محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/16

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم  (1911)  by لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
16. طايف وارن وٽان تڙي

محمد صاحب ﷺ ڏٺو قريشي ماديءَ مهڙا آهن نٿا مڙن ۽ مونکي به پائي کنيو اٿن ڀلا هاڻي طايف ۾ وڃي اتي وارن کي وعظ ٿو ڪريان.زيد کي ساڻ وٺي اتي ويو سهي پر هو به اڳيئي ڇڙيا ويٺا هئس چنبوٽن جو وٺي مٿانس مينهن وسايائون ۽ ننڍڙن نينگرن کي چيائون ته “ڪريوس ايهو ايهو” شهر ۾ بيهڻ به ڪونه ڏنائونس بس هيءُ حضرت پويان پير ڪري شهرڇڏي ٻاهر هليو آيو بدن سارو ڦٽجي پيو هوس ۽ رت ٺينڊي پئي وهيس سو کجور هيٺان ٿي ويٺو ۽ ويهي رت اگهيائين پوءِ اکين ۾ آب آڻي داور جي درگاهه ۾ نهايت عاجزيءَ سان ارديسياءُ ته” اي خداوند آءٌ پنهنجي اڀرائيءَ ۽ اپلائي ،اداسائي ۽ ادور رائي جو حال ٿو ڌاران ٻئي ڪنهن سان اوريان؟ صبر جي سگهه مون ۾ باقي ڪا ائين جئين وڃي رهي آهي حيلا وسيلا به ته سڀ هلائي چڪو آهيان.ڪا رٿ ڪارگر نٿي ٿئي اٽلو ڳوٺاين ۾ ڏٺو ٿي پيو آهيان هي جڳ جا والي هي سٻاجها ستار اڌرن تڌرن ۽ اڀرن اسونهن جي اوٽ ۽ آڌار رحم ڪر رحم ڪر.هن اوکيءَ ويل اچي اوٽ ستاني ٿيءُ

هن ويلي هن وار هن ساعت سپرين
دليون دلاسو مون ڏي دل گهريا دلدار
پريم ٻيڙا پار اڪارين احسان سين
 *
تو ۾ اميد ايڏي آهه اڌين جي
سپرين سفيد ڀلي ڪر ڀلا پرين