محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/08

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم  (1911)  by لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
08. مشاهدو

نيٺ مالڪ جي اتس مهر ٿي جو الهام الاهي جو چشمو سندس دل ۾ ڦٽو ۽ نور خداونديءَ جو چمڪار اتس چمڪيو ۽ اهڙو اتس ايڇپو ٿيو جو هو مالڪ جي مرضي معلوم ڪري سگهيو هينئر يقين ٿيس ته اپئڻهار مونکي اپايو ئي ان لاءِ آهي جو آءُ پنهنجي ڳوٺاين جا خلاق سڌاريان ۽ ملڪ جا گهڙا ڀريان.ان زماني ۾ اڪثري غيبي آواز پيو ٻڌندو هو ۽ جاڳندي ستي ڀانت ڀانت جا رنگ روپ پيو پسندو هو.چاليهن ورهن جو ٿيو ته هڪ ڏهاڙي غار حرا ۾ ويٺي ويٺي ڇا ٿو ٻڌي جو ڪو پڪاري بيٺو چويس ته”هي تون پڙهه”
حضرت محمد ﷺ پڙهي ڄاڻان ئي ڪين ٻه ڀيرا ٻيا به هن چيس ته “هي تون پڙهه”پر اهي ٻئي ڀيرا به حضرت محمد ﷺ جواب ڏنس ته “پڙهي ڄاڻان ئي ڪونه” تنهن کان پوءِ هن چيس ته “پڙهه پنهنجي پروردگار جي نانءُ(جي برڪت) سان جو اپئڻهار آهي.جنهن جميل لوهوءَ مان انسان جهڙو حڪمت ڀريو جسم جوڙيو آهي.پڙهه پنهنجي پروردگار جي نانءُ(جي برڪت) سان جو ڪئين ڪرمن ڪرڻ وارو آهي جنهن قلم جي وسيلي علم سيکاريو ۽ آدميءَ کي اهي ڳالهيون ڄاڻايون جن جي هن کي سڌ نه هئي.”