محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/31

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم  (1911)  by لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
31. بدر جي لڙائي

مسلمانن بدر ۾ اچي خيما کوڙيا هوا ابو جهل به اوڏانهن وڌي وڃي سامهون ٿين. محمد صاحب ﷺ داور جي درگاهه ۾ سر نوائي وينتي ڪئي”اي عالم جا سهارا ! تون اچي هاڻي سهاءُ ٿي.هنن ايماندارن جو همراهه ٿي.يا الله اسان جي هار ٿي ته ڄڻ حق جي هار ٿي، هيڪاري آدمي بي دين ٿي پوندا.ٻنهي ڌرين کان تياريون ٿيون اول اول قريشين جا ٽي جوڌا جوان پڙ تي پڌرا ٿي بيٺا ۽ هاڪاري هوڪو ڏنائون “ آهي ڪو؟ اچي اسان سان لڙي” تنهن تي مسلمانن جي ڌر مان حمزه علي ۽ عبيده رضي الله تعاليَ عنهم نڪري نروار ٿيا.انهيءَ زماني جو رواج هوندو هو جو اهڙي نموني ڪو مهاين جي وچ ۾ مقابلو ٿيندو هو ته ٽيون وچ ۾ نه پوندو هو هن وقت به ٻنهي ڌرين وارن ماٺ ڪيو بيٺي نظارو ڏٺو.نيٺ قريشي ٽيئي مارجي ويا ۽ مسلمانن جا منهن سرها ٿيا.
قريشين پوءِ ڪيو سنباهو حملي جو وٽن ته جنگ جو سمورو ساج هڪيو هو مسلمان ويچارا مسافر ماڻهو تن وٽ سو سواءِ صداقت جي نالو الله جو هو مٿان وري سيارو ڏڪ ڏڪندو ٿڌ پي ڏنگيو.آسمان ۾ غبار اونده انڌونڪار ڪنهن ڪنهن وقت کنوڻ کنوي ٿي ته هيڪاري ڊپ وٺي ٿي ويو.لڙائي لڳي ڏاڍي مارا ماري ٿي.پر نيٺ قريشين جي هار ٿي.سندن سردار ابو جهل مارجي ويو ڪيترا قريشي قيد ڪيا ويا.
قيدين مان به اهڙا هوا جن کي ڇڏي ڏجي ها ته پڇتائين ته ڪونه ها وڌيڪ ئي خدا جي خلق کي ستائين ها سي ته امالڪ قتل ڪيا ويا. باقي ٻين کي خون جي معافي ڏني ويئي پر جن وري ڪجهه روڪڙ ڏني يا ته قول ڪيوته آئنده مسلمانن کي نه ستائينداسون سي صفا آزاد ڪيا ويا.قيدين ۾ اهڙا به ڪي هوا جي عالم ۽ داناءَ هوا تن کي حضرت محمد ﷺ چيو ته “اوهان مديني ۾ رهي ڪجهه عرصو مسلمانن جي ٻارن کي تعليم پڙهايو پوءِ اوهان کي ڇوٽي آهي هليا وڃجو.” تن آنهن ڪئي. مسلمانن کي سخت تاڪيد ڪيوويو “خبردار ڪنهن به هنن کي قيدي ڪري سمجهيو آهي يا ڪا به ساڻن بيجاءِ هلت هليو آهي.هي به اوهانجا ڀائر آهن.سندن خاطر ڪجو.”مسلمانن ان جو عمل بخوبيءَ پي ڪيو.جڏهين اهڙن عالمن مان ڪن جو نيٺ مدو پنو ۽ موٽي وطن ويا ته مسلمانن جي ساکن مان نه پيا ڍاپن چي” خدا ڀلو ڪري انهن اشرافن جو.وٽن وهٽ هڪڙو هوندو ته اهو سواريءَ لاءِ اسان کي ڏيندا هوا پاڻ پيادا هليا هلندا هوا اسانکي کارائيندا هوا ڪڻڪ جون مانيون پاڻ کجور تي ئي ويلو پاڙيندا هوا.”
هن لڙائيءَ مان مسلمانن کي گهڻو ئي مال هٿ لڳو پر ورهاڱي تان منجهن اچي ڪجهه تڪرار ٿيو تنهن تي حضرت محمد ﷺ وچ ۾ پيئي ردبدل لاهي کين ٺاهي ڇڏيو ۽ اهو مال پورا ڀاڱا ڪري سڀني سپاهين کي ورهائي ڏنو ۽ آئنده لاءِ به هدايت ڪري ڇڏيائين ته” ڪو به مال لڙائيءَ ۾هٿ لڳيو ته پنجين پتي خدا جي واٽ ۾ ڪڍجو پيغمبر جوحصو ۽ يتيمن جو ڀاڱو ۽ ٻيا خيراتي ڪم ان ۾اچي ويا باقي چار پتيون پاڻ ۾ورهائي کڻجو.”
ٻن قيدين جو قتل ٿيو تنهن لاءِ ڪي شايد محمد صاحب ﷺ تي الزام آڻيندا چوندا ته”پيغمبر جي شان وڏائي اها ڳالهه نه هئي.”پر سوال آهي ته جي محمد صاحب ﷺ هنن ٻن خونين کي ڇڏي ڏي ها ۽ هووڃي وڌيڪ خونريزي ڪن ها.جنهن جي سورهن آنا پڪ هئي ته پوءِ انهيءَ خونريزي جوالزام ڪنهن تي پوي ها.”
مسلمانن جي هيءَ سوڀ ٿي سو خوشيءَ وچون ڪپڙن ۾ نه پي ماپيا پر خوشيءَ مان اتيئي غمي ٿي پيئي.حضرت محمد ﷺ جي وڏي نياڻي رقيه عثمان جي گهر ۾ هئي ان ويچاريءَ وصال ڪيو.وري به شڪر جو ٻي ڌيڻس زينب مڪي مان جند ڇڏائي اچي هنن ئي ڏينهن ۾مديني ۾مليس. زينب ابوالعاص جي گهر واري هئي.