قديم سنڌ جا ستارا/فصل 3

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
قديم سنڌ جا ستارا  (1923)  by مرزا قليچ بيگ
فصل 3: نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) درٻيلو، بدين ۽ آسپاس وارو ملڪ

1_ قاضي ابراهيم: ۽ سندس پٽ قاضي عبدا درٻيلي جي قديم شهر جا رهاڪو هئا. قاضي عبدا، مخدوم عبدالعزيز ابهري، ڪاهان جي ڳوٺ واري وٽ علم جي تحصيل ڪئي، جنهن جو ذڪر مٿئين فصل جي نمبر (7) ۾ آيو آهي. مرزا شاهه بيگ جي فتح کان پوءِ هو اتان لڏي باغبان ۾ آيو ۽ سنه 934هه ۾ گجرات مان ٿيندو مديني ڏي ويو ۽ اتي وڃي رهي پيو ۽ وفات به اُتي ڪيائين. هُو نهايت قابل ۽ عالم ۽ فاضل شخص هو. انهيءَ جو پٽ شيخ رحمت ا به وڏو عالم ٿي گذريو. حج جي رسمن بابت هن ٽي عربي ڪتاب لکيا ۽ انهيءَ جي ننڍيءَ ڀاءُ به حديث ۽ تفسير جي علم ۾ نالو ڪڍيو. اهو به خان اعظم سان گڏجي مڪي ويو. انهيءَ مٿئين قاضي عبدا سان گڏ شيخ عبدا بن مولانا سعد، جو شهر پيلي ۾ مدرس هو، سو به سنه 947 هه ۾ گجرات ويو ۽ اتان قاضي قاضن سان گڏ حرمين شريفين ڏي ويو، جتي باقي عمرگذاريائين. انهن گھڻائي ديني ڪتاب لکيا. انهن جو هڪڙو طالب علم عبداللطيف نالي به مشهور ٿي گذريو، جنهن مُلا جي حاشي لکي ۽ ڪي ٻيا ڪتاب علم ڪلام جي بابت لکيائين.

2_ شاهه عبداللطيف: ولد سيد حبيب شاهه تارڪ ڀٽائي، سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري (نمبر 8) جي اولاد مان مشهور اولياءُ ۽ شاعر ٿي گذريو. سندس رسالو مشهور آهي. سندس مفصل احوال اسان ڌار ڇاپايو آهي. سندس وفات سنه 1165 هه ۾ ٿي، جو سال ابجد جي حساب سان ”رضوان حق“ مان ٿو نڪري، سندس جاءِ تي سيد جمال ويٺو، کيس اولاد ڪو نه هو.

3_ سيد شفيع محمد: نصرپور جي رضوي سيدن مان وڏو عالم فاضل ٿي گذريو. هُو سيد عثمان بن سيد عبدالولي رضويءِ جو پٽ هو. وڏو شاعر هو ۽ سندس سڀ سنڌي شعر حقيقي هوندو هو. شيخ موسي آهنداني واري قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي.

4_ مخدوم عبدالرحمان: به نصوپور جي عالمن ۽ فاضلن ۾ مشهور هو. شاهجھان ۽ عالمگير بادشاهن جي وقت ۾ حرمين شريفين جي نذرن جو متولي مقرر ٿيو ۽ بادشاهن جاگير به ڏني هيس. وڏو عالم ۽ فاضل هو. سندس پٽ محمد اڪرم ۽ انهيءَ جو پٽ ميان مدني، جو مدينه منور ۾ ڄائو هو ۽ ٻيا به ٻه به عالم ۽ فاضل ٿي گذريا. هنن قاضين جي اولاد مان گھڻا ٻيا به عالم ٿي گذريا ۽ اڪثر مديني ۾ رهيا. قاضي عبدالرحمان ثاني ته مديني ۾ مخدوم حيات سنڌيءَ جي قبر ۾ دفن ڪيو ويو، جنهن ساڳي قبر ۾ حاجي محمد قائم سنڌي به دفن ٿيل آهي.

5_ سيد هارون: متعلوي سيدن مان هڪڙو ڌﺆنرن هڱورن جي ڳوٺ جو رهندڙ مشهور عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. مٿئين سيد شفيع محمد وانگي هن سيد جو به سڀ شعر حقيقي هوندو هو. علميت ۽ فضيلت جي ڪري به هن پنهنجي وقت ۾ چڱو نالو ڪڍيو هو.

6_ درويش دائود ۽ ميان همون: ٻئي اگھم ڪوٽ جا رهاڪو هئا ۽ اتي جي مشهور بزرگ مخدوم اسماعيل سومري جا مصاحب هئا. هُو ٻئي وڏا فاضل، عالم ۽ مدرس هئا. سندس مدرسي ۾ اٽڪل پنج سـﺆ ماڻهو قرآن ۽ حديث جو علم پڙهندا هئا ۽ هُو انهن کي خوراڪ ۽ پوشاڪ ڏيندا هئا: مٿيون مخدوم، جو رياضت جي ڪري مشهور هوندو هو. سو به پاڻ هميشه جوَن جي ماني کائيندو هو، ليڪن مهمانن، مسافرن ۽ طالبعلمن کي عمدو طعام کارائيندو هو. اهڙن خيراتي ۽ علمي ڪمن جي ڪري مرزا محمد باقي هنن جي زمين جي ڍل معاف ڪري ڇڏي هئي، انهيءَ هوندي به هُو پاڻ مٿئين مخدوم وانگي فقر ۽ فاقي ۾ گذاريندا هئا.

7_ ملا قيصر: جنهن جو اصل نالو عبداللطيف هو، سو بدين جو رهاڪو هو ۽ نهايت وڏو عالم، فاضل ۽ زبردست شاعر به هوندو هو. دهليءَ جي بادشاهن وٽ سندس گھڻي عزت هوندي هئي. ڇهين مهيني ٻه تڏا عالمگير بادشاهه ڏي تحفو ڪري نيندو هو ۽ لائق انعام ملندو هوس. جڏهن ٻڍو ٿيو، تڏهن انهن بادشاهن ماهيانو ۽ ساليانو مقرر ڪري ڏنس، جنهن تي هُو آسودو پيو گذاريندو هو.

8_ سيد عبدالڪريم: ولد لَلو شاهه، جنهن کي شاهه ڪريم سڏيندا آهن.، بلڙيءَ جو رهاڪو هو. هُو متعلوي سيدن مان هو. ڏاڍي عبادت ۽ رياضت ڪرڻ وارو شخص هو. اڪثر رات جاڳي عبادت ڪندو هو ۽ مسجدن جي خدمت چاڪري ۽ بزرگن ۽ اوليائن جي زيارت ڪندو هو. هن سيد محمد يوسف رضويءَ ۽ مخدوم نوح، مخدوم آدم ۽ ٻين مشائخن جون صحبتون ڪيون ۽ انهن کان فيض حاصل ڪيائين. مخدوم نوح جي حڪم سان بلڙيءَ ۾ اچي رهيو ۽ وفات به اُتي ڪيائين سنه 1030 هه ۾. هن جو احوال ڪتاب ”بيان العارفين تنبيه الغافلين“ ۾ ڏنل آهي. هو چڱو خاصو سنڌي شاعر هو. سندس رسالو اگرچ ننڍو آهي، ته به حقيقي مضمون سان ڀريل آهي. اهو مون ڌار ڇاپايو آهي، ۽ انهي ۾ سندس مفصل احوال به ڏنو آهي. هن سيد جي پوٽن مان هڪڙو حبيب شاهه هو، جو وجد ۽ حال وارو هو ۽ هميشه استغراق ۾ رهندو هو. اهو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو والد هو. جنهن جو اشارو مٿي (نمبر 2) ۾ ڏنو ويو آهي. سيد حبيب شاهه جي وفات جي تاريخ مخدوم محمد صادق نقشينديءَ هن حديث مان لڌي:
” الموت جسر“ يوصل الحبيب اليٰ لقاءالحبيب.

9_ سيد ثابت علي شاهه: ولد مدار علي شاهه ملتاني، نواب اعظم خان سان سنڌ ۾ آيو ۽ سيوهڻ ۾ رهجي ويو، عربي ۽ فارسيءَ ۾ هوشيار هو، فارسي ۽ سنڌي شعر چوڻ لڳو. اڪثر مرثيا ۽ منقبت چيائين. ڪلهوڙا هن کي لوازمو ڏيندا هئا، پوءِ مير صاحب به ساڳي نوازش ڪندا هئا. مير فتح علي خان کان وٺي مير ڪرم علي خان جي راڄ تائين رهيو، سنه 1325 هه ۾ وفات ڪيائين. سندس گھڻا ڪتاب لکيل آهن. سيوهڻ ۾ دفن ٿيل آهي، سندس مفصل احوال ڌار ڇپايل آهي، زوار هئڻ ڪري ”ڪربلائي“ ۽ ”ثابت“ تخلص هوس.