محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/09

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم  (1911)  by لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
09. پهريان مسلمان

حديث ۾ آيو آهي ته هن تان حضرت محمدﷺ البت گهٻرائجي ويو ۽ جنسي لڱن کي ڏڪڻي وٺي ويس.گهر موٽي ساري ڳالهه گهر واريءَ سان ڪيائين.تنهن تسلي ڏنيس ته “انهيءَ ۾ ضرور ڪا چڱائي آهي.آءٌ ڄاڻان ٿي اوهان خدا جا پيغمبر آهيو ۽ آءٌ اوهان تي ايمان آڻيان ٿي.”
بيبي خديجه جو هڪ سوٽ ورقه بن نوفل اکين سڄو ،جهوڙ پڙيو مڙس عيسائي هو.بي بي صاحبه ان سان اها ڳالهه ڪڍي تنهن ٻڌي چيس ته”اڙي ائين؟ هيءُ ته تڏهين خدا جو رسول آهي جنهن جي اچڻ جو اشارو حضرت عيسيٰ عليه السلام ڪري ويو آهي.”پوءِ حضرت محمد ڏي مهاڙ ڪري کيس چيائين “حضرتا ! ارمان رڳو اهو آهي جو هاڻ سورن جي سوکڙي اوهان لاءِ پئي ٿي تيار ٿئي.جن لاءِ اوهان جو اندر الاجي ڪيئن پيو ٿئي ۽ جن کي اوهان هن پڄاڻان سچي تعليم ڏيئي حق تي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو،سي ئي اوهان سان ڪٽي نانگه وارو وير وجهندا ۽ بيٺو نه سهندو.” هن حضرت کي حيرت لڳي ۽ پڇيائين”سو وري ڪيئن؟” هنن کي مون لاءِ هيترو قرب.مونسان هيتري محبت.”
ورقه: بيشڪ پر هيئنر اور زمانو ٿو شروع ٿئي پنهنجين اکين سان ويٺا ڏسجو خير! ورقه بن نوفل به اُتس ايمان آندو تنهن کان پوءِ خود محمد ﷺ جو سوٽ علي بن ابي طالب نون ورهين جو نينگر سو به اچي ان دين ۾ داخل ٿيو.
حضرت محمد اڪثري ،خديجه ۽ علي کي ساڻ ڪري مڪي جي چڪ ۾ جي پهاڙ آهن ،اوڏانهن هليو ويندو هو ۽ اتي الله تعاليٰ جي عبادت ۾ رُڌو رهندو هو.ڪنهن ڀيري ابو طالب اچي اتان نڪتو ۽ کين اور نموني ۾ عبادت ڪندو ڏسي ڀائيٽي کان پڇيائين ته “اي نور چشم تو هي مذهب ڪن سندو اختيار ڪيو آهي؟”حضرت محمد ﷺ ٺهه پهه ورندي ڏنيس “چاچا جان هي مذهب خدائي ،سندس فرشتن جو آهي ان جي پيغمبرن جو آهي اسان جي ڏاڏي حضرت ابراهيم عليه السلام جو آهي اپائڻهار مونکي اپايو انهيءَ لاءِ آهي ته آءٌ سندس ڀللن ۽ گمراهه ٿيلن بندن کي سنئين رستي لايان اوهان به اچو بت پرستي ڇڏي مذهب خدائي اختيار ڪريو ۽ ان جي ڦڪلائڻ ۾ مون سان مددگار ٿيو.” ابو طالب جواب ڏنس”دل چيو نٿي ڪري جو هن عمر ۾ ابن ڏاڏن جو دين ڌوئي ڇڏيان مگر منهنجو سخن اٿيئي ته منهنجو جيسيتائين سر سلامت آهي.تيسيتائين تنهنجو وار نه ونگو ٿيڻ ڏيندس.”ابو طالب پوءِ پٽ کان پڇيو ته “ابا تو به اهيوئي مذهب اختيار ڪيو آهي ڪيئن”
علي رضه:جي هان قبله عالم
ابو طالب :چڱو ڪيو اٿيئي
هن پڄاڻان سنت زيد بن حارث اسلام اختيار ڪيو ۽ پڻ ابوبڪر حضرت محمد ﷺ تي ايمان آندو.ائين ڌيري ڌيري مسلمانن جو عدد ويو وڌندو.