سنڌ جي مختصر تاريخ/سبق يارھون

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سنڌ جي مختصر تاريخ  (1920)  by مرزا قليچ بيگ
سبق يارھون: سومرن جي حڪومت

ڪن تاريخ نويسن لکيو آھي ته عيسوي ڏھين صديءَ ۾ ڪي عرب سامره مان سنڌ ۾ اچي رھڻ لڳا، جن کي پوءِ سومرن جو نالو مليو. پر حقيقت ڪري سومرا اصل راجپوت ھندو ھئا، ھي پوءِ مسلمان ٿيا جيئن سَمان قوم جا ماڻھو ٿيا. انھن مان مکيه سومره يا ابن سومار ھو، جو ملتان جو حاڪم ٿيو. پوءِ ٿورو ٿورو ڪري سومرا ھيٺ سنڌ ۾ آيا ۽ سندن گهراڻي جو بنياد پيو. دھليءَ جي بادشاھن جي ڏينھن ۾ سومرن مان ڪي سنڌ جي ڀاڱن جا حاڪم ھوندا ھئا؛ خاص سنڌ جي ڏکڻ ۽ ڪڇ جي پاسي، پر پوءِ جڏھن تغلق گهراڻي ۾ ڦيٽاڙو پيو تڏھن سومرا خودمختيار ٿيا.
سومرن جي حڪومت يارھين عيسوي صديءَ جي وچ کان وٺي پندرھين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين ھلي. مڙئي اوڻيھه ڄڻا ھن گهراڻي مان حاڪم ٿيا. پھريان سومرا حاڪم تمام ڏاھپ ۽ عدل انصاف سان حڪومت ھلائيندا ھئا، پر پوئين ٽن چئن چڱي حڪومت نه ڪئي. تنھنڪري راڄ ۾ اچي فساد پيو، جنھنڪري نيٺ حڪومت نڪري سمن جي ھٿ ۾ آئي. انھن جي گاديءَ جو ھنڌ ٺٽو ھو ۽ انھن کي ڄام سڏيندا ھئا. انھن مان مشھور دودو ۽ خفيف ھئا، جن ملڪ گهڻو وڌايو ۽ سرحدي قومن بلوچن ۽ سوڍن ۽ جاڙيجن سان وڙھي انھن کي شڪستون ڏنائون. نصرپور ۽ عمرڪوٽ ۽ ڪڇ اھي سڀ سندن ھٿ ۾ آيا. انھن سومرن ڄامن مان چنيسر مشھور ٿي گذريو جنھن ارڙھن ورھه حڪومت ڪئي. ھن راڻي کنگهار جي ڌيءَ ليلان سان شادي ڪئي ۽ ليلان چنيسر قصو سنڌ ۾ مشھور آھي. ڄام عمر به مشھور ٿي گذريو آھي جنھن عمرڪوٽ ٻڌو ۽ ماروئي (مارئي) آندي جنھن جو قصو سنڌ ۾ پڻ مشھور آھي. انھيءَ ڄام به پنجٽيھه ورھه حڪومت ڪئي.
ٻيو مشھور ڄام ھمير ٿي گذريو جو ڏاڍو ظالم ھو. راڻو مينڌرو انھيءَ جو وزير ھو. ٻئي عيش ۽ عشرت ۽ بدچاليءَ جي ڪري مشھور آھن. مومل ۽ راڻي جو قصو به سنڌ ۾ مشھور آھي. انھيءَ پوئين ظالم حاڪمن جي ڏينھن ۾ الور ۽ ڀانڀره يا برھمن آباد جا قديم وڏا شھر زمين ڌٻڻ جي ڪري ناس ٿي ويا، جو اڃان سندن نشان پيا ڏسجن. دلوراءِ الور جا راجا ۽ صيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جن جا قصا سنڌ ۾ ٻڌبا آھن سي به انھيءَ وقت ۾ رھندا ھئا.
اھڙن حاڪمن جي حڪومت کان ماڻھو منجھان بيزار ٿي پيا ۽ ملڪ ۾ فساد پيدا ٿيڻ لڳا.