محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/35
مسلمان مديني ۾ آيا تنهن ڏينهن کان وٺي يهودين کين پائي ڏنو هيڪاري پريندي ئي مسلمانن جي بدر جي لڙائيءَ ۾ جيت ٿي سو پچڪو اچي لڳن اندر ئي جلي سڙي رک ٿي وين ڪن ته وٺي پيغمبر تي ٽوڪبازيءَ جا قصيده ٺاهيا ڪن ته وري قريشن کي شورائڻ لاءِ راڳ ٺاهيا محمد صاحب ﷺ شب ۾ گهڻو شرماين ۽ مٺ محبت ۾ سمجهاين پر اڻاسا هوا لڳو اٿليو وري به چرچ کان نه رهيا نيٺ محمد صاحب ﷺ به بر ٿي چين”هاڻ مرضي آهي اوهانجي.مسلمانن ساڻن ئي ردبدل ڪئي ته آءٌ ڪونه جهليندوسان پڄي کائجون”
هڪ لڱا اتفاق اهڙو ٿيو جو عربن جي هڪ ڪنواريءَ نينگري يهودين جي چونڪ ۾ کير پئي وڪيو يهودي اچي لڳس ته”هروڀرو منهن کول” هن نانهن ڪئي تنهن تي پوي جو هڪڙو سونارو سو مٿي تان پوتي لاهي کڻي ڦٽي ڪيائينس ڇو نه هڪڙو مسلمان به ان وقت اچي اتان لنگهي .هي حال ڏسي مڙس کي باهه لڳي ويئي.ڪڍنديئي تلوار کپ مان سوناري تي جهلي ڪري آيو.يهودين ڏٺو اسان جو ذات ڀائي ٿو مارجي سي مسلمان کي ويڙهي ويا مٿان مسلمانن جو ڪٽڪ اچي نيون! يهودين ڄاتو ٿي ته مسلمان اسان کي ماري وجهندا جتي پڄڻ نه آهي جاءِ تتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.لوه ڏيئي وڃي قلعي اندر سوگها ٿيا مسلمان به گهيرو ڪري ويهي وين.آخر جڏهن اندران پاڻي کٽن تڏهين دروازو کولي اچي مسلمانن جي پيش پيا.مسلمانن ته چيو”بس سڀن کي ماري ڪريون ٿا نگهوسار” پر عبدالله بن ابي منٿ ڪين ته”ماريون نه، فقط هن علائقي کان دعويٰ بي دعويٰ ڪريون”
ڏٻري ڍور کي مڇر انيئي گهڻو کائي.احد جي لڙائي کان پوءِمسلمان به ڏٻرا ڍور ٿي پيا سو مڇرن يهودين وري وري کين کائڻ جي ڪوشش پي ڪئي.يهودين جو مطلب هو ته مسلمانن جي مرشد کي ماري موت رسايون. شاهه شاهوڪاريءَ ته ساڻن نٿي پڄي سگهيا نيٺ هڪڙي ٻي رٿ رٿيائون.
منجهائن بنو نصير وارن هڪ ڏهاڙي مسلمانن کي دعوت چوائي موڪلي تنهن سڏ تي حضرت محمد ﷺ ابوبڪر ،عمر، علي ۽ ٻيا به گائبا سارا مسلمان سندن مڪان تي وڃي وارد ٿيا ۽ يهودين سندن مرحبا ڪري کين هڪ ڀت جي پاڙ ۾ کڻي وهاريو مڄاڻ انهيءَ ڀت تي ڪي ڇپون رکيون هيون. محمد صاحب ﷺ جي اک وڃي اتن پيئي.سمجهيائين هيءَ يهودين جي لچائي آهي.ا ُمالڪ ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ جهنگ منهن ڏيئي هليو ويو ٻين سمجهيو شايد ناڙا ڇوڙ ڪرڻ ٿو وڃي پر جڏهن ڏٺائون ڳچ پنڌ ڪري هليو ويو آهي تڏهن پاڻ به اتي پٺيانس ويا.
يهودي جهڙي پوک پوکي تهڙي لڻي مسلمان سارو ڪٽڪ وٺي اچي مٿان پين ۽ منجهن ٻاڪر ڪٽو وجهي ڏنائون.يهودي اٿي ڀڳا ۽ ڪک پن ٿي ويا. ڪن شام ۾ وڃي سام ورتي ڪن قلعي خيبر ۾ وڃي سر لڪايا. سارو سندن مال ملڪيت مسلمانن جي هٿ آيو پر حضرت محمد ﷺ پل وڌين ته اهو مال اوهان پنهنجي خانگي ورتاءَ ۾ بنهه ڪتب نه لايو سارو خير جي ڪمن ۾ صرف ڪري ڇڏيو.