محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/18

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم  (1911)  by لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
18. بيبي عائشه سان مڱڻو

هن وقت ڪو سندس خاص ڀائي هو ته هو ابوبڪر هنچڱي مڙس کي حضرت جي اڪيلائيءَ جو ڏاڍو الڪو هوندو هو.تنهن ارادو ڪيو ته پنهنجي نياڻيءَ عائشه کي کڻي ٿو ساڻس پرڻايان عائشه سونهن جي کاڻ هئي ۽ عمر جي بهڇوٽي هئي.محمد صاحب ﷺ سان ابوبڪر ڳالهه چوري ته محمد صاحب ﷺ کڻي مائٽي قبولي ۽ مڱڻو به ٿيو.