محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/19

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم  (1911)  by لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
19. بيبي سوده سان نڪاح

پر مٿان ٻيو اچي ڪارڻ بڻيو .مڪي ۾ هڪ عورت سوده نالي رهندي هئي.پاڻ ته دين اسلام اختيار ڪيو هوائين.پر گهوٽ کي به ان جي عقيدن جو قائل ڪري ويچاري قريشن جي قهر کان ڪنبي.گهوٽ سوڌي وڃي حبش ملڪ ۾ پکو اڏي ويٺي هئي.گهوٽ ڪنوار ٻئي ڪراڙا هوا گهوٽ ڪيو وصال ته پٺيان ڪراڙي سا ڏتڙجي ويئي.پر ڪنهن کي اتس ڪهل آئي.سو واري وطن وٺي آيس هيءَ لنگهي آئي محمد صاحب ﷺ وٽ ڳچيءَ ۾ ڪپڙو پائي وينتي ڪيائينس”حضرتا ! آءٌ اوهان جي سام ۾ اچي پيئي آهيان بس مونسان نڪاح وجهو مونکي ڪا ٻي لالچ ڪانهي آءٌ ڪراڙي آهيان مگر دل اٿم ته اوهانجي حرم ۾ داخل ٿيان اهو شرف مليم.”
حضرت محمد ﷺ ڏٺو ته هن جي لت ڳري ٿي.اڳين نبين جي فرمودي موجب انڪار به ته نه ڪبو.” نيٺ هن سان کڻي نڪاح وڌائين.