محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/36
اتي هڪڙي نئين دشمن اچي منهن ڪڍيو بنو المصطلق وارن جو بادشاهه حارث مسلمانن تي ڪاهي ٿي آيو. پر محمد صاحب ﷺ ڳچ جيترا جوان مڙس ساڻ وٺي،واٽ تي وڃي گهٽيس ۽ شڪست ڏيئي هٽائي ڪڍيائينس دشمن جي لشڪر مان 200 آدمي قيد ٿيا ۽ لٽ ۾ به 5000 رڍون ۽ 1000 اٺ مسلمانن کي هٿ آيا.
قيدين ۾ شاهزادي جويريه به هئي. ڦرلٽ (نوٽ: هي ڦرلٽ ناهي بلڪه ان کي مال غنيمت چئبو آهي.) جو به ورهاڱو ٿيو ته جويريه ثابت ابن قيس کي پتيءَ ۾ آئي. جويريه سپاهيءَ جي سريت ٿي وهي تنهن کان ان کي عار هو سپاهيءَ کي چيائين ته “تون منهنجي پچر ڦٽي ڪر،آءٌ توکي هيتري ڪه هيتري رقم عيوض ۾ ٿي ڏيان” سپاهيءَ جواب ڏنس”چڱو” پر جويريه اها رقم آڻِ ڪٿان؟ پاڻ به بند ۾ ته سندس مائٽ به بند ۾.
آخر حضرت محمد ﷺ جي خدمت ۾ اچي عرض گذاريائين ته”آءٌ شهزادي آهيان حارٿ جي نياڻي آهيان، منهنجا بند خلاص ڪريو.آءٌ اوهان جي دين ڀيڻ ڪري نه آهيان ته به منهنجي حال تي ڪهل آڻيو.مونکي اميد آهي ته اوهان پنهنجا لائق ڪندو.”
حضرت محمد ﷺ جي دل ڀني پر ڪري ڇا؟قاعدي موجب ثابت کي به ته نه چئي ته”هن کي آزاد ڪر” نيٺ ٻيو چارو نه ڏسي باسيل رقم پنهنجي هڙون ڏيئي هن جا بند آجا ڪرايائين ۽ هڪڙي معتبر کي چيائين ته “هن کي سلامتيءَ سان سندس مائٽن وٽوڃي رساءِ”
اتي حارث به ڳچ جيترو خزانو ۽ جنسي مال ساڻ کڻي اچي مديني ۾ رسيو ٻڌائين ته حضرت محمد ﷺ هنن پنهنجا لائق ڪيا آهن سو سر ڪري حضرت جي پيرن تي رکيا. آيو ڌيءَ کي ٻانهپ کان ڇڏائڻ پر پاڻ پنهنجي خوشيءَ ٻڌو ٻانهون ٿي پيو.
حارث مسلمان ته ٿيو پر پڻ حضرت محمدﷺ کي عرض ڪيائين ته”حضرتا ! منهنجي ڌيءَ جو سڱ قبول فرمايو”حضرت محمد ﷺ انهيءَ ويچار ۾ هو ته”ڪهڙو هن کي جواب ڏيان”،ته ايتري ۾ هُل هُلي ويو ته “جويريه جو حضرت محمد ﷺ سان مڱڻو ٿي ويو.”
مسلمانن تنهن تي پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته تڏهين ته حارث جا جيڪي به عزيز خويش اسان وٽ غلام آهن تن سڀن کي ڇڏي ڏيڻ گهرجي ڇو ته حضرت جي ساهري پهر سان ٻانهپ جي بي عزتي ڪا چڱائي! حضرت محمد ﷺ جو ٻڌو ته منهنجي مريدن هي سٽ سٽي آهي تنهن به کڻي آنهن ڪئي بس جويريه سان نڪاح پڙهيو ته پيڪنس سڀني مسلمانن کي ڇڏي ڏنو. هو به مسلمانن جي فراخدلي ڏسي اچي اسلام جي ڏوريءَ ۾ ٻڌا واهه واهه پئجي وئي.