Jump to content

محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/17

From Wikisource
320235محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم — 17. مطعم جي مرمت1911لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي

مڪي وارن کي سماءُ رسي ويو ته طايف وارن محمد ﷺ سان هيءَ جٺ ڪئي آهي ۽ پنهنجي شهر ۾ پير نه پائڻ ڏنو اٿنس.سو پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيائون ته موٽي مڪي اچي سهي ته اسان به ڪار ساڳي ٿا ڪريونس.محمد صاحب ﷺ کي ڇو نه ان جي کڙڪ پئجي وڃي.تنهن پير جهليو ۽ پنهنجي گهرن سڃاڻپ وارن ڳوٺاين کي چوائي مڪائين ته”اوهان اسلام اختيار ڪريو نه ڪريو.مرضيءَ جا مالڪ آهيو.مونکي رڳو پاڻ وٽ اجهو ڏيو ۽ ٻي اها اجازت مليم جو ڪلام الاهي آدمين کي پڙهي پيو ٻڌايان”هنن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته اسان کي گتي ڪهڙي پيئي آهي جو هن لاءِ ويٺا ڳوٺاين جو رنج مٿي تيکڻون ۽ چوائي ٿي مڪائونس ته”اسان مان ڪوبه پاڻ وٽ پناهه نه ڏيندو مرضي آهي تنهنجي”پر اتي مطعم بن عدي اٿي کڙو ٿيو ۽ ڳوٺاين کي شرمائي چيائين “ڇا؟” اسان جو ملڪ جنهن جي هنڌين ماڳين هاڪ آهي ته سندس رهاڪو بلڪل مهمانواز آهن تن جي منهن تي اها ڳالهه پئي ٿي جو پنهنجي هڪڙي خاندانيءَ ڳوٺائي سان اهڙا بي درد ٿين جوکيس سندس گهر ۾ رهڻ نه ڏين؟” مطعم پوءِ اٺ تي سوار ٿي شهر جي دن ۾ بيهي وٺي وڏي آواز چيو ته “ٻڌو اي قوم قريش جا لوڪو ! محمد ﷺ کي اڄ کان وٺي آءٌ ٿو پنهنجي پناهه ۾ وٺان خبردار ڪنهن هن جي وار کي هٿ لاتو آهي هن جو دشمن سو منهنجو دشمن آهي.”
ماڻهو وائڙا ٿي ويا ڄڻ هٿن مان ڪي ڪري پين پڇائونس “اڙي متان تون به هن جو دين ڀائي ٿيو آهين؟جواب ڏنائين “نه نه اهو ارمان اوهان نه ڪريو اها بي ادبي آءٌ ڪريان ته پوءِ بيشڪ گنهگار آهيان.”
مطعم ۽ سندس گهر جا ڀاتي ته پوءِ وڃي حضرت محمد ﷺ کي اندر شهر ۾ وٺي آيا حضرت محمد ﷺ اتي مرضي ڏيکاري ته “هيڪر وڃي هوند ڪعبي کي ڦيرا ڏيئي اچان”مطعم چيس “بيشڪ” ۽ امالڪ آڻي اتي پهچايائينس ۽ جا مهل حضرت محمد ﷺ ڦيرا پي ڏنا سا سڀ اتس اک رکيو بيٺو هو ته ڪو قريشي ستائيس ته نه ٿو.
ڦيرا ڏيئي موٽي گهر هليو ويو اتي منهن ڏيکاري وري وعظ تي نڪتو.ان ڏينهن مطعم جي شهر ۾ ڏاڍي گلا ٿي پيئي ۽ ماڻهن سندس نسبت الاجي ڇا ڇا پي چيو محمد صاحب ﷺ کي ڳالهه ته وڻي.تنهن ٻي ڏينهن ٻاهر اچي کليءَ بازار ۾ بلند آواز هوڪو ڏنو ته”ڀائرو آءٌ مطعم جي پناهه ۾ نه آهيان منهنجو اجهو اهو الله آهي منهنجي ڪري ڪوبه اوهان مان مطعم کي نه ستائي.”
قريشين ته ائين گهريو ٿي هنن جي ته هيڪاري کڙيه ڀڳي پر رنگيءَ جا رنگ نرالا آهن ڪنهن هن جي ڳُجهه ۾ هٿ نه پاتو آهي الاجي ڪيئن ٿو پنهنجا ڪارج ڪري.
طفيل
هڪ ڏهاڙي طفيل بن عمر دوس وارن جو وڏيرن ڪنهن سٽاڻي سانگ مڪي ۾ ٿي آيو ان جي استقبال لاءِ سڀ وڏيرا مڪي جا وڃي شهر کان ٻاهر ٿي بيٺا رئيس آيو ته ڏاڍي شان ۽ مان ،ٺٺ ۽ دٻدٻي سان کيس اندر شهر ۾ وٺي ويا.خير هڪ ٻئي کان حال احوال پي ورتائون ۽ خبرون چارون پي پڇيائون ته قريشين وٺي محمد ﷺ جي دين جو ساڻس ذڪر چوريو پر اڀ اهڙا کڻي ڦاڙيائون جو سڪندر کي به شهه ڏيئي ويا چي”هن بي دين پنهنجو دين جاري ڪري اسان جي دين کي لوڙهي ڇڏيو آهي قوم اسانجيءَ ۾ ڏڦير وجهي ڏنو اٿس ڪو به ٿو سندسن ڪلام ٻڌي ته اتس چريو ٿيو ٿو پوي.اهڙو ڪو زبان ۾ جادو اٿس جو سڀني کي ڇلي ٿو وجهي بس ڏوريءَ ۾ ٻڌيو ٿو ڇڏين مٽ مائٽ ابو امان سڀ پوءِ کين وسريو وڃن ڪنهن جي
سمجهاڻي سمجهن ئي نه ڪهڙي ڳالهه ڪريون؟مائٽن کان سندن ٻار وڇوڙي ڇڏيا اٿس عزيزن جي وچ ۾ عداوت آڻي وڌي اٿس”مطلب ته مرچ مصاله گڏي ڪوڙ بدوڙ ڳنڍي اهڙا ڪري رئيس جا ڪن ڀريائون جو هن جي دل ۾ محمد صاحب ﷺ ڏانهن ايتري قدر اچي ڌڪار پئدا جو چيائون ته “محمد ﷺ جو منهن ئي نه ڏسڻو آهي؟” ۽ ٻيو ڇا ڪيائون ته پاڻ وٽ ڪپهه رکي ڇڏيائون جي متانلنگهندي پائيندي سندس آوازاچي ڪنن تي پويم ته هيءُ ڪپهه کڻي ڪنن ۾ ٽنبيندس ماڳهين سندس ڪلام ئي نه ٻڌندس ته سندس جادو به مونتي ڪونه پڙندو.”
ڪنهن ڏهاڙي اتفاق اهڙو ٿيو جو حضرت محمد ﷺ ڪٿي بلند آواز نماز پي پڙهي ته هيءُ طفيل به اچي اتان لانگهائو ٿيو ڪوشش وڏيائي ڪيائين ته ڪپهه سان ڪن ٻوٽيان پر ٻه چار تڪون نماز جون وڃي ڪنن تي پيس ۽ دل وس کان بي وس ٿي پيس ڇا ڪري لاچار اڳڀرو وڌي ماٺ ڪري بيهي نماز ٻڌائين.
حضرت محمد ﷺ گهر پهتو ته هيءُ به وڃي پنس دروازو لهرائي اندر گهڙي سر ڪري سندس قدمن ۾ رکيائين ۽ چيائينس “حضرت آءٌ اوهان جي غلامن جو غلام آهيان مون تي مهر جي نظر ڌريو”
ڌار ئين ملڪ جي هڪ نامور ۽ نامياري قوم جو نهايت معزز سرادر هئن اچي هڪڙي فقيرتن ۽ غريب عرب وٽ سر جهڪائي ڇا؟هيءُ عشق جي عمل جي ثابتي نه آهي؟”
طفيل مسلمان ٿيو ته مسلمانن سمجهيو ته اسان وڏي ڪا سوڀ کٽي آهي.طفيل ڌاريي ملڪ جو وڏيرو هو هينئر اميد ٿي ته هو پنهنجي ڳوٺ وڃي دين اسلام ڦهلائيندو .سچ پچ ٿيو به ائين پر طفيل ڏني پٺ ۽ قريشي هيڪاري اچي ٿڙيا ڪير جو جهلين ڪرين؟مسلمانن کي ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيندا هوا سندن مال متاع ڦري کين خانه بدوش ڪري ڇڏيندا هوا.محمد ﷺ سان اها گهڙي انت هوندي هئي.نه ٻاهر شهر ۾ عزت ،نه اندر گهر ۾ فرحت البت ڌيڻس فاطمه دل وٺندي هيس پر هوءَ ويچاري وري به ٻار هئي بعضي بعضي ڏانهنس نهاري نهاري پاڻ روئي ڏيندي هئي.دل اچي ڇجندي هيس کيس به پوءِ بي اختيار اکين ۾ پاڻي ڦري ايندو هو خير تڏهين به ثابت يقينو پنهنجي سرجڻهار ۾ رکندو آيو.