سنڌ جي مختصر تاريخ/سبق ٽيويھون

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سنڌ جي مختصر تاريخ  (1920)  by مرزا قليچ بيگ
سبق ٽيويھون: ڪلھوڙا ۽ سندن اوائل وارا سردار

ڪلھوڙا حضرت محمد جي چاچي عباس جا اولاد آھن تنھنڪري عباسي سڏبا ھئا. ھنن جي وڏن مان ھڪڙو ميان اوڍاڻو نالي ڪيچ مڪران ۾ رھندو ھو ۽ ڏاڍو نيڪ ۽ خدا پرست ماڻھو ھوندو ھو ۽ ماڻھو ھن کي پير يا مرشد ڪري مڃيندا ھئا. ڪن جو چوڻ آھي ته ڪلھوڙا دائود پوٽن جي ھڪڙي شاخ آھي ۽ ڄام چيني دائود پوٽي جي ڀائٽي ڪلھوڙي نالي جو اولاد آھن، جو ڄام اڪبر بادشاھ جي ڏينھن ۾ سيوھڻ جي نزديڪ جاگيردار ۽ حاڪم ھو. ٻيا ڪي چون ٿا ته ھو ڪمبانا جي رھندڙ محمد نالي جو اولاد آھن جو تيرھن صديءَ ۾ سنڌ جي اتر ۾ ھڪڙو حاڪم ھو ۽ سمن جي ڏينھن ۾ سنڌ جي سردارن سان مائٽي ڪئي ھئائين.
انھن ڪلھوڙن جو پھريون چار پيڙھيون چانڊڪي پرڳڻي ۾ يعني لاڙڪاڻي جي پاسي رھنديون ھيون. انھن مان پھريون مشھور ماڻھو آدم شاھ سورھين صديءَ جي وچ ڌاري ٿي گذريو، جو مريد ڪرڻ لڳو. ڪن ڏينھن کان پوءِ ھو ملتان ۾ ويو ۽ زور وٺڻ لڳو تنھنڪري اتي جي حاڪم حسد کان ھن کي مارائي ڇڏيو ۽ سندس لاش سندس وصيت موجب آڻي سکر ۾ ٽڪريءَ تي پوريائون، جا اڃا تائين آدم شاھ جي ٽڪري سڏبي آھي. آدم شاھ جي مرڻ کان پوءِ سندس پوٽو ميان شاھل محمد مشھور ٿيو. ھن راڄ وارن کان زمين ھٿ ڪري پنھنجن مائٽن کي ڏني تنھنڪري اتي جا زميندار رنج ٿيا ۽ بکر جي حاڪم کان حڪم وٺي ھن کي ماري ڇڏيائون. ھن جي جاءِ تي سندس پٽ ميان نصير محمد ويٺو، جنھن ڏاڍو نالو ڪڍيو ۽ گهڻا فقير گڏ ڪيائين جي پاڻ کي سرائي چوائڻ لڳا. بکر جي حاڪم لشڪر وٺي ميان نصير محمد سان وڙھي انھي کي قيد ڪري اورنگزيب بادشاھ ڏي ڏياري موڪليو. پر ميان اُتان وري ڀڄي آيو ۽ اڳي کان به وڌيڪ زور ورتائين ۽ ڪيترا پرڳڻا ھٿ ڪيائين ۽ نوشھري جو شھر ٻڌائين ۽ ڪاڇي ۾ ڳاڙھي جو ڳوٺ ٻڌائين جتي ڇٽيھن ورھن جي راڄ کان پوءِ ھو مئو ۽ دفن ڪيو ويو.
ھن جي جاءِ تي سندس پٽ ميان دين محمد ويٺو. ھن جي زور وٺڻ تي به شڪارپور جي پاسي کان پنوھر ۽ پٺاڻ بادشاھ جي حڪم سان اچي وڙھيا، پر سرائِن انھن کي ڀڄائي ڪڍي ڇڏيو. تنھن تي بادشاھ مغلن جو لشڪر شاھزادي معزالدين جي ھٿ ھيٺ موڪليو، جنھن ڏاڍي ويڙھ کان پوءِ دين محمد کي قيد ڪري لاھور آندو جتي ھو باقي زندگي گذاري ملتان ۾ مئو.
انھيءَ وچ ۾ دين محمد جو ڀاءَ يار محمد قلات مان بروھين جي مدد سان ڪاھي آيو ۽ پنوھرن سان وڙھي شڪارپور ورتائين ۽ پنھنجو شھر خدا آباد ٻڌائين. ھي ٻُڌي شھزادو بکر ۾ آيو. يار محمد وڃي سلام ڪيس. ھو منجھانس خوش ٿيو ۽ خدا يار خان جو خطاب ڏئي سيويءَ جو حاڪم ڪري موڪليائينس. ھو سن 1718ع ۾ مري ويو ۽ خدا آباد ۾ رکيل آھي. يار محمد جا پٽ نورمحمد ۽ محمد خان قلات مان لڏي خدا آباد (دادوءَ جي ويجهو) ۾ اچي ويٺا.