گل شڪر/ک

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
328936گل شڪر — ک1905ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي

۴۰۲ - کير جو کانيَلُ جهڻ کي ڦوڪي پِيئي.
هن پهاڪي جهڙي ڳالهه نمبر ۳۵۸ واري پهاڪي ۾ پڻ هلي آهي. اکري معنيٰ سنديس ڌار آهي، جا سڀڪو ڄاڻي ٿو؛ مگر مطلب ساڳيو اهو آهي. تنهنڪري ان لاءِ هڪڙو فارسي شاھد هيٺ ڏيان ٿو:
چو باري فتادي نگهدار پاي؛
که تا بار ديگر نه لغزي ز جاي. جڏهن هيڪر ڪِرئين تڏهن ٻيهر پير سنڀال،
ته ٻيهر وري نه تِرڪي پوين.

۴۰۳ - کاڻي کچڻي، اونڌو طباق.
هن پهاڪي جي پيڙهه هن ريت آهي، جو هڪڙو مڙس بُکائجي گهر آيو؛ ڏٺائين جو زال گهر ۾ ڪا نه آهي، ۽ کچڻيءَ جو ڪنو چلهه تي، ۽ مٿس اونڌو طباق ٿيو رکيو آهي، سو لاهي ڏٺائين ته کچڻي کامي رهي هئي. ايتري ۾ جوڻس ٻاهران اچي پڇيس ته ڪي کاڌءِ؟ تنهن کي هي پهاڪو ٻڌائي چيائين ته کِيان ڪڄاڙو؟ مطلب ته جا زال گهر جي ڪم ۾ گينوار رهندي، تنهن جي مڙس کي مهل تي ماني به نه ملندي.

۴۰۴ - کُٿي ڏاڙهي هٿ نه اچي.
جيتوڙي هن پهاڪي جي اکري معنيٰ ڌار آهي، پر سنديس مراد ساڳي نمبر ۳۵۹ واري پهاڪي واري آهي؛ تنهنڪري گهڻو بيان نٿو لکان، مگر ايترو بس ته جو ماڻهو جواڻي آرس ۾ وڃائي، ڌڻي ياد نه ڪندو، ۽ وڏتڻ ۾ سگهه نه رهنديس، تڏهن هي پهاڪو ياد ڪري ڪبير صاحب جو هيءُ وچن پڙهندو:
دُڌا ٿڻين نه آوهين، پِر هوءِ نه ميل. ڏڌل ببن ۾ نه اچي، ۽ وري ملڻ نه ٿئي.

۴۰۵ - کيتي سِرَ سيتي.
هي پهاڪو نسورو پوک لاءِ چوي ٿو، ته پوک جو ڪم سِرَ سان لاڳو آهي، يعني جيڪو پنهنجي هٿ يا ميٽ ڌاران ڪندو، سو کٽيو ڪين کائيندو. سا ڳالهه سچ آهي، جو گهڻا ڀيرا ڏٺو ويو آهي ته جن ماڻهن ٻين جي آسري پوک جو ڪم ڇڏيو آهي، تن مورڳا ھڙ جا ھاريا آھن؛ پر ان ۾ منھنجو چوڻ ھي آھي، جو مايا جو سڀ ڌنڌو پنهنجي هٿ يا نظر ڌاران ڪرڻ پاڻ لاءِ گهاٽي جو ڊپ پرائڻ آهي؛ تنهن لاءِ شاهوڪار ماڻهو هڪڙو مثل چوندا آهن، جو پنهنجي هٿ جو گهاٽو به پرائي هٿ جي واڌي کان چڱو.

۴۰۶ - کاڌي کي کامن، ڄاڙيون ڄاموٽن جون.
ڄاموٽُ، هڪڙيءَ سکر ذات مسلمانن جو پريو مڙس. هن پهاڪي مان ٻيو ڌار مطلب ڪو نه ٿو نڪري، رڳو هي آهي، جو ڪن ذاتين جا ڄاموٽ وهانو وڌاڻي تي پنهنجي نياتن ۾ وڃن، ته اڳلا آڌر ڀاءُ ڪري کاڄ اُچو، يا مٺائي سرس ڏينن؛ پر جي ڪاٿي اوترو لوت لباس نه ٿئين، ته ڏک ڀرجن، تن جي لاءِ هي پهاڪو آيو آهي.

۴۰۷ - کُٽو واڻيو ڪاڳر ساري.
واپاري ماڻهو جڏهن ڏيوالو ڪڍن، تڏهن لهڻي وارن کي جواب ڏيئي ڇڏين؛ مگر چٻ چوچيءَ لاءِ پراڻا سراڻا ڪاڳر ويهي جاچن، ته مانَ ڪنهن ڏي ڀل چوڪ جي رقم نڪري، ته اُڳاڙي وٺن، تن لاءِ هي پهاڪو آيو آهي، پر مطلب هي آهي، جو نڪمو ماڻهو گهڻو ڪري چٻ جون واٽون ڳولي.

۴۰۸ - کوھ جي مٽي کوهه کي لڳي.
جڏهن ڪو کوهه کڄي، تڏهن پهريائين جيڪا ڀاڏ جي مٽي منجهانس نڪري، سا دڙو ڪري ڇڏين، پر جڏهن کوهه جڙي رهي، تڏهن اُها مٽي ڪي رڇيءَ ۾، ڪي پِڙ جي ٿلهي ۾ پوري ٿي اچي. تنهن وانگي جيڪا دولت جهان ۾ آهي، سا سڀ ڌڻيءَ جي آهي؛ تنهن مان جيڪو ڪي ڌڻيءَ جي نالي ڏئي تنهن کي گهرجي جو هئن ڄاڻي ته جنهن جو مال هو تنهن جي ڪم آيو. جهڙي کوهه جي مٽي کوهه کي. تنهن تي هنديءَ واري جو چوڻ آهي:
ميرا مُجهه ۾ ڪڇ نهين سڀ ڪڇ هي تيرا،
تيرا تجهه ڪُون سونپيئي ڪيا لاگي ميرا. مون ۾ منهنجو ڪين آهي، سڀڪي تنهنجو آهي،
تنهنجو توکي ڏجي تنهن ۾ منهنجو ڇا ٿو لڳي.
تنهن جي لاءِ فارسيءَ وارو پڻ چوي ٿو:
برد بوستان بان به ايوان شاه،
به تحفه ثمر هم زبستان شاه. راجا وٽ آرائين کڻي وڃي؛
سوکڙيءَ لاءِ ميوو راجا جي ئي باغ مان.

۴۰۹ - کَرُ ماڻهو وڻ ٻاٻرو ٻنهين ڏينهن کُٽن.
کر ماڻهو يعني لچ ماڻهو، وڻ ٻاٻرو يعني ٻٻر جو وڻ. پهاڪي وارو ان ٻنهي کي هڪجهڙو ڄاڻي گلا ٿو ڪري، هن ڪري جو کر ماڻهوءَ مان نيٺ کرائي ٿيندي، ۽ ٻٻر مان اوڙڪ ڪنڊا لڳندا، تنهنڪري نه هوندا چڱا.

۴۱۰ - کير ۾ مُوري وجهي ٿو.
موري کير جي ويرياڻي آهي، جا کير ۾ پوي ته وِسُلي وڃي. تنهن وانگي ٻچاپڙا ماڻهو هڪڙي هنڌان ٻڌي ٻئي هنڌ وڃي لائي چائي ڪن، جنهن مان ٻن جي وچ ۾ جهيڙو جاڳي. اهڙن لووا لائڻ وارن لاءِ هي پهاڪو آيو آهي. فارسيءَ وارو اهڙن جي سنگت کان پري رهڻ لاءِ بيت چوي ٿو:
ازان همنشين تاتواني گريز،
که مرفتہ خفتہ را گفت خيز. اهڙي سنگتيءَ کان جيڪي سگهين سو ڀڄ،
جو ستل جهيڙي کي چوي اُٿ.

۴۱۱ - کَڏَ چي جيءُ سَڏَ.
اکرن جي معنيٰ هيءَ آهي، جو کڏ رکيل ناڻو اوير سوير سڏ تي سَڏُ ڏئي، يعني ڪم اچي، پر نجات مطلب هي آهي، جو چُوڻو جيڪي نصيب ۾ لکيل آهي سو ڪر کڏ جو رکيل ناڻو. يا گُنديءَ جو رکيل ان آهي، مهل سر هروڀرو اچي ملندو. جهڙو فارسي بيت آهي:
جهد رزق ارکني وگر نه کني،
برساند خداي عز و جل. چُوڻي جي ڳولا ڪرين توڙي نه ڪرين،
ڌڻي پاڪ تو کي پهچائيندو.

۴۱۲ - کير ۽ کنڊ، نور ۾ نور، جواڻي ۽ مايا، پور ۾ پور، پنڌ ۽ بار، سور ۾ سور.
هن پهاڪي مان ٻي مراد ڪا نه ٿي نڪري، رڳو ايترو آهي، جو پهرين سٽ ڄڻ سواد ۾ سواد آهي، ٻي سٽ ڪر نشي ۾ نشو، ۽ ٽين سٽ ڏک ۾ ڏک.

۴۱۳ - کڻ کلو، ٿيئي ڀلو.
کلو يعني موچڙو، لچ ۽ ويري مٺي ڳالَهوَ سان نه سمجهن؛ ويتر لچائيءَ ۾ پير اڳرو کڻن. تن لاءِ هي پهاڪو چوي ٿو، جو اهڙي سمي ۾ تکو ٿي هل. جهڙو فارسيءَ جو بيت آهي:
سخن به لطف و کرم با درشت خوءِ مگو،
که زنگ خورده نگردد مگر به سوهن پاک. مهربانيءَ جو اکر لچ سان نه ڳالهاءِ؛
جو ڪٽيل لوه رواتيءَ ڌاران صفا نه ٿئي.

۴۱۴ - کٽيو کائي مڙس جو، چي جيئي ابو.
جهڙيءَ طرح هڪڙي زال کائي پيئي مڙس جو ۽ دعا ڪري پيءُ کي، تهڙيءَ طرح هي ماڻهو هلي ڌڻيءَ جي توهه سان، ۽ کائي پهري ڌڻيءَ جو ڏنل، ۽ ڄاڻي پنهنجي ڪمائيءَ ۽ لڇڻن کان. اهڙن کي هي پهاڪو ميڇ سان سمجهائي ٿو. جهڙو فارسي بيت آهي:
چه انديشي از خود که فعلم نکو است؛
ازان در نگہ کن که توفيق او است. ڇا ٿو ڄاڻين ته لڇڻ منهنجا چڱا آهن؛
هوڏي نهار ڪر، جو سگهه ان جي آهي.

۴۱۵ - کٽيو تو تان گهوريو، وڃائج نه مُور.
مُور جيڪو ناڻو واپار ۾ گهران ڏجي: جو ماڻهو ناڻو گهران پائي وڻج ڪري، تنهن کي گهرجي، جو مور واري ناڻي کان واڌو اُپائي؛ پر جڏهن واڌو نه اُپائي، تڏهن به موڙيءَ کي گهاٽو وجهڻ ته ڪار نه آهي. تنهن وانگي هي ماڻهو پڻ ساهه وٺي دنيا ۾ آيو آهي، سو جيڪڏهن ڌڻيءَ جي يادگيري ۽ چڱا ڪم ڪيائين ته ڪر کٽيائين؛ نه ته ساهه جو مُوڙي اٿس، سو اجايو وڃايائين. تنهن تي فارسيءَ واري جو بيت پڻ آهي:
بمايہ توان اي پسر سود کرد،
چه سود آيد آنرا که سرمايه خورد. اي پٽ موڙيءَ مان کٽيو ڪري سگهجي،
جو موڙي کائي ويو تنهن کي ڇا کٽيو ٿيندو.