سنڌ جي مختصر تاريخ/سبق ڏھون

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سنڌ جي مختصر تاريخ  (1920)  by مرزا قليچ بيگ
سبق ڏھون: عربن جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت

عربن جي حڪومت ۾ سنڌ جي ھلائڻ لاءِ جيڪي حاڪم مقرر ٿيندا ھئا سي حقيقت ڪري مقاطعدار ھوندا ھئا، يعني ٺھرايل رقم خليفي کي پھچائي ڏيندا ھئا ۽ ملڪ مان پنھنجي مرضيءَ موجب جيڪي پيدا ڪندا ھئا سو پاڻ رکندا ھئا. ملڪي ۽ حسابي ڪم وري به ڏيھي ماڻھن جي ھٿ ۾ ھوندو ھو. لشڪر ۾ به ڏيھي ماڻھو ھوندا ھئا، جن کي پري پري جنگ ڪرڻ لاءِ موڪليندا ھئا. جيڪي سردار ھوندا ھئا يا جن کي انعامن جو حقدار سمجهندا ھئا تن کي زمينون ۽ جاگيرون ڏيندا ھئا، انھي شرط تي ته جنگ جي لاءِ ھو لشڪر موجود ڪري ڏيندا. گهڻي زمين ته عربن مسجدن ۽ مسافرخانن ۽ کوھن ۽ ٻين خيراتي ڪمن ۾ لڳائي. اگرچه غريب مسلمان ھئا ته به سنڌ جي ماڻھن ۾ ڪو به مذھبي زور ڪونه ھو. گهڻيون قومون خوشي سان حڪمن جي پيروي ڪري مسلمان ٿيون مگر زور سان عربن ڪنھن کي به مسلمان ڪونه ڪيو. مگر ايترو ھو ته جيڪي مسلمان نه ھوندا ھئا تن کان ھڪڙي قسم جو في آسامي محصول وٺندا ھئا جنھن کي جزيه چوندا ھئا. زالون ۽ ٻار انھيءَ محصول کان آزاد ھئا. غريب ماڻھوءَ کان سال ۾ ٻارھن درم وٺندا ھئا، وچولي درجي واري کان چوويھه درم، دولت مند ماڻھوءَ کان اٺيتاليھه درم. ڪن قومن تي وري جدا جدا ڪم رکيل ھوندا ھئا، جيئن ته جت، لوھاڻا، سھتا، ماڇي، مھاڻا وغيره ڪي سونھا ٿي رستا ڏيکاريندا ھئا، ڪي ڪتا آڻيندا ھئا، ڪي ٻيون خاص شيون مھيا ڪري ڏيندا ھئا. سڀني کي حڪم ھو ته مسلمان مسافر کي ڳوٺن ۾ ٽن ڏينھن تائين مھمان رکن ۽ کاڌو پھچائن ۽ رھڻ لاءِ جايون ڏين. ڪن نيچ قومن کي جتي پائڻ کان منع ھئي، ڪن کي گهوڙي تي چڙھڻ کان، ڪن کي مٿي ڍڪڻ کان، ڪن کي چڱن ڪپڙن ڪرڻ کان. جيڪي مسلمان ھوندا ھئا تن تي في آسامي محصول زڪوات کان سواءِ ٻيو ڪونه ھو يعني في سيڪڙي سال جي پيدائش تي اڍائي رپيا. زميندارن کان سرڪاري واھن جي پيچ واري آباديءَ تان پيدائش جو 5/2 وٺبو ھو يعني پنجن حصن مان ٻه ۽ ٻين خانگي واھن يا ٻئي بندوبست تان ٿيل پيدائش جو 10/3 ڀاڱو وٺبو ھو ۽ پاڻھي آيل پاڻيءَ واري پيدائش جو 4/1 ڀاڱو وٺبو ھو. ڪن ڏينھن کان پوءِ انھن حصن ۾ به ٿورو ڦير ڦار يا واڌارو ٿيو. بندرن تان آيل واپار جي مال تي به محصول وٺبو ھو.
عربن جي ڏينھن ۾ واپار جو موچارو چڱو بندوبست ھو ۽ پاسي وارن گهڻن ملڪن سان واپار ھلندو ھو ته جيئن غزني، قندھار (قنڌار)، سيستان، خراسان، ترڪستان وغيره. ھندستان ۾ سلون ٻيٽ ۽ ملبار تائين واپار ھلندو ھو ۽ ملبار مان ٻيڙين جي لاءِ ڪاٺ ايندا ھئا. عربستان مان گهوڙا ۽ ٻين ولايتن مان ٻيو اتي جو مال جام ايندو ھو.
انصاف جو بندوبست مسلماني شرع موجب ٿيندو ھو، يعني قاضي مقرر ٿيندا ھئا، جي مسلمان ڌر ھئڻ جي حالت ۾ فيصلو ڪندا ھئا. مگر جي ٻئي ڌريون ھندو ھوندا ھئا ته انھن جو فيصلو سندن پنچات ڪندي ھئي.
ڏھين عيسوي صديءَ ۾ جڏھن منصوره شھر، برھمن آباد ويجهو، تختگاه ھو ۽ الور انھيءَ جو زيردست ھو، تڏھن سنڌ جي حڪومت جو نھايت گهڻو ئي زور ھو. اھو شھر منصور بن جمھور عرب حاڪم جو ٻڌل ھو. انھي وقت اتي ۽ ملتان ۾ پارسي ۽ سنڌي ٻولي ڳالھائبي ھئي. يارھين عيسوي صديءَ ۾ سنڌ جو زور ڏسي سلطان محمود غزنويءَ سنڌ تي ڪاھ ڪئي.