محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/30
تن ڏينهن مديني ۾ عبدالله بن ابي نالي ڪو بيٺل ماڻهو رهندو هو هن کي وڏي اميد هوندي هئي ته مديني وارا ڪڻم ڪڏهن نه ڪڏهن مديني جو بادشاهه ڪي سردار مڙيوئي مقرر ڪندا پر هاڻ جو ڏٺائين ته مرڳو ئي محمد صاحب ﷺ شهه ٿو ڏيئي وڃيم ۽ سڀن جي ڊوڙ ڏانهنس آهي سو ماٺ ڪري نه ويٺو قريشين کي چوائي موڪليائين اوهان بي ڌڙڪ مديني تي چڙهي ڪري اچو ته يهودين جي آءٌ ٿو اوهان کي پڪ ڏيان اوهان سان شامل ٿيندا. قريشين کي آئي هشي ۽ ڪيائون چڙهيءَ جا سنباها سندن هڪڙو وڏو قافلو شام کان ٿي آيو تنهن کي به چتاءُ ڪيائون ۽ چوائي مڪائون ته”اوهان هيڏانهن وڌجو نه اتر کان ئي مديني وارن تي حملو ڪجو اسان ڏکڻ کان سوڙهو گهٽينداسين.”
مديني وارن کي به خبر رسي ويئي ته اجهي ٿا اچن قريشي قهار هجري سن ٻيو هو رجب جو مهينو هو.ويچارا مڪي مان ڀڄي آيل رت روئڻ لڳا جي”ديس ڇڏي پرديس پنياسين اڃان خبيثن مان نٿا ڇٽون “ پر وري دل جھلي چيائون “انت نه آئي آهي ٻي ڪنهن شهر ڏانهن به نه هنئر ڀڄي نه سگهون ادي يا اودر هلو ته مڙس ٿي هلي لڙون”.بس ٺهراءُ ڪيائون ته مڪي وارا قريشي ڏکڻ کان اچن ئي اچن .تنهن کان اڳ اتر وارن کي وڃي پڄجي ۽ ڪماهڙو ڪجي جو ٻنهي طرفن وارا پاڻ گڏجن نه.
پوءِ 314 ڄڻا ننڍا وڏا مڙيئي منجهن سرتان آهولاهي پيا پنڌ پر قريشن جي سردار ابو سفيان کي ڪا خبر پئجي وئي ته مديني وارن هي سٽ سٽي آهي تنهن امالڪ ڊوڙايا سوار مڪي ڏانهن ته اچي واهر ڪريو نه ته ٿا وڃونو هزار”ڪوپا ڪليڪوڏيا سائو سلحدار”نياپوسڻي مدد لاءِ سنڀري هليا تنهن وچ ۾ ابو سفيان کي ڇو نه ڪو وجهه ملي ويو.سو اڌو گابرو قافلو ساڻ ڪري ٺڪ اچي مڪي ۾وارد ٿيو.اتان ابو جهل کي چوائي مڪائين “ته ساڳيو رستو ڏيئي باقي قافلو وٺي هاڻ تون به مڪي هليو آءُ”.پر ابو جهل جواب موڪليس ته “جيسيتائين محمد ﷺ جونانءُ صفحي هستي تان ڊاهي نه ڇڏيندس تيسيتائين آءُ نه موٽندس.”