سنڌ جي مختصر تاريخ/سبق ٻارھون

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سنڌ جي مختصر تاريخ  (1920)  by مرزا قليچ بيگ
سبق ٻارھون: سومرن جي حڪومت جي زواليت ۽ سمن جو زور

انھن پوئين حاڪمن جي ظلم کان ڇٽڻ لاءِ گهڻا سمان ماڻھو فساد ڪري ڪيترن سومرن کي ماري ڪڇ ڏي لڏي ڀڄي ويا. اُتي جي راجا يا راو ھنن کي پناھ ڏني ۽ ان جي عيوض سمان ھر سال فصل لٿي پنج گاڏيون ڪرٻ جون پھچائيندا ھئا. ڪيترن ورھين تائين سمن ائين پئي ڪيو. جڏھن ھو پاڻ ۾ گهڻا ٿيا ۽ زور ورتائون تڏھن گهڻا جنگي جوان ھٿيار ن سوڌا ڪڙٻ ۾ لڪي ڪوٽ جي اندر ويا ۽ اُتي رات جو نڪري ڪڇ جي راجا کي ماري قلعو وٺي پاڻ حاڪم ٿي ويٺا.
سومرن جي ظلم کان انھي سمن ۽ ٻين ڪيترين قومن دھليءَ جي سلطان علاؤالدين وٽ فريادون نيون ۽ انھن کان مدد گهريائون. ھن ھڪڙو وڏو لشڪر سالار خان جي ھٿ ھيٺ سنڌ ۾ موڪليو. سومرن پھرين زالون ۽ ٻار ٻچا ھڪڙي امير ابڙي سمي سان ڪڇ ڏي موڪلي ڏنا پوءِ ھو سلطان جي لشڪر سان وڙھڻ لڳا، پر سگهو ئي جيتجي پيا ۽ پاڻ به ڪڇ ڏي ڀڳا ۽ سلطان جو لشڪر به پٺيان ڪاھيندو وين. اڳيان وري ابڙو سمو ڦري ڪڇ جي سمن سان گڏجي ھنن کي مارڻ آيو. سومرا ٻن باھين جي وچ ۾ اچي پيا ۽ ٿورئي (ٿوري ئي) عرصي ۾ سڀ مارجي چٽ ٿي ويا. سندن مکيه شھر محمد نور سلطان جي لشڪر ۽ سمن ڀڃي ناس ڪري ڇڏيو ۽ سمن وري پنھنجو شھر ساموئي ٻڌو، جو ٺٽي جي ويجهو ھو.
اِھي سما ماڻھو سنڌ جا اصل رھاڪو ھئا ۽ برھمڻ گهراڻي جي راڄ ۾ به اُتي ھئا. اُھي اصل ٻڌ ڌرم جا ھئا ۽ ڪي راجپوت به ھئا. چوڏھين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ مسلمان ٿيا. انھن جو مکيه شھر سما نگر ھو، جو ھاڻوڪي سيوھڻ جي جاءِ تي سنڌو نديءَ جي ڪناري تي ھو، پوءِ جڏھن زور ورتائون تڏھن ساموئي ۾ آيا ۽ پوءِ ننگر ٺٽي ۾ رھڻ لڳا.
پر ڪي تاريخ نويس چون ٿا ته سمان سام جو اولاد آھن ۽ اُھو سام حضرت نوح نبيءَ جو ھڪڙو پٽ ھو. ڪي چون ٿا ته اُھو سام مسلمانن جي نبيءَ جي ھڪڙي چاچي جو پٽ ھو. پر پھرين ڳالھه برابر ٿي ڏسجي ته سومرن وانگي سمان به اصل ھندو ھئا، پوءِ مسلمان ٿيا. جڏھن ھنن زور ورتو تڏھن سندن سردار ڄام سڏجڻ لڳو.