڀڄي ويو.
هاڻ نڪو مسلمانن ئي پاڻ ۾ سَتُ ٿي ساريو جو کاهيءَ جي پار وڃي دشمن سان چوٽ کائين نڪو وري قريشين ۾ ايتري جريت هئي جو کاهي ٽپي اچي مسلمانن سان اٽڪن.
پر مسلمانن هڪڙي ٻي کيڏ پکيڙي هڪڙي حريف کي دشمن وٽ موڪليائون ته وڃي ڪو منجهن ڦيٽارو وجهي اچ” هو پهريائين پهريائين ويو بنو قريظ وارن وٽ ڳالهين ۾ ساڻ ملي ويو آخر وجهه وٺي چيائين “اوهان ماڻهن جو عقل ڪيڏانهن ويو؟اوهان وڃي مڪي وارن سان گانڊر ٿيا آهيو اي هنن جي هار ٿي ته هنن جي موچڙي هو ته ڀڄي ويندا پنهنجي وطن ۾ پر حال اوهان جا اوهانکي ته آخر مديني ۾ ئي رهڻو آهي ڪيڏانهن ٻئي هنڌ به ته نه ڀڄي وڃو؟ هروڀرو جي هنن سان هٿ ڳنڍيو اٿو ته پنهنجي پڪي پڪائي ته ڪڍي ڇڏيو مڪي وارن کي چوائي منجو ته ڪي معزز رئيس پنهنجا اوهان وٽ ضامن طور رکن.کانئن اهو انجام به وٺو ته جيسيتائين مسلمانن جو بڻ باس نه ٿئي تيسيتائين پاڻ مديني ۾ ئي ويٺا رهن هتان هارائن ته ڳوٺ هليا وڃن” هنن کي اها پٽي پڙهائي آيو .قريشن وٽ تن کي وري هيءَ سر ڏنائين جي ڪهڙا ته اوهين ڳهيا آهيو اوهان ڀائيو ويٺا آهيو ته بنو قريظ وارا اسان جا سڄڻ آهن ايهو ته اندران مسلمانن سان ملت ۾ آهن هيئنر ڏسو اوهان سان جٺ ڪهڙي ٿا ڪن مدد لاءِماڻهو ته موڪليو ته ڏسو جواب ڪهڙو ٿو مليو چي پنهنجا ڪي معزز رئيس اسانڏي هيڏانهن ڏياري موڪليو ته اسان ڪي ضروري ڳالهيون ساڻن ڪنداسون پر خبر اٿو ته انهن کي اماڻيندا ڪيڏانهن؟سڌو مسلمانن وٽ مون ته دوست ٿي اچي اوهان کي خبردار ڪيو آهي هاڻي آهيو مرضيءَ جا مالڪ”

سچ ڪوڙ جي صفائيءَ لاءِ ابو سفيان جمع جي ڏينهن پوجارين جو بنو قريظ وارن کي نياپو موڪليو ته “سڀان ڪنداسون مسلمانن تي حملو اوهين تيار رهجو” تن جواب موڪليس ته”سڀان آهي اسانجو ست(ڇنڇر)اان آرام وٺنداسون ڪونه ٻيو ته اسانجي مدد جي اوهان کي جي گهرج آهي ته هي به شرط بجا آڻيو شرط اهي ها جي هن حريف ٻڌايا هئن.
مڪي وارن کي تنهن تن يقين ٿيو ته برابر اندر ۾ کوٽ اٿن بس حملي جو ارادو ڦٽو ڪري ويهي رهيا.انهيءَ ٻائيتال ۾هوا ته هڪڙي ڏينهن اوچتو ئي اوچتو آسمان ۾اچي غبار ٿيو.اڀ سارو ڪڪرن سان ڇانئجي ويو ڇو هو ڇتو اچي ڇٽڪيو وڏ ڦڙو مينهن اچي وٺو هيڏانهن مينهن هوڏانهن واچ قريشين جا سارائي تنبو ڪري پيا اتي منجهائن ڪنهن وٺي هلايو ته”اڙي محمد ﷺ پنهنجو جادو هلايو آهي ۽ پنهنجي فوج وٺي ڪاهي ٿو اچي” ابو سفيان جو اهو هل ٻڌو سو اوسان خطا ٿي ويس حڪم ڪيائين ته ترسو نه ڀڄي وڃو پاڻ به امالڪ هڪ مهريءَاٺ تي سوار ٿي پسار ٿي ويو.