قديم سنڌ جا ستارا/فصل 4

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
قديم سنڌ جا ستارا  (1923)  by مرزا قليچ بيگ
فصل 4: ڪوهستان، ڪڪراله، ساڪرهه ۽ آسپاس جو ملڪ

1_ شاهه عنايت ا صوفي: پٽ مخدوم فضل ا جو ۽ سندس وڏا، جي سڀ ڪامل درويش ٿي گذريا، سو اصل نصريه جو ويٺل هو، جو ڳوٺ بٺوري جي پر ڳڻي ۾ هو. هُو پاڻ ته مشهور ڪامل درويش هو ۽ وڏا سير سفر ڪيائين. اهو ڳوٺ اصل متعلوي سيدن جو هو، جن مان پهرين سيد عبدالڪريم شاهه بلڙيءَ وارو مخدوم فضل ا جي پڙ ڏاڏي مخدوم صدن جو مريد ٿيو. شاهه عنايت دکن هندستان ۾ وڃي برهانپور شهر ۾ شاهه عبدالملڪ جي صحبت حاصل ڪئي ۽ پنج ورهيه انهيءَ جي ارشاد هيٺ ڌاڍيون رياضتون ڪڍيائين ۽ ظاهري علم جي تحصيل شاهجھان آباد جي شاهه غلام محمد وٽ ڪيائين ۽ انهيءَ جو مريد ٿيو ۽ انهيءَ سان گڏ شاهه عبدالملڪ کان اجازت وٺي ٺٽي ۾ آيو، پر اتي جي عالمن شاهه غلام محمد تي اعتراض آندو ۽ تعذير ڏيڻ گھريائون، تنهنڪري موٽي شاهجھان آباد ۾ آيو. شاهه عنايت ٺٽي مان لڏي ميرانپور ڳوٺ ۾ آيو، جنهن کي جھوڪ ٿا چون، اتي خانقاهه بنائي ويٺو ۽ هزارين مريد ٿيڻ لڳس. گھڻي رجاعت ۽ گوڙ هئڻ ڪري، شاهه ڪريم پوٽا سيد سندس حاسد ٿيا ۽ دهليءَ جي بادشاهه تائين مٿس فريادي ويا ته فساد پرپا ٿو ڪري. ٺٽي جي حاڪم نواب اعظم خان به انهن جي پٺڀرائي ڪئي. آخر بادشاهه جي حڪم سان هڪ وڏو لشڪر آيو ۽ سنه 1130هه ۾ شاهه عنايت کي شهيد ڪيائون. هن سيد جو مفصل احوال اسان جي سنڌ جي تاريخ ۾ آهي. هن جا گھڻائي مريد سنڌ ۾ يا ٻاهر هئا. سيد جان شاهه روهڙيءَ وارو، جنهن جو پهرئين فصل ۾ ذڪر آيو آهي، اهو هن جو مريد ۽ خليفو هو، شاهه عنايت عالم فاضل هو ۽ شاعر به هو. سندس فارسي ۽ سنڌي شعر به موجود آهي.

2_ ڪڪراله ۾ ٻيا به ڪيترا عالم فاضل بزرگ ٿي گذريا آهن. انهن مان ٻه_ٽي هتي ڏجن ٿا: ابو علي سنڌي بايزيد بسطامي مشهور اولياءُ جو استاد چوڻ ۾ ٿو اچي. شيخ عيسيٰ سنڌي، جنهن جو لقب ”جندالله“ هو، سو محمد غوث گوالياريءَ جو خليفو هو ۽ مشهور عالم ٿي گذريو. شيخ يوسف سنڌي جي بابت ته ابوالفضل علامي، اڪبر بادشاهه وارو لکي ٿو ته خود سندس ڏاڏي شيخ خضر، هن سنڌي بزرگ کان گھڻو فيض پرايو.