سنڌ جي مختصر تاريخ/سبق ڇٽيھون

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سنڌ جي مختصر تاريخ  (1920)  by مرزا قليچ بيگ
سبق ڇٽيھون: انگريز سرڪار جي حڪومت جو شروع ٿيڻ

سنڌ فتح ٿيڻ تي سر چارلس نيپئر سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو. ميرن کي اٽڪل چار لک رپيا ماھياني پينشن ڏني وئي ۽ قريب ڏيڊ لک جون جاگيرون ڏنيون ويون. سر چارلس جي ڏنل اشتھار موجب ٽن ھزارن جاگيردارن اچي سلام ڪيو ۽ انھن جون جاگيرون بحال رکيون ويون. خيرپور جي رياست مير علي مراد خان جي حوالي ڪئي وئي، باقي سڀ ملڪ سرڪار پنھنجي ھٿ رکيو ۽ انھيءَ کي ٽن ڪليڪٽرن يا ضلعن ۾ وراھيو ـــ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور. ڪليڪٽرن جي ھٿ ھيٺ وري ڊيپوٽي ڪليڪٽر رکيا ويا، جن کي ھڪ ھڪ ڊويزن يا ڀاڱو ڏنو ويو. ھر ھڪ ڀاڱي ۾ وري ڪاردار ۽ سزاولڪار رکيا ويا ۽ ماڻھن جي جان ۽ مال جي بچاءَ لاءِ پوليس جو بندوبست رکايو ويو.
ٻئي سال ۾ سر چارلس نيپئر لشڪر وٺي بلوچستان جي سرحد وارن ٽڪرن جي ڊومڪين ۽ ڪن ٻين قومن کي مطيع ڪرڻ ويو، جو انھن فساد مچايو ھو ۽ ڦرلٽ ڪرڻ لڳا ھئا. مير علي مراد خان به مدد ڏني. آخر فساد ڪندڙن سردارن کي گرفتار ڪيائون. ٿورو ٿورو ڪري سنڌ ۾ سڀ ظلم ۽ فساد بند ٿيا ۽ حڪومت آرام سان ھلڻ لڳي. نيپئر صاحب ڪراچيءَ جي بندر کي به سڌاريو ۽ ھڪڙو بند اتي ٺھرايائين جنھن تي اڃا سندس نالو ھليو اچي.
قريب پنجن ورھن جي حڪومت کان پوءِ سر چارلس ولايت ڏي روانو ٿيو. پوءِ سرڪار سنڌ بمبئي کاتي سان لڳائي ڇڏي ۽ بمبئيءَ جي گورنر ھيٺ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو. انھيءَ وقت ۾ لارڊ ايلمبرو صاحب بھادر ڪلڪتي ۾ وائسراءِ ھو ۽ سر جارج ڪلارڪ صاحب بمبئيءَ جو گورنر ھو ۽ مسٽر پرنگل سنڌ جو پھريون ڪمشنر مقرر ٿيو.
سن 1851ع ۾ فريئر صاحب ڪمشنر ٿي آيو، جو پوءِ سر بارٽل فريئر ٿيو. ھو اٺ ورھيه سنڌ ۾ رھيو. ھن جي ڏينھن ۾ سنڌ ۾ گهڻا سڌارا ٿيا. ديواني ڪم جو بندوبست ٿيو. واپار وڌائڻ لاءِ ميلا مقرر ٿيا. ميونسپالٽيون پوڻ لڳيون. پوليس جو بھتر بندوبست ٿيو. اڀرندو نارو نڪتو. انگريزي اسڪول پوڻ لڳا. ڪراچي ۽ ڪوٽڙي جي ريلوي شروع ٿي ۽ ڪوٽڙي کان ملتان تائين آڳبوٽ شروع ٿيا.
تنھن کان پوءِ وقت بوقت ڪمشنر صاحب ايندا رھيا، جن جا نالا ھيٺ اچن ٿا. انهن مان مشھور هي هئا، جي ڳچ تائين سنڌ ۾ رهيا: سر وليم ميري ويدر صاحب، جو ڏھ ورھه سنڌ ۾ رھيو، سر ايوان جيمس، جو پڻ ڏھ ورھه رھيو ۽ مسٽر ينگ ھسبنڊ، جو ست ورھه رھيو. ٻيا سڀ ٿورا ورھه رھيا مگر ھر ھڪ جي ڏينھن ۾ جدا جدا قسمن جا جدا جدا کاتن ۾ جدا جدا طرفن جا سڌارا ۽ بندوبست ٿيندا ويا.