سنڌ جي مختصر تاريخ/سبق اٺٽيھون

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سنڌ جي مختصر تاريخ  (1920)  by مرزا قليچ بيگ
سبق اٺٽيھون: انگريز سرڪار جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت

انگريز سرڪار جي حڪومت ۾ جيڪي سڌارا ٿيا تن جو نتيجو اھو ٿيو آھي جو گذريل آدمشماريءَ موجب سنڌ ۾ ڪل ٻٽيھه لک ماڻھو آھن ۽ گذريلن ڏھن ورھن ۾ اُھي قريب ساڍا ٽي لک وڌيا آھن. جڏھن انگريز سرڪار ٽالپرن کان سنڌ ورتي تڏھن ڏھ پندرھن لک ماڻھو مس ھئا. آبادي زياده وڌي آھي ۽ ڍل وغيره مان پيدائش زياده ٿي آھي. اڳي جي به نسبت ماڻھن تي ڍل جو بار ھلڪو ٿيو آھي. ماڻھن جي سنڀال بھتر ٿي آھي ۽ انصاف جو بندوبست بھتر آھي. ڏوھ اڳي کان گھٽ آھن ۽ ڏوھارين کي سزا پوري طرح ملي ٿي ۽ جيلن ۾ ھنر سيکارڻ ۾ اچن ٿا. ميونسپالٽين ۽ لوڪل بورڊن جي معرفت ماڻھن کي پاڻ تي حڪم ھلائڻ جو حصو ملي ٿو ۽ ڪائونسلن ۾ ميمبر ھئڻ ڪري ملڪ جي قاعدن جوڙڻ ۾ به ھو شريڪ ٿين ٿا. ساڳئي وقت ۾ صفائي ۽ تندرستيءَ جو به بھتر بندوبست ھلي ٿو. اسپتالون ۽ دواخانا خلق جي لاءِ عام ٿي ويا آھن. بيماريءَ پوڻ وقت به پورو بندوبست ٿئي ٿو. سيتلا جي بند ڪرڻ لاءِ ٽڪن جو ڪم عام ھلي ٿو. شاھي رستا عام ٿي ويا آھن. سڙڪن جي پاسن سان ڇانو ۽ آسائش لاءِ وڻ لڳي ويا آھن. تنھن کان سواءِ ماڻھن جي خوش ڪرڻ لاءِ عمدا باغ موجود ڪيا ويا آھن، جتي ڪو به غريب ماڻھو وڃي ويھي فرحت وٺي سگهي ٿو. مسافري ڪرڻ جي لاءِ مزي جھڙيون گهوڙي گاڏيون ۽ بئسڪلون ۽ موٽر گاڏيون ۽ ريل گاڏيون عام ٿي ويون آھن جن جي وسيلي ۽ آڳبوٽن ۽ جھازن ۽ ٻيڙين جي وسيلي جھڙو ماڻھن لاءِ تھڙو واپار لاءِ نھايت گهڻو سک ٿي پيو آھي. ٽپال ۽ تار جو بندوبست اھڙو آھي جو ٽڪي پئسي جي ٽڪليءَ سان گهر ويٺي خط پٽ پيا اچن ۽ لحظي ۾ پري پري جي خبر چار وٺي ٿي سگهجي. تعليم پکيڙڻ لاءِ تمام گهڻا اسڪول ۽ ڪاليج ۽ مدرسا ٿي ويا آھن ۽ غريب پڙھندڙن کي مدد لاءِ سڪالرشپون ملن ٿيون ۽ رھڻ لاءِ بورڊنگ جو بندوبست آھي. بلڪ مذھبي تعليم لاءِ ملن جي مڪتبن کي به مدد ملي ٿي. سڀ ڪنھن کي پنھنجي مذھب تي ھلڻ جي آزادي آھي. ڪيتريون ئي ڪلون ۽ ڪارخانا جاري ٿي ويا آھن. جان ۽ مال جو ھر طرح بچاءُ آھي.
جڏھن اھي سک ۽ سڌارا ۽ ملڪ ۽ ماڻھن جي ھاڻوڪي حالت اڳين وقتن جي حالتن سان مقابلو ڪري ڏسبو تڏھن سڀ ڪنھن رعيتي ماڻھوءَ تي فرض ٿيندو ته ھو اھڙي عادل ۽ ٻاجھاري سرڪار جو دل ۽ جان سان شڪرگذار رھي ۽ سندس قائم رھڻ جي خدا کان دعا گهري ۽ ھر طرح سندس تابعدار ۽ فرمانبدار رھي ۽ ساڻس وفادار ۽ ايماندار رھي.