سنڌ جي مختصر تاريخ/سبق ستٽيھون

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سنڌ جي مختصر تاريخ  (1920)  by مرزا قليچ بيگ
سبق ستٽيھون: سنڌ جا ڪمشنر صاحب ۽ انھن جي وقت ۾ سڌارا

فريئر صاحب کان پوءِ اِنو رارٽي صاحب آيو. انھيءَ کان پوءِ مانسفليڊ صاحب، پوءِ سر وليم ميري صاحب، پوءِ ميلول صاحب، پوءِ ارسڪن صاحب، پوءِ پرچرڊ صاحب، پوءِ ٽريور صاحب، پوءِ جيمس صاحب، پوءِ آليونٽ صاحب، پوءِ ونگيٽ صاحب، پوءِ وري سر ايوان جيمس صاحب، پوءِ جائلس صاحب، پوءِ ڪمن صاحب، پوءِ ميوئر ميڪنزي صاحب، پوءِ ماريسن صاحب، پوءِ ينگ ھسبنڊ صاحب، پوءِ وري ليوڪس صاحب، پوءِ لارينس صاحب، پوءِ ريو صاحب ۽ ڪيڊل صاحب، جو ھاڻي سنڌ ۾ آھي.
انھن ڪمشنر صاحبن جي وقت ۾ ھيٺيان سڌاري جا ڪم ٿيا: سروي ۽ سٽلمنٽ ۽ ڍل ٻڌڻ جو ٺھراءُ ٿيو. وڏا وڏا واھ جاري ٿيا ۽ درياھ جا وڏا وڏا بند ٺھيا. ڪراچي جو بندر سڌريو. فوجداري ڪم لاءِ ڪورٽون مقرر ٿيون. صدر ڪورٽ مقرر ٿي. سڪولي کاتي زور ورتو ۽ ڪيترائي سنڌي ۽ انگريزي سڪول (اسڪول) کليا. ملڪ ۾ شاهي سڙڪون پئجي ويون. درياهه تي گهڻين هنڌين پتڻ مقرر ٿيا. وڏن واھن تي ۽ درياھه تي پليون پيون. ڪراچيءَ کان ڪوٽڙي ۽ ڪوٽريءَ کان سکر ۽ سکر کان ملتان واري لائين ۽ بلوچستان واري لائين ۽ شادي پليءَ واري ۽ جوڌپور واري ۽ بدين واري ۽ ٻيون ڪي ريلوي لائنون جاري ٿيون. قرضي زميندارن جي لاءِ انڪمبرڊ سٽيٽس جو کاتو کليو.
گهوڙن جا ميلا مقرر ٿيا. ميونسپالٽين ۽ لوڪل بورڊن ۽ سينيٽري ڪميٽين جو چڱو بندوبست ٿيو. ايگريڪلچر سڪول ۽ انجنيري سڪول ۽ ميڊيڪل سڪول ۽ ھنري سڪول جاري ٿيا ۽ ڪاليج ۽ مدرسا کليا. جيل ۽ چرين جي اسپتال ۽ مردانون ۽ زنانيون اسپتالون ۽ جانورن جون اسپتالون جاري ٿيون. بمبئيءَ جو گورنر صاحب بھادر ۽ وائسراءِ صاحب بھادر جي ڪائونسلن ۾ سنڌ جا ميمبر داخل ٿيا. ٽپال ۽ تار جا کاتا مقرر ٿيا. انھن کان سواءِ ڪسٽمس يا درياھي محصول جو کاتو ۽ لوڻ جو کاتو جاري ٿيو. امتحانن کان پوءِ ڏيھي ماڻھن کي سڀني کاتن ۾ وڏن وڏن عھدن جون نوڪريون ملڻ لڳيون. نوٽن ۽ سٽامپن جو کاتو، پوليٽيڪل يا ملڪي کاتو ۽ ٻيلن جو کاتو، اھي سڀ کاتا جاري ٿيا، جي اڃا تائين پيا ھلن.
ھن وقت سنڌ ۾ مڙئي ست ضلعا آھن يعني ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نواب شاھ، ٿرپارڪر ۽ سرحد سنڌ، انھن مان پھرين ڇھن ۾ ڪليڪٽر صاحب آھن ۽ پوئين ۾ ڊيپوٽي ڪمشنر.