گل شڪر/ڪ

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
328935گل شڪر — ڪ1905ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي

۳۵۱ - ڪتيم سڀ ڄمار، پاندي پوري ڪين ٿي.
پاندي، زالون سٽ ڪتن، جڏهن هڪڙي پاندي پوري ٿئي، تڏهن اُها ٽڪ تان لاهي ٻي پاندي ڏائن سا، پر جڏهن هڪڙي پاندي پڻ سڄيءَ ڄمار ۾ پوري نه ٿيندي، تڏهن ڪٿان ڪتبي. تنهن وانگي سڄي ڄمار مايا جي ڌنڌي ۾ وڃائبي، ته ڌڻيءَ جي يادگيري ڪڏهن ڪبي؟ فارسيءَ واري پڻ اهڙو ڏوراپو چيو آهي:
طِفلي به بازي، جواني به مستي،
پيري به سُستي، ڪَي خدارا پرستي؟ ٻالاتڻ راند ۾، جواني نشي ۾،
پوڙهائي هيڻائيءَ ۾، ڪڏهن ڌڻيءَ کي پوڄيندين؟

۳۵۲ - ڪکان ڪوڙي باهه، غلامان دوستي، يار نه ڪجي ڏوم، پيادا پوستي.
ڏوم؛ يعني لنگهو، پيادو؛ هي اصطلاحي لفظ آهي يعني ڍل جي اوڳڙ ڪندڙ، پوستي يعني پوست جي نشي پيئڻ وارو. مطلب هي آهي جو ڪکن جي باهه ڪوڙي جٽاءُ نه ڪري، ۽ گولاڙي جي دوستي پڻ ڪمائتي نه آهي. جنهن لاءِ عربي پهاڪو آهي؛
لا خير في عبيدي. نه آهي ڀلائي گولاڙي مان.
تنهن وانگي لنگهي، پيادي ۽ پوستيءَ جي دوستيءَ مان به نيٺ نلائي آهي.

۳۵۳ - ڪتي جا ڏند، گڏهه جو ماس.
گڏهه جو ماس بڇڙي شيءِ آهي، ته ڪتي جا ڏند ڪي چڱا آهن ڇا؟ تڏهن ڄاڻڻ گهرجي، جو بڇڙي کي بڇڙو پهچي. جهڙي دستور سياڻي ماڻهوءَ جو لچ سان ڌنڌو اڙي، ته ٻيو لچ پنهنجي پاران وڪيل بڇي جند ڇڏائي. اهڙيءَ ڳالهه لاءِ عربي پهاڪو پڻ آيو آهي:
سنون الڪلابا، لحم الحمارا. ڪتي جا ڏند، گڏهه جو ماس

۳۵۴ - ڪنين ماضي من ۾، ڪنين استقبال، حيف تنين جي حال، جن وساريو حال کي.
ماضي يعني جيڪا ٿي لنگهي، استقبال يعني جيڪا ٿيندي، حال، جيڪا هاڻي ٿي نبري؛ مطلب هي آهي، جو هڪڙا ماڻهو پراڻين ڳالهين کي ياد ڪيو ٽيڳريا وتن، سا پڻ پوري ڳالهه نه آهي. جهڙيءَ طرح ڪو ماڻهو اڳي وهيون هو، پر هاڻي ڌڻيءَ جي قدرت سان ولهو هئي ته اها پراڻي ٽيڊ ڪاٿي هلنديس، ۽ ٻيا هڪڙا ماڻهو اڳتي ٿيندڙ ڪم جي اڻ تڻ رکن، سا پڻ پوري هاج نه آهي: ڇا کان جو معلوم نه آهي، ته هن کان پوءِ ڇا ٿيندو. تنهنڪري هاڻوڪيءَ مهل جي حال ۽ صحبت موجب هلت ڪرڻ گهرجي.

۳۵۵ - ڪڏهن ڀريءَ ۾، ڪڏهن ڀاڪر ۾.
ڀريءَ ۾ ۽ ڀاڪر ۾، هي اصطلاح آهن، جن جي معنيٰ گهڻو ۽ ٿورو آهي. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، جو ڪڏهن گهڻو ڪڏهن ٿورو؛ پر مطلب سندس هي آهي، جو مايا جو ڌنڌو ڪڏهن ڪهڙي ڪڏهن ڪهڙي روپ ۾ رهي ٿو. جهڙي ريت اردوءَ وارو چوي ٿو:
جب گيا بلبل چمن ۾ ديکهه ڪي فصل خزان،
رو ڪي هس ڪهني لگي گاهي چنين گاهي چنان. جڏهن بربليءَ باغ ۾ وڃي ڦٽاڻيءَ جو حال ڏٺو،
روئي کلي چوڻ لڳي، ڪڏهن ڪيئن ڪڏهن ڪيئن.

۳۵۶ - ڪارو وهي ڪمري گڏ، ته ورن نه مٽائي ته عادت مٽائي.
ڪمرو، چٽ ڪمرو يعني ٻه رنگو، ورن يعني رنگ، اشراف ماڻهو لچ جي سنگت ۾ وهندو ته مهانڊو لچ جهڙو ڪين ٿيندس، پر لڇڻ جائي لچ جا سکندو. تنهنڪري سياڻا ماڻهو اهڙيءَ صحبت کان جهليندا آهن. فارسيءَ وارو پڻ چوي ٿو:
با بدان کم نشين، که صحبت بد،
گر چه پاکي، ترا پليد کند.
آفتابي بدين بلندي و تاب،
پاره ابر ناپديد کند. بڇڙن سان ٿورو ويهه، جو بڇڙي صحبت،
جيتوڙي سٺو آهين، اوٺو ڪندءِ.
سج کي هيتريءَ وڏائيءَ ۽ سوجهري سوڌو،
ڪڪر جو ٽڪر لڪائي ڇڏي.

۳۵۷ - ڪهڻي سڀڪو ڪهي، پر کرو ڪو وهڻيءَ وهي.
ڪهڻي ۽ وهڻي هي ٻئي اصطلاحي لفظ آهن، يعني چوڻ ۽ ڪرڻ. پهاڪي جي معنيٰ هي آهي، جو چوڻ لاءِ سڀڪو چوي، پر کرو ڪو ڪرڻ لاءِ ڪري. جهڙوڪي سڀڪو چوي، جو ڪوڙ، چوري، گلا، حرام ۽ ٻيا اهڙا ڪم بڇڙا آهن پر کرو جڏهن ڪو پاڻ نه ڪري. تنهنڪري جيترو ڪري سگهي، ڄڀ سان پڻ اوترو چوي، تڏهن هن پهاڪي جي اوڀالي کان ڇٽي.

۳۵۸ - ڪتيءَ کي ڪنهن اُماڙ ڏنو هو، سا تارا ڏسي ٿي ڊني.
هن پهاڪي جي معنيٰ ۾ لڪو ڪين آهي، جو پڌرو ڪجي؛ پر مطلب هي آهي، جو هڪڙيءَ مهل ڪو ماڻهو ڪنهن ڪم مان گهاٽو پائي، يا ڏک ڏسي ته وري جيڪر ان ڪم ڏسڻ کان پڻ ڊڄي. پهاڪي نمبر ۴۰۲ واري ۾ پڻ اهڙو بيان ٿيو آهي.

۳۵۹ - ڪتي جو پڇ ٻارهن مهينا نڙ ۾ پائي رک، ته به ڏنگو ئي رهندو.
ڪتي جو پڇ اصل کان ڏنگو هوندو، سو نڙ ۾ پوڻ سان ڪٿي ڏنگ ڇڏيندو؟ تنهن وانگي جنهن ماڻهوءَ کي اصل کان بڇڙي عادت هوندي، سو سيکارڻ سان ڇڏيندو ڇا؟ جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:
جو جانڪو پڙيو سڀاءُ جاوي جيءَ سون،
نيم نه ميٺي هوءِ سنچ ڳڙ گيھَ سون. جا جنهن جي عادت هوندي سا ساهه سان ويندي؛
ڳڙ ۽ گيهه سان گڏ، ته به نم مٺي نه ٿئي.

۳۶۰ - ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
ڪتي جو کاڄ سدائين جوٺ آٺ ۽ هڏو گڏو آهي، تنهن کي ڪڻڪ جي ماني جا اُچو کاڄ آهي کارائبي؛ ته ڇا سڌرندو. تنهن وانگي ڪميڻو ماڻهو سدائين ڦٺ لعنت سان سمجهندو هوندو، سو شابس چوڻ مان ڇا سمجهندو؟ تنهن تي هڪڙو مثل ياد آيو اٿم:
هڪڙو حاڪم پنهنجي پکاليءَ جي ڇوڪريءَ تي عاشق ٿيو، تنھن جي سڱ لاءِ پکاليءَ کي گهڻو ڪي ناڻو باسيائين ۽ گهڻي منٿ ميڙ ڪيائين، پر مهاڻي يعني پکاليءَ سڱ ڏيڻ نه باسيو؛ تنهنڪري ڏک ڀرجي موڙه سوڙه ڪري ويٺو. اها ڳالهه سندس هڪڙي صوبي ٻڌي، تنهن مهاڻي کي گهرائي ڏاڙهيءَ مان جهلي پنج ست موچڙا هنيا. مهاڻي پڇيو، ڙي سائين ڇو ٿو ماريم؟ چي ڙي ليڙپيءَ منهنجو حاڪم تو کان سڱ ٿو گهري، تنهن کي ڇو نٿو ڏين؟ مهاڻي چيو، اڙي سائين اُن ڪو تو وانگي سمجهائي به چيو هو! هاڻي تو سمجهايو آهي، تڏهن جيءُ ڏيان، نچ ڏيان. هاڻي ڏسڻ گهرجي ته پهاڪي واري سچ چيو آهي نه؟

۳۶۱ - ڪالهوڻي ڪالهه گئي، اڄ پڻ ڏينهن ٻيو، جنهن ۾ ماڻ پيو، سا راهه رهندي ڪيترو.
راهه يعني اَن جو ڍڳ، جنهن ان جي ڍڳ مان ماڻ سان مئجي نڪرندو، سو ڇا جهليندو؟ نيٺ کپي ويندو. تنهن وانگي دنيا ۾ جيوت جا ڏهاڙا جنهن مان ڏهاڙي هڪڙو ڏهاڙو نبرندو ويندو، سي ڇا جهليندا؟ جهڙو ڦُٽَلَ دلي جو پاڻي ٽمندي ٽمندي کپي رهي.

۳۶۲ - ڪنيءَ رن جا ٻار، ٿورا تيئن چڱا.
هن پهاڪي جو بنياد هي آهي، جو هڪڙي عورت پوڙهيءَ، سڃيءَ ۽ بيمار کي ٻار گهڻا هئا، تن مان هڪڙو مري پيو، ۽ رن پٽڻ لڳي؛ اهو حال ڏسي پاڙوسي هڪڙو کلڻ لڳو. فقير هڪڙي اُن پاڙوسيءَ کي چيو، جو هن کي مرڻو، توکي کل؟ تنهن کي پاڙوسيءَ هي پهاڪو چئي سڻايو. پر مطلب هي آهي جو ڪني وهنوار ۾ هٿ جيئن ٿورو تيئن چڱو؛ بلڪ نه هئي ته هيڪاري چڱو.

۳۶۳ - ڪري سو پائي، فقير کنڊ کائي.
هي پهاڪي جي پوئين سٽ رڳي خوش طبعيءَ لاءِ آئي آهي؛ مگر پهرينءَ جو مطلب هي آهي، جو جهڙا ڪم ڪندو سو تهڙو ڦل پائيندو. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
هر کسي آن درَ وَد عاقبت کار، که کِشت. نيٺ سڀڪو اُهو لڻندو جيڪي پوکيائين.

۳۶۴ - ڪهي سا رهي، ٻولي ٻاروچن جي.
هن پهاڪي وارو رڳو سچارن مڙسن جي ڳالهه جي سچائي ڏيکاري ٿو، جو سچار ماڻهوءَ جي وات مان ڳالهه نڪتي ته ڄاڻ ٿي، وري ڦري نه . فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
سخن مردان جان دارد. مڙسن جي ڳالهه ۾ ساهه آهي.

۳۶۵ - ڪوسا ناوي، ٿڌا کاوي، ته ويج پاس نه جاوي.
سياڻا ماڻهو ڪوسي پاڻيءَ سان وهنجڻ، ۽ ٺاري کاڄ کائڻ جو گهڻو تاڪيد ڪندا آهن؛ ۽ چون ته جيڪو اها هلت ڪندو؛ تنهن کي گهڻو ڪري اگهائيءَ جو ڊپ يا طبيب جي ڪاڻ نه رهندي. بعضي يوناني طبيب ڪوسي پاڻيءَ سان وهنجڻ بابت هي لطيفو چوندا آهن، جو مئل ماڻهوءَ کي ڪوسي پاڻيءَ سان وهنجارن ٿا، سو جيءُ نه ٿو پوي، تنهن جو عجب آهي: يعني ڪوسي پاڻيءَ سان وهنجڻ ۾ اهڙي ڀلائي آهي. تنهن کان سواءِ ننڍپڻ جي ڏهاڙن ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ هڪڙو مهتو تاراچند سيوهاڻي ڏٺو هوم، جو هميشھ کاڄ تمام ٺاري کائيندو هو ۽ سنان پڻ ڪوسي پاڻيءَ سان ڪندڙ هو. تن ڏهاڙن ۾ اٽڪل پنجاسي (۸۵) ورهين جي ڄمار هيس، ته به اکين جو سهائو اهڙو هوس، جو رات جو بنا عينڪ لکندو ۽ ڏندن سان ڀڳڙن جهڙيون شيون چٻي ويندو هو. تڏهن ڀايان ٿو جو پهاڪي واري سچ چيو آهي.

۳۶۶ - ڪر چڱائي ڄٽ سان، ته ڦيري هڻيئي پٽ سان.
ڄٽ يعني جهنگلي، پر هت لچ جي شان ۾ آيو آهي. مطلب پهاڪي جو هي آهي، جو لچ سان گهڻو ئي ڪو ڀلائي ڪري، ته به نيٺ منجهانس برائي پرائي. تنهن لاءِ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
اگر عمري نوازي سفلئه را،
به کمتر چيزي آيد با تو در جنگ. جيڪڏهن سڄي ڄمار لچ کي پالين،
ٿوريءَ شيءِ تان توسان وڙهندو.

۳۶۷ - ڪنڌيون پار، قنڌارون پار.
ڪنڌيان پار يعني نديءَ جي هن ڀر، يا ڀت جي ٻئي پاسي، قنڌاران پار يعني قنڌار کان پري. مطلب پهاڪي جو هي آهي، ته جو ماڻهو دل کان پري آهي، سو پري آهي؛ ۽ دل کي ويجهو سو ويجهو. فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
دوران با خبر در حضور؛ نزديکان بي بصر دور. پراهان خبر سان ويجها، ويجها اڻ ڏٺا پري.

۳۶۸ - ڪچيءَ ڪنا نه وريا، پڪيءَ ڇا ورندا.
هن پهاڪي جي معنيٰ هي آهي، جو مٽيءَ جو باسڻ جاسين ڪچو آهي، تاسين سندس ڪنن جو وارڻ ڦيرڻ ڪنڀر جي وس آهي؛ پر پڪي کان پوءِ وري نه سگهن. تنهن وانگي جو ماڻهو ننڍپڻ ۾ علم يا ادب جي ترتيب سان نه سڌريو، سو وڏتڻ ۾ اهڙو سڌرندو، جهڙو ٻڍو طوطو پڙهي.

۳۶۹ - ڪک هيٺ لک پيو آهي.
هن پهاڪي جو مطلب اهو نه آهي، جو پڪ سڀ ڪنهن ڪک هيٺ اهڙو مال رکيو آهي؛ مگر ڌڻيءَ جي وڏائي ڏيکاري ٿو، جو هن جي ڳجهه جي ڪل ڪنهن کي ڪا نه آهي. فارسيءَ واري پڻ اهڙو پهاڪو چيو آهي.
هر بيشہ گمان مبر که خالي است،
شايد که پلنگ خفته باشد. سڀڪو ٻُوڙو مَڄاڻ ته ٺلهو هوندو،
جو متان منجهس چيتو سُتو هئي.

۳۷۰ - ڪؤڙو کائجي، مٺي جي لالچ تي.
مطلب هي آهي جو جڏهن ڪنهن مان ڪم ڪڍڻو پوي؛ تڏهن ڪؤڙو ڳالهؤُ ٻڌي به ماٺ ڪري ڪم ڪڍي وٺجي ٿو؛ نه ته جيڪر ڪير ڪنهن جو ويڻ سهي؟ جهڙو هنديءَ وارو چوي ٿو؛
بن سوارٿ ڪئسي ڪو اوڪڙ وي بَيِن؟
لات کان ٻُچڪار ئي جيون دو ڌارو ڌين. پنهنجي مطلب بنا ڪير ڪؤڙا ڳالهوَ سهي؟
جئن ڌنار لت کائي به ڳئون ٻچڪاري ڏُهي.

۳۷۱ - ڪوئي مري ڪوئي جيوي، شُتريا گهول پتاشا پيوي.
شُتريا هڪڙي فقيرن جي ذات آهي، جي هميشھ بي پرواهه ۽ خوش طبع رهن؛ گهول پتاشا پيوي؛ يعني شربت جوڙي پيئي. پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو جيڪي فقير ڌڻيءَ جا ڳولا ۽ دنيا کان ڇٽل آهن، تن کي ڪنهن جي ڀلي يا بري سان ڪو واسطو نه آهي؛ سدائين رنگ ۾ رتا وتن. جهڙو فارسيءَ وارو چوي ٿو:
ما در دو جهان غير خدا يار نداريم؛
جز ياد خدا با دگران ڪار نداريم؛ ڌڻيءَ ڌاران ٻن جهانن ۾ ڪو يار نه رکون؛
ڌڻيءَ جي يادگيريءَ بنان ٻين سان ڪم نه رکون.
۽ نمبر ۴۳۲ واري پهاڪي ۾ پڻ اهڙي پچار هلي آهي.

۳۷۲ - ڪڃريءَ جو يار، بهريءَ جو شڪار، سدا خوار.
بهري، باز جي ذات ۾ هڪڙو شڪاري پکي آهي، جو ڪونجن جو شڪار ڪري ۽ شڪار جي وقت پاڻ ڪونج لاءِ اڀ ۾ ڊوڙي، ۽ سندس ڌڻي منجهس ڌيان رکي نهاريندو، ڌرتيءَ تي پٺس ڊوڪندو وڃي؛ تنهنڪري ان شڪار واري ماڻهوءَ کي کڏ کوٻي ۾ ڪرڻ جهرڻ جو ڊپ رهي. مطلب، جو شڪار هڪڙو چشڪي جهڙو ڪم آهي، پر سياڻا ماڻهو جوکي جي سانگي اهڙي سواد کان پڻ روڪين. تنهن وانگي ڪڃريءَ جي صحبت جو گهاٽو جو پڌرو آهي، سو پڻ ويچار وارن کي نه وڻي.

۳۷۳ - ڪشيي نه ڪمان، پڙيئي نه ضمان، ٽپيئي نه کوها، رهيئي نه جوا.
۱. سينڱ تاڻڻ مان هي گهاٽو آهي، جو ڇُٽل تير وري نه موٽي، جهڙو وات مان نڪتل ڳالهه وات ۾ نه اچي؛ يا جهڙو ڏڌل کير ٿڻن ۾ پوي.
۲. ضامن پوڻ مان هي تاوڻ آهي، جو گهڻا ڀرڪا ضامنن کي تاوڻ ڀريندو ڏٺو ٻڌو آهي.
۳. کوهه ٽپڻ ۾ هي ڊپ آهي، جو پير ترڪيو، ته سر جو جوکو.
۴. جوا کيڏڻ جو گهاٽو ۽ گلا جهان ۾ پڌرا آهن.
تنهنڪري سياڻا ماڻهو انهن چئن ڪمن کان منع ڪندا آهن.

۳۷۴ - ڪميڻو ڪپڙا ڪري ڏسي پنهنجو ڏيل، ڏسي پنهنجي ڏيل کي ڊوڙائي دليل، ته مون جهڙو ملڪن ۾ آهي قدر قليل؛ اڳيان گڏيس اصيل، تڏهن وايون ويس وسري.
ڪي ڪي ڪميڻا ماڻهو پنهنجي ٿوريءَ موڙيءَ کي گهڻو ڄاڻي ٽنڊ ڪن، پر اشرافن يا ڀاڳوانن جي اڳيان اُها ٽنڊ ڦڪي لڳين. تن جي شان ۾ هي پهاڪو بيت ٿي آيو آهي؛ تنهن لاءِ هڪڙو مثل ياد آيو اٿم.
هڪڙو بادو نالي ڪوري غريب ماڻهو هو، ۽ عيد جي ڏهاڙي پنهنجي غريبيءَ آهر ڪپڙا ڪيائين، اُن ڪپڙن کي ڏسي ٽيڳرجي پاڻ کي چوڻ لڳو؛ “جيءُ ڙي بادا جيءُ.” پر جڏهن گهر کان ٻاهر نڪري ڏٺائين جو وڏا وڏا ماڻهو زري زربفت جا ڪپڙا ڍڪيو عيد پڙهڻ ٿا وڃن، تڏهن پنهنجي پوشاڪ کي سادو ڄاڻي شرمندو ٿي وري پاڻ کي چوڻ لڳو؛ “ڊين ڙي باڊا ڊين”. مطلب جو هن ماڻهوءَ کي جڏهن ڌڻيءَ عقل ڏنو آهي، تڏهن پنهنجي ڪَود ۾ پاڻ منهن پائي ويچار ڪري پنهنجي ۽ ٻئي جي دولت ۽ مان کي ۽ وڏائيءَ کي تڪي هلت ڪري، ته جيڪر نيٺ نه پڇتائي.

۳۷۵ - ڪاڻي وسوڙي، چي مڙسم ويو اک کي.
واهه مائي ڪاڻي ٻائي، مڙسئين اک وٺي ٿو اچي. هي پهاڪو ڀورڙن ماڻهن جي ويساهه جي ڀل ڏيکاري ٿو، جو ڪاڻي وسهي ته مڙسس اک وٺي ٿو اچي؛ نه ته سچ پچ ڪو ماڻهو ڪٿان آڻيندو. تنهن تي هڪڙي ڳالهه آئي اٿم:
ڳالهه
جڏهن نوشهري ۾ مختيارڪار هوس، تڏهن ساڌوءَ نالي هندو جنهن جو پٽ ناجوڙ ٿيو، تنهن کي ڊاڪٽر صاحب يا يوناني طبيب جي دوا ڪرڻ لاءِ گهڻو چيم، پر هن چيو جو هڪڙا ٻه ڄڻا سن ساوڙيءَ جي ڳوٺ مان آيا آهن، جي چون ٿا ته جِنَ سندن مڃتا ۾ آهن. تن کي گهرائي ڇوڪر ڇٽائينداسون. ان ڪوڙي دلبي تي نه لڳڻ لاءِ هن کي گهڻو سمجهايم، پر نه سمجهيو؛ ۽ هن پهاڪي واريءَ ڪاڻيءَ وانگي اُڻ جي دلاسي لڳي سندن هيٺ خرچ پڻ ڪيائين ۽ بيماري جي دوا کان به ماٺ ۾ رهيو، ايتري ۾ مرض دوا ڪرڻ کان ڏاڍو ٿي ويو، نيٺ ويچارو بيمار ڪين ڇٽو. حاصل ڳالهه جو اڻ ٿيڻ جهڙيءَ ڳالهه تي وسهڻ سياڻپ سان وير وجهڻ آهي.

۳۷۶ - ڪم قُوَت، آڪڙ بهت، مار کاوڻ ڪي نشاني.
هن پهاڪي جي اکري معنيٰ پڌري آهي؛ مگر سندس چوڻ وارو سمجهائي ٿو ته پاڻان ڏاڍي سان جو وڙهندو سو پاڻ مارائيندو. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
هر که با فولاد بازو پنجه کرد؛
ساعد سيمين خود را رنجه کرد. جنهن رڪ جي ٻانهن واري سان هٿ اڙايو،
روپين ڪرائين پنهنجن کي ڏکويائين.

۳۷۷ - ڪوڙ ڄمار جي ڪتر آهي.
جيتوڙي ته هن پهاڪي مان پڌرو نڪري ٿو، جو ڪوڙ ڳالهائيندڙ جي ڄمار ڪترجي گهٽ ٿي ٿئي، پر فارسي لطيفه؛
گر روي در دهان شير و پلنگ،
نه خورندت، مگر بروز اجل. جيڪڏهن شينهن ۽ چيتي جي وات ۾ وڃي،
نه کائيندءِ، مگر مرڻ جي ڏهاڙي.
جڏهن انهيءَ لطيفي تي ئي نظر ڪجي، تڏهن ڄاڻجي ٿو جو ڄمار گهٽ وڌ ٿيڻ جي نه آهي.
مگر سندس مطلب هي آهي جو ڪوڙ مانُ وڃائيندڙ ۽ گلا ڏياريندڙ آهي. اهڙي بي ماني ۽ گلاري جيڻ کان مرڻ ڀلو آهي. جهڙو هنديءَ وارو چوي ٿو:
جو جڳ ۾ اپ ڪيرت هوءِ سٺ،
ميچ ڀلي ره ڀات جيئي تي. جهان ۾ گلا ٿئي،
اهڙي جيئڻ کان مرڻ ڀلو.

۳۷۸ - ڪاڻيءَ جي وهانو ۾ سنگٽ به گهڻا.
سنگٽ، هي هندي اصطلاح جو لفظ آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن ڪو تارو يعني گرهه ڪنهن اهڙيءَ راس ۾ ايندو آهي، جو هندن جي وهانو جي مُورت ۾ حرڪت ٿي پوي، اهڙيءَ حرڪت جو نالو سنگٽ آهي. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، جو ڪاڻي عورت جا وڏ واري آهي، تنهن کي گهوٽ ملڻ اهنجو، باقي وهانو ۾ سنگٽ پيس، ته رولي ۾ رولو ٿيو. پر مطلب هي آهي، جو نڀاڳو ماڻهو ڪنهن ڪم لاءِ توڙي گهڻو به ڊوڙندو، ته به سندس ڪم مان هڪڙي نه ٻي حرڪت ڪين ويندي.

۳۷۹ - ڪرم هيڻ کيتي ڪري، بَلدُ مري، يا ٽوٽا پڙي.
ڪرم هيڻ يعني نڀاڳو، بلد يعني ڍڳو، ٽوٽو يعني گاٽهو، پهاڪي جي لفظن جي معنيٰ پڌري آهي جا سڀڪو ڄاڻي ٿو؛ مگر مطلب هي آهي، جو نڀاڳو ماڻهو واڌيءَ واري ڪم ۾ هٿ وجهندو، ته به گهاٽو پائيندو. مثلًا جاڏي ويندو، تاڏي واڌُو نه ڏسندو. جهڙو فارسي بيت آهي:
بي بخت اگر تشنھ رود بر سر چاهي،
يا دَلَو فرو افند، يا خشک بر آيد. نڀاڳو اُڃايل جيڪڏهن کوهه تي وڃي،
يا ٻوڪو ڪري پوي، يا کوهه سڪي رهي.

۳۸۰ - ڪتي جو ڪارو منهن، رٻ اوتري جي اوتري.
پهاڪي جي پيڙهه هن ريت آهي، جو هڪڙي غريب رٻ جو ڪنو رڌي رکيو، تنهن ۾ ڪتي اچي ٻوٿ وڌو، پر رٻ کائڻ کان اڳي مالڪ هڪلي ڇڏيو ۽ ڏٺائين جو ڪتي رٻ ڪا نه کاڌي. رڳو ڪنو نوسيائين ۽ ڪني جي ڪارنهن منهن کي لڳس، تڏهن ڪني جي ڌڻيءَ کلي هي پهاڪو چيو. پر مطلب پهاڪي جو هيءُ آهي، جو ٻن يارن جي وچ ۾ هڪڙو ڇيڻا-ڀور پئجي هڪڙي جي ٻئي وٽ گلا ڪري- ڏُڦيڙ وجهي؛ پر جڏهن هو ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري ٻڌي لائيءَ چائيءَ واري جي ڳالهه کي گڏهه جي هينگ جهڙو ڄاڻي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿين، تڏهن اُن ٻچاپڙي جي واسطي هي پهاڪو چوڻ ۾ اچي.

۳۸۱ - ڪڏهن ماٽي مٽ تي، ڪڏهن ماٽيءَ مٿان مٽ.
ماٽي، اُهو ماڻهو، جو پلن جي مند ۾ پيٽ ڀر مٽ تي چڙهي پلا ماري؛ مٽ، اُهو ٺڪر جو مٽ، جنهن تي اُهو مهاڻو چڙهي.
معنيٰ پهاڪي جي هي آهي، جو پهريائين اُهو مهاڻو مٽ تي چڙهي لاهوارو ٿي پلا ماريندو درياءَ ۾ وڃي؛ ڳچ پنڌ کان پوءِ وري سُڪيءَ تي نڪري اُهو ساڳيو مٽ مٿي تي کڻي، ڪپ وٺي اوڀارو وڃي. مطلب پهاڪي جو هي آهي، جو ڌڻيءَ جي وڏائيءَ جو نشان ٿو ڏيکاري. جهڙيءَ طرح ڪڏهن پٽ پيءُ جو تليڍؤ، ڪڏهن پيءُ پٽ جو محتاج؛ ۽ گهڻا ڀيرا ڏٺو ٻڌو ويو آهي، جو سرڪاري نوڪريءَ ۾ هڪڙو ٻئي جي هٿ هيٺ رهيو آهي، ۽ سمي پائي ڌڻيءَ جي دڳي سان هٿ هيٺ وارو بالادست ٿي ويو آهي، ۽ اُهو بالادست اُن ساڳئي جو تليڍو ٿي رهيو آهي.

۳۸۲ - ڪتو به کاڌو، ڪک به نه ڀري.
ڪُک هڪڙي پيٽ جي ڀر ۾ پاسريءَ جي هيٺيان عضوو آهي؛ پر هت مراد سنديس پيٽ آهي. مطلب پهاڪي جو هي آهي، جو هڪڙو ماڻهو بک مرندي چوري، يا ٺڳي يا ڪا ٻي ڪپت جهڙي هاج ڪري، سا ڦٻيس ته نه، پر مورڳو جهلجي پوي، ته مٿس هي پهاڪو لاڳو ٿئي.

۳۸۳ - ڪني آڱر وڍي چڱي.
هڪڙيءَ آڱر ۾ ڪنهن کي اهڙو ڦٽ ٿئي، جو پاڻ ته ڇٽڻ جهڙو نه هئي، پر ٻين آڱرين کي کارڻ جهڙو هجي، ته اهڙيءَ آڱر کي وڍائڻ چڱو آهي. تنهن وانگي جڏهن ڪنهن لچ، يا ڪپتئي ماڻهوءَ سان ڌنڌو اڙي، جنهن مان واڌو واڌيءَ جي ماڳ، پر مورڳو گهاٽي جو ڊپ هئي، تڏهن اُهو ڌنڌو اٻوڇي پائي به ڇني ڇڏجي.

۳۸۴ - ڪوڙي سڄڻ کان سچو ويري به چڱو.
جيتوڙي هي پهاڪي وارو سچي ماڻهوءَ جو ويرپو ڌُڻي ٿو، جو وير ڪنهن جو به چڱو نه آهي، پر مطلب سندس ڇا آهي، جو ڪوڙي کان مُدل ڀڄي ٿو، ۽ سچي کي ساراهي ٿو.

۳۸۵ - ڪٿي چور سڃا، ڪٿي ڍور سڃا.
لفظن جي معنيٰ هيءَ آهي، جو ڪاٿي چور وتن چوريءَ لاءَ ڍور ڳوليندا، ته هٿ ڪو نه لڳين؛ ڪاٿي ڍور وتن سڃا چرندا، ته چور ڪو نه ڏسين. پر مطلب هي آهي، جو هي پهاڪو ڌڻيءَ جي بيپروائي ڏيکاري ٿو، جو ڪاٿي ڪهڙو رنگ، ڪاٿي ڪهڙو روپ جوڙيو اٿس. تنهن تي هڪڙو مثل ياد آيو اٿم:
مير غلام علي خان صاحب بهادر اڳوڻو حاڪم سنڌ جو هڪڙي ڏهاڙي ڪچهڙيءَ ۾ ويٺو هو ۽ اڳيانس چلمچي سوني رکي هئي تنهن ۾ ٿڪ اڇلايائين، اهو حال ڏسي ٻروچ هڪڙي چلمچيءَ کي سلام ڪري چيو، “واهه ميان سون، ڪاٿي ٻروچاڻيءَ جي نڪ ۾ نٿ به نه ٺهي، ڪاٿي ته ٿڪون پيو جهلين”.

۳۸۶ - ڪنهن جو اگهي ڪوڙ، ڪنهن جو سچ به سُهمن گاڏئون؛ ڪنهن جي ماني ڪري نه مور ڪنهن جا ٽڪر به ٽيڻان ڪري.
سُهمون يعني ڇڙٻون، ٽڪر يعني مانيءَ ڀور.
هي پهاڪو پڻ ڌڻيءَ جي وڏائيءَ جو اُهڃاڻ ٿو ڏيکاري؛ جو جڏهن ڌڻي مهربان آهي، تڏهن ڪوڙ به ٿو اگهي؛ نه ته سچ به ملهه-چور ٿيو پوي. پر مطلب هي آهي، جو ڪٿي ڪٿي ڏٺو ٻڌو ويو آهي، جو ڏڏ ڀاڳوان، ۽ سياڻو نڀاڳو. تنهن تي فارسي بيت پڻ آيو آهي:
اوفتاده است در جهان بسيار،
بي تميز ارجمند، و عاقل خوار. جهان ۾ گهڻا پيا آهن،
اڄاڻ پيارو، ۽ سياڻو خوار.

۳۸۷ - ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙھ مقام ۾؛ واريءَ سندو ڪوٽ، اَڏيو اڏبو ڪيترو.
مطلب پهاڪي جو هي آهي، جو جيوت جا ڏهاڙا ٿورا آهن، سي واريءَ جي ڪوٽ وانگر ڪين جهليندا، نيٺ مرڻو ئي آهي. تنهن تي بابا نانڪ صاحب جو وچن پڻ آهي:
ڪَھُ نانڪ ٿِرُ ڪڇ نهين، سپني جيون سنسار. ٻائو صاحب ٿو فرمائي ته سپني جهڙو جهان رهڻ جو نه آهي.

۳۸۸ - ڪانياري ٻلي ڪوئي جي جوءِ.
ڪانياري، يعني ڪاڻ يا گهرج واري؛ جيتوڙي ته ڪوئو ٻليءَ جو شڪار آهي، پر پهاڪي وارو چوي ٿو جو گهرج وارو ماڻهو توڙي ڏاڍو ئي هوندو ته به ڊڄندو ئي رهندو. جهڙو فارسيءَ وارو چوندو آهي:
آنچه شيران را کند روبہ مزاج،
احتياج و احتياج و احتياج. جيڪي شينهن کي ڦيڪاريءَ جهڙو ڪري،
گهرج ۽ گهرج ۽ گهرج.

۳۸۹ - ڪک جو چور، سو لک جو چور.
هن پهاڪي مان ٻيو نرالو مطلب ڪو نه ٿو نڪري، مگر ايترو آهي ته جو ماڻهو هڪڙي ڀيري ٿوريءَ چوريءَ تي به هريو، سو ٻيهر گهڻي چوري ڪندي پڻ ويرم نه ڪندو.

۳۹۰ - ڪتو ۽ ڪپاٽ، ٽوڙهي سان ٽپائجي، ساڌو ۽ سپاٽ، وهارجي وچ ۾.
ڪپاٽ يعني نالائق ماڻهو، ٽوڙهو يعني نوڙي، ساڌو يعني اشراف، سپاٽ يعني لائق ماڻهو، وهارجي وچ ۾، هي اصطلاحي لفظ آهي، يعني آبرو ڏجيس. هي پهاڪي وارو ايترو سمجهائي ٿو، جو لچ کي آڌر نه ڏي ۽ اشراف کي پيار ڏي، ۽ ساڻس پريت رک. تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:
با بدان بدباش، با نيکان نکو،
جاءِ گل گل باش، جاءِ خار خار. بڇڙن سان بڇڙو رهه، ۽ چڱن سان چڱو؛
گل هنڌ گل ٿي، ڪنڊي هنڌ ڪنڊو.

۳۹۱ - ڪڻڪ ڪڍي بهه کي باهه ڏي.
هن پهاڪي مان سنساريءَ ماڻهوءَ لاءِ هي مطلب نڪري ٿو، جو دنيا ۾ ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جن ۾ گهڻا اوڳڻ آهن، پر منجهن ڪي ڳڻ ڪم اچڻ جهڙا پڻ آهن. تڏهن سياڻو ماڻهو اُن جي اوڳڻن ڏي نه نهاري ۽ ڳڻن کي اُڀري وٺي. جهڙو فارسيءَ وارو چوي ٿو:
بود خار با گل هم اي هوشمند،
چه در بند خاري؟ تو گلدسته بند. اي سياڻا گل ۽ ڪنڊو گڏ ٿا رهن،
ڪنڊي جو فڪر ڇو ٿو ڪرين؟ گلدستو جوڙ.
۽ درويش لاءِ مطلب هي آهي، جو دنيا مان هڪڙو پاڪ ڌڻيءَ جو نالو هٿ ڪري ٻين ڌنڌن کي کڻي ڇڏي. تنهن لاءِ پڻ فارسيءَ واري چيو آهي:
خلاف طريقت بود که اوليا،
تمنا کند جز خدا از خدا. درويش کي هي طريقت کان اُبتڙ آهي،
جو ڌڻيءَ کان ڌڻيءَ ڌاران ٻيو گهري.

۳۹۲ - ڪوري پلوين نه پائجي.
ڪوري يعني نئين گندي، چادر، يا ڌوتي، يا ٻيو اهڙو ڪپڙو گهڻو ڪري وچ کان سگهو پراڻو ٿئي؛ پلوين يعني پاسن کان چرڪو. جڏهن ماڻهو وچ پراڻو ڏسن، تڏهن پَلَوَ ڳنڍي وچ کان ڦاڙن. تنهن کي اصطلاح ۾ چون پلوين پائڻ، پر اهو ڪم پراڻيءَ گنديءَ لاءِ آهي. ڪوريءَ گنديءَ کي پلوين ڪو نه پائي؛ پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ان ريت ڪري ته جيڪر پاڻ تان ماڻهو کلائي. جهڙوڪ هڪڙو ماڻهو واٽ ويندي ڄاڻي، جو ڪوهه پنڌ کان پوءِ واهه جو پاڻي لنگهڻو آهي، ۽ اڳوار ڪپڙا لاهي مٿي تي ٻڌي، يا هڪڙو ماڻهو چڱو ڀلو هئي، ۽ ٻيو ڄاڻي جو هي نيٺ مرندو، تنهن لاءِ ڪفن وٺي اچي. اهڙين ڳالهين کان پهاڪي وارو منع ٿو ڪري؛ سنديس مراد هيءَ آهي، جو سڀڪنهن ڳالهه جو مهل کان اڳي اُلڪو ڪرڻ نه گهرجي.

۳۹۳ - ڪوري کڏ کڻي، پر پاڻ پوي.
ڪوري ماڻهو هڪڙي کڏ کڻن؛ جنهن ۾ اُڻڻ مهل ڄنگهون وجهي ويهي اُڻن، جنهن کڏ کي دَکَڻُ ڪري چوندا آهن. پهاڪي جو مطلب، جيڪو ماڻهو ٻئي جي برائيءَ لاءِ جوڙجڪ ڪندو آهي، سو ڪر پاڻ لاءِ ٿو ڪري؛ تنهن جي سمجهائڻ لاءِ فريد صاحب وچن فرمايو آهي:
جو تيري کڏ کڻي تون اُسدي راه سنوار؛
اوه آپي پوسين کڏ وچ تون لنگهي پوسين پار. جو تولاءِ کڏ کوٽي تون ان جي واٽ جوڙ؛
هو پاڻ کڏ ۾ پوندو تون پار لنگهي پوندين.

۳۹۴ - ڪم پوي، ڪل پوي.
ڪل يعني سُڌ، اندر ٻاهرو ماڻهو ويس چڱو ڪري، جنهن ڪري چڱو مڙس ڄاڻجي، پر سندس اندر جا وسلا تڏهن سمجهي سگهجن، جڏهن ساڻس ڪو ڌنڌو اڙي. تنهن تي شاه عبداللطيف پڻ فرمايو آهي:
يار سڏائي سڀڪو جاني زباني،
آهي آساني، پر ڪم پئي ڪل پوي.

۳۹۵ - ڪُوڙي جي ڳالهه کُڏَ جي ڊوڙ.
جهڙيءَ طرح هڪڙو ماڻهو کُڏ تي چڙهي ڊوڙ پائي، پر جڏهن کُڏُ پورو ٿئي تڏهن ڪاڏي ويندو. جائي مُنجهي بيهي رهندو. تنهن وانگي جو ماڻهو ڪوڙي ڳالهه ڪندو، ۽ اُها ڳالهه پوري نه لڳندي، ته کُڏ جي ڊُڪڻ وانگي ڦڪو ٿي بيهندو ڪ نه؟ مراد هيءَ آهي، جو ڪوڙ جي پاڙ ٺڪريءَ تي آهي.

۳۹۶ - ڪنگر ۾ ڪڪڙا، پڙي مبارڪ.
ڪڪڙا يعني ڪپھ جو ٻج، هڪڙو هاري وونئڻن پوکڻ لاءِ ڪڪڙا ڪنگر ۾ پسائي رکي، جوڻس رٿ ڪري جو وونئڻ ٿيندا، تن جي ڪپھ ڪتي ڪپڙو اُڻائي؛ پڙو رڱائي ڍڪيندس؛ تنهن تي اڳوار واڌايون ورائي، تنهن کي اڳ ڪٿي ڳالهه چئجي. جهڙيءَ ريت ڪو ماڻهو دل ۾ ڳڻي، جو ٻه چار ڏهاڙا پورهيو ڪري رپيو گڏ ڪنديس؛ تنهن مان ٻڪري وٺندس، اها ويامي گهڻيون ٿينديون؛ سي وڪڻي ڍڳي ڳنهندس، جڏهن ڍڳي ويامي گهڻيون ٿينديون، تڏهن اُٺ. ان ريت وهئين ٿيڻ جو سوس رکي، پر اهو رڳو اجايو حرص آهي، جو سنجم يعني قناعت بنا پورو ٿيڻ جو نه آهي. جهڙو فارسي بيت آهي:
رَوده تنگ به يک نان تِهي پُر گردد؛
دولت روءِ زمين پر نکند ديده تنگ. آنڊو سوڙهو هڪڙيءَ رُکيءَ روٽيءَ سان ڀرجي،
سڄي جهان جو ناڻو سوڙهيءَ اک کي نه ڀري.

۳۹۷ - ڪڍي ڪاڍارا، ڏئي اُڌارا.
ڪڍي ڪاڍارا، يعني وٺي وياجيرو؛ مطلب هي آهي، ته جو ماڻهو هڪڙي هنڌان وياج تي ناڻو وٺي، ٻئي هنڌ وري وياج تي اُڌارو ڏيندو، اهڙي اڄاڻ جو جُهڳو ڪَمُنو ٿيندو ڪ نه؟

۳۹۸ - ڪم پرين سڀڪو آهي، چم پرين ڪو نه آهي.
ڪم ڪرڻ واري ماڻهوءَ کي سڀڪو پسند ڪري، چم کي يعني رڳي مهانڊي کي ڪو نه پيارو رکي. جهڙيءَ ريت هڪڙو ماڻهو مهانڊي جو بڇڙو ۽ لڇڻن جو چڱو ڪم سنواريندڙ هئي، ته جيڪر سڀ کي وڻي؛ پر جيڪڏهن مهانڊي جو سهڻو، رڳو ڏسڻ جو ٽوهه ۽ نڪمو هوندو، ته ڪنهن کي وڻندو؟ تنهن تي هڪڙو مثل آيو آهي:
محمود شاهه غزنويءَ کان پڇيائون، جو اياز جو مهانڊو بڇڙو آهي، تنهن تي ڇو عاشق ٿيو آهين؟ تن کي هي فارسي بيت ورنديءَ ۾ چيائين:
که عشق من اي خواجه بر خوءِ او است،
نه بر قد بالاءِ نيکوءِ او است. اي سائين منهنجو عشق ان جي لڇڻ تي آهي؛
ان جي وڏي قد موچاري تي نه آهي.

۳۹۹ - ڪوسو پاڻي ڪک نه ساڙي.
هيءَ ڳالهه پڌري آهي، جو پاڻي ڪهڙو به ڪوسو هئي ته به منجهس ڪک ڪين سڙن؛ ڇا کان جو ڪک پاڻيءَ جا نپايل آهن، سو پنهنجي پاليل جو مَٺو نٿو گهري. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
چوب را آب فرومي نبرد، حکمت چيست؟
شرم دارد ز فرو بردن پرورده خويش. ڪاٺ کي پاڻي نٿو ٻوڙي، ڪهڙي حڪمت آهي؟
پنهنجي نپايل کي ٻوڙڻ لڄ ٿي ٿئيس.
پر هڪڙي ڳالهه ٻي پڻ چڱي آهي، جو ڪک پاڻ کي سڀ کان هيڻو چوايو آهي، تنهن ڪري ڪوسو پاڻي نٿو ساڙيس. تنهن وانگي درويش پڻ پاڻ کي نماڻو ٿا ڄاڻن، تڏهن سنسار جي ڌنڌن ڏاکڙن گوندرن کان ڇٽي وڏي پد کي پهچن ٿا. جهڙو فارسي بيت آهي:
طريقت جز اين نيست درويش را،
که افگنده دارد تن خويش را. اِن ڌاران درويش کي ڪا واٽ نه آهي
جو ڪريل رکي پنهنجو پاڻ کي.
۽ تنهن کان سواءِ آڳاٽو هن ڏيهه ۾ شاهه عنايت هڪڙو ڪامل ٿي لنگهيو آهي، تنهن هڪڙي ڏهاڙي مدن ڀڳت پنهنجي سڄڻ کان پڇو، ته خدا جو در ڪيڏو آهي؟ چي اهڙو ننڍڙو آهي، جو جڏهن ڪو نِئڙي نِئڙي پنهنجو ڳاٽو ڀڃي، تڏهن مس منجهانس لنگهي. مطلب ته جنهن ڳاٽو نايو، يعني نئڙت ڪري هيڻو چوايو، سو پد کي پهتو. جهڙو شيخ سعديءَ جو چوڻ آهي:
در آن حضرت آنان گرفتند صدر،
که خود را فروتر نهادند قدر. اُن درٻار ۾ اُنهن جاءِ پاتي،
جن پاڻ کي گهٽ قدر وارو ڄاتو.

۴۰۰ - ڪاڏي ڪوري، ڪاڏي ترار؟
يعني ڪوريءَ کان ترار هڻڻ نه پڄي؛ هن ريت، جو اڳوڻن حڪومتن ۾ سڀڪو ائين ڄاڻندو هو ته ڪورين جي ڊڄڻي ذات آهي؛ تنهنڪري مٿن هي پهاڪو آيو آهي. پر مطلب هي آهي، جو گانڊوءَ کان مڙسيءَ جو ڪم ڪڏھن ڪين ٿيندو. تنھنڪري اھڙي ماڻھوءَ تياھڙو ڪم رکڻ پوري ڳالهه نه آهي. سياڻا چوندا آهن، ته گانڊوءَ مڙس کان همت وارو کدڙو به چڱو. جهڙو فارسي بيت آهي:
مخنث بہ از مرد شمشير زن،
که روز و غاسر نتابد چو زن. ترار هڻڻ واري مڙس کان اُو کدڙو چڱو،
جو جنگ جي ڏهاڙي زال گهاءِ مٿو نه موڙي.

۴۰۱ - ڪچي وزيران، ٿئي ٺُڙڪو ٺَڪر.
ٺڙڪو يعني اڻ وڻت، ٺَڪُرَ يعني راجائون؛ جن راڄن ۾ وزير ڪچا هوندا، تاتي راجائن لاءِ ڀلو ڪٿان ٿيندو؟ تنهنڪري پهاڪي واري جي مراد هيءَ آهي، جو سياڻي ڌاران راڄ جي رٿ پَھَ جو ڪم ٻئي تي رکڻ نه گهرجي. جهڙو فارسيءَ واري جو چوڻ آهي:
بند اگر بشنوي، اي بادشاهه!
در همہ دفتر بہ زين پند نيست؛
جز به خردمند مفرما عمل،
گرچه عمل کار خود مند نيست. اي راجا! جيڪڏهن اُپديش ٻڌين،
سڄي دفتر ۾ هن کان واڌو اُپديش ناهي؛
سياڻي ڌاران ٻئي تي ڪم نه رک،
جيتوڙي ته ڪم ڪرڻ سياڻي جو ڪم نه آهي.