Jump to content

سنڌ جي ادبي تاريخ/ڀاڱو ٻيو/04

From Wikisource
328998سنڌ جي ادبي تاريخ — 04. 2- عبارت1954محمد صديق ميمڻ

(الف) صرف و نحو جي خيال سان:
سنڌي ادب جي نئين دور جي شروعات ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت ڪي صرف و نحو جا ڪتاب شايع ٿيل نہ هئا. تنهنڪري انهيءَ دور جي نثر وارن ڪتابن جي عبارت موجوده سنڌي صرف و نحو جي قاعدن کان گهڻي قدر آجي آهي. جئن ته ان دور جا مصنف پارسي دان هئا ۽ مڪتبن ۾ عربي توڙي پارسي عبارتن جي لفظي ترجمي ڪرڻ تي هريل هئا، تنهن ڪري انهن سنڌي عبارت لکڻ ۾ بہ پارسي ۽ عربي عبارتن واري بيهڪ قائم رکي، جا سنڌي صرف و نحو جي قاعدن سان مواقف نہ آهي. اها عبارت رواجي ڳالهائڻ ٻولائڻ جي طرز سان موافق نہ آهي، ٻيو وري تن ڏينهن بيهڪ جي نشانين جو ڄاڻ ئي ڪونه هئي، تنهنڪري گرامر جي لحاظ سان هاڻوڪن سنڌي خواندن جي حق ۾ انهيءَ عبارت کي سلوڻو ۽ عام فهم نہ چئي سگهبو.
مثال1:- ”ڇوڪرائي ۾ سکڻ جو ٽاڻو آهي. ان کي آرس ۽ ڀل ۾ وڃائڻ نہ گهرجي، هن ڪارڻ نہ ته ويلو ويل وري هٿ نہ ايندو (بابنامو ديوان ننديرام سبق ڇهون).
(هاڻوڪي عبارت) ”ننڍپڻ سکڻ جو ٽاڻُ آهي، سا آرس ۽ ڀل ۾ وڃائڻ نہ گهرجي، ڇاڪاڻ جو ويل ويلو وري هٿ نہ ايندو.“
مثال2:- ”جهرڪيون ڇتين ۾ ۽ وڻن ۾ آکيرا جوڙينديون آهن تن ۾ آنا لاهينديون آهن پوءِ اهي ڦوڙينديون آهن. تن مان ٻچا نڪرندا آهن سي تو ڏٺا هوندا.“ (پهريون ڪتاب ديوان اڌارام سبق اوڻٽيهون)
(هاڻوڪي عبارت ۾) ”جهرڪيون گهرن جي ڇتين ۽ وڻن ۾ آکيرا جوڙي تن ۾ آنا لاهينديون آهن. پوءِ آنا ڦوڙينديون آهن، جن مان ٻچا نڪرندا آهن. اهي ٻچا ته تو بہ ڏٺا هوندا؟
مثال 3: سائين منهنجي هٽ تي قدم رنجي فرمائي شربت جو پيالو پي وڃ، فقير ٿوري ماڻي کان پوءِ هن جو عرض مڃي هن جي دڪان ڏانهن هليو حلوائي پهچندي ان کي هڪڙي گادي وڇائي ڏني ۽ ڪي ڪجهه مٺائي رڪيبئيءَ ۾ وجهي ۽ ماکيءَ جو پيالو ڀري آڻي ندر رکيائين.س....“ (ٽيون ڪتاب ديوان پرڀداس انندرام سبق ايڪيهون).
(هاڻوڪي عبارت ۾)- ”سائين! قدم رنج فرمائي منهنجي هٽ تي هل ۽ اتان شربت جو پيالو پي وڃ. فقير ٿوري ماڻي ڪرڻ کان پوءِ ان جو عرض مڃي سندس دڪان ڏانهن هليو. دڪان تي پهچڻ شرط حلوائي ان کي گادي وڇائي ڏني ۽ رڪيبيءَ ۾ پيل ڪجهه مٺائي ۽ ماکيءَ جو ڀريل پيالو نذرانه (ڀيٽا) طور آڻي اڳيان رکيائينس....“

(ب) ٻوليءَ جي لحاظ سان:
سنڌي ادب جي نئين دور وارن مصنفن اسڪولي درسي ڪتابن ۾ عربي آئيويٽا وارن خاص اکرن مان ٺهيل لفظ گهڻي قدر ڪم آندا آهن، سو فقط هن ڌيان تي، ته ٻارن کي عربي سنڌي درست صورتخطي لکڻ ۾ ڪچيءَ کان ئي چڱو استعمال رهي. انهيءَ مناسب ويچار سان گڏ انهن بزرگن درسي ڪتابن خواه عام واقفيت ۽ وندر جهڙن ڪتابن ۾ نج سنڌي لفظن ۽ محاورن ڪم آڻڻ ۾ بہ نهايت عمدي ۽ قابل تحسين ڪوشش ورتي آهي.
ان وقت جي هندو خواه مسلمان مصنفن جي ڪتابن ۾ ڪو بہ ڏکيو سنسڪرت لفظ نظر نہ ٿو اچي ۽ نہ غير مروج عربي يا پارسي لفظ.
مثال1: ”ٻول ڪجي ته پاڙجي نہ ته ڪجيئي نه.“ (پهريون ڪتاب ديوان اڌارام)
مثال2: ”اگهو ٿجي ته ستت ويڄ وٽ وڃجي.“
مثال3: ”جهرڪيءَ چيو ته مورک ڇوڪر مون کي گهڻو ڪم آهي، مون کي راند ڪرڻ نٿي اُڄهي مون کي پنهنجن ٻچن لاءِ چوڳو کڻي وڃڻو آهي.“ ٽيون ڪتاب (ديوان پرڀداس انندرام سبق پهريون)
مثال4: ”جيتوڻي آهين مور علم کي ڇيهن جو آرنڀ نہ چوندو پر ڇا فائدو سو ڪو ته اولن جو ٻول ۽ ڪم هڪجهڙو نہ آهي.“ (سيکائتو نرروار ديوان ننديرام صفحه 18).
مثال5: ”هن ڳالهه جي ڌيان ڪرڻ کان ته اسين ڌرتي سوڌا جنهن تي رهندا آهيون، توف جي گونري کان پڻ هيڪوسو ويهوڻو تڪڙو هوا تي اڏامندا وڃون. ڪهڙا ڪهڙا اچرج پڌرا ٿين ٿا ۽ ڌڻي جو ڊپ ۽ ان جي ٻانپ ۽ چئي ۾ رهڻ ڪيترو اسان تي جوڳو ٿئي ٿو.“ (آڪاسي نروار سيد ميران محمد شاهه محمد شاد صفحه)؟
نئين دور وارن بزرگ مصنفن جيڪي ڪتاب پارسي يا اردو تان ترجمو ڪيا آهن، تن ۾ ته نج سنڌي لفظن ۽ محاورن ڪم آڻڻ جي ايتري قدر ڪوشش ڪئي اٿن، جو ڪنهن ورلي هنڌ ڌاران ڪٿي بہ نج عربي يا پارسي لفظ نظر نہ ايندو ۽ نہ وري ڪو ڳرو سنسڪرت لفظ ئي ڏسبو. مثال خاطر سنڌ جي تاريخ مان ٽڪر ڏجي ٿو، جا تاريخ معصومي پارسيءَ تان ديوان ننديرام ميراڻي جي ٺاهيل آهي.
مثال: “جڏهن چچ اميرن جي ميلاپ ساڻ گاديءَ تي ويٺو تڏهن دروازا خزاني جا اُپٽي ڏاڻ جو سڏ وجهي چڱن ۽ مٺن کي ڪوٺي ڏاڻ ڏيئي ٻاجهن ۽ ٿوري جي ڦاهيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيائين ۽ مهينو سپاهين جو وڌايائين ۽ ڍل راڄن کان گهٽايائين. ان ڪئي کان ڏينهن ۾ وسندي ۽ جهجهي وسئَن ٿي ۽ راڻيءَ کي پنهنجي ريت سان پرڻيو.“ (تايخ سنڌ صفحه 20)
هيٺيون ٽڪرو ”آڪاسي نروار“ مان ڏجي ٿو، جو سيد ميران محمد شاهه محمد شاه متعلوي هندي ڪتاب ”نظام شمسي“ تان ترجمو ڪيو آهي.
مثال: ”ڀورو ماڻهو چنڊ کي اڻ ڌيان (کي ڌياني) ۽ اڻ پور (بي خياليءَ) سان ڏسن ٿا پر ڏاها ماڻهو ان کي سڀني گهمندڙن تارن کي سڳوري ڌڻي جي وڏي سگهه جا اهنڃاڻ ڄاڻي ڌيان سان نهاريندا آهن جو ان سڀني جو رستو ڏيکاريندڙ آهي.“ (آڪاسي نروار صفحه 14)
مٿين مثالن مان بيشڪ روشن ٿي چڪو هوندو ته نئين دور جي ڪتابن ۾ ڪي اهڙا بہ نج سنڌي لفظ ۽ ورجيسون ڪم آنديون ويون، جي اڄ ڪلهه گهرو ڪمن ۽ وهنوارن ۾ نہ ڳالهائبا آهن، ته بہ انهيءَ دور جي بزرگن جيڪا صاف ۽ سليس سنڌي ٻولي ڪم آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سا اڄ ڪلهه جي هندن خواه مسلمان نثر نويسن لاءِ پيروي ڪرڻ جي لائق آهي.