گل شڪر/م

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
328941گل شڪر — م1905ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي

۴۷۰ - ماڻهو ٻٽيهه لڇڻو، موچڙو ڇٽيھ لڇڻو.
موچڙو، جتيءَ جو هڪڙو پادر، پر هت مطلب سندس زور، يعني موچڙن هڻڻ وارو، ڪرڪي ڏاڍو، يعني جو ڪم سڀڪنهن ماڻهوءَ کان ٿيندو، ڏاڍو ماڻهو جائي اُن کان واڌو ڪري سگهندو. موچڙي جي سلڇڻائي ڏيکارڻ لاءِ هڪڙو مثل ٿو ڏيان:
جن ڏهاڙن ۾ شاهه شجاع الملڪ لاهور ۾ مهاراجا رنجيت سنگھ وٽ اچي بند ٿيو، تن ڏهاڙن ۾ هڪڙو هيرو (ڪوه نور) ساڻس هو. مهاراجا صاحب اُن هيري وٺڻ جي لالچ ڪئي، پر بادشاهه ڏيڻ نه باسيو، تنهنڪري مهاراجا صاحب پيئڻ جو پاڻي جهلي ڇڏيس، تڏهن ورچي هيرو کڻي ڏنائين. هڪڙي ڏهاڙي مهاراجا صاحب ساڻس گڏجاڻي ڪري چيس؛ “جو هيري جو ملهه چئو ته ڏيانءِ” تنهن کي موچڙو ڏيکاري چيائين جو هي ملهه اٿس، ڇا کان جو اڳين بادشاهن کان اُن ملهه تي ورتو هوم، تنهن اگهه توکي ڏنم. ڏسو موچڙي جو ڪم.

۴۷۱ - موتيو اُتي مار، جاتي پاڻي هجي تار.
هن پهاڪي مان ٻيو ڌار مطلب ڪو نه ڄاپي ٿو، رڳو لاڙ ملڪ جو رواجي آهي؛ هن ريت جو موتيو سارين جي اَن ۽ پوک ۾ هڪڙيءَ جنس جو نالو آهي، سا پوک گهڻي پاڻيءَ واريءَ ڍنڍ ڌاران ٿوري پاڻيءَ ۾ نه پچي؛ تنهن لاءِ پهاڪي واري اهڃاڻ ڏنو آهي.

۴۷۲ - مڙس جو پاهوڙن سان ميڙي آڻڻ، زال جو سُئيءَ سان کوٽي ڪڍڻ.
پاهوڙي هڪڙي ڪاٺ جي ڪوڏر جهڙي شيءِ آهي، جنهن سان گهڻو ڪري گهوڙن جي لڏ ٽارين. يعني پاهوڙيءَ سان جو وڏي شيءِ آهي گهڻو ميڙجي؛ ۽ سُئي جا سنهڙي آهي، تنهن سان ٿورو کوٽجي، تنهنجو مطلب هي آهي، جو مڙس گهڻو ئي ڪمائي اَچي ۽ زال ٿورو ٿورو ڪري وڃائي ته به پورت نه پوي؛ ڇا کان جو گهر جو ڌنڌو هلائڻ گهڻو ڪري زال جي هٿ ۾ آهي؛ تنهنڪري پهاڪي وارو زالن کي سنجم سان هلڻ لاءِ سمجهائي ٿو. اهڙي ڳالهه نمبر ۱۳ واري پهاڪي ۾ پڻ آئي آهي.

۴۷۳ - ماءُ ڄڻيندي پٽڙي، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ.
هن پهاڪي جي معنيٰ توڙي مطلب هي آهي، جو ماءُ هڪڙي پيٽ مان گهڻا پٽ ڄڻي، پر ڀاڳ هڪ جيترو ورهائي ڪين ڏئين. يعني سڀڪنهن جو پاڻو واڻي ڪنهن جو ڪهڙو ڪنهن جو ڪهڙو ڀاڳ. جهڙو پنجابيءَ وارو چوي ٿو:
سج ايڪ پڇاوين ڏون، پيءُ دا بخت نه پٽان ڪون. هڪ سج ٻه پاڇولا، پيءُ جو بخت پٽن کي نا.

۴۷۴ - مڱن ڏانڊي، ڪارڙي ٽانڊي، مڱ پچي، ڪارڙو مچي، مڱ لُئو، ڪارڙو مُئو.
ڪارڙو، هڪڙو ڪارو تر کان پڻ ننڍڙو جيت لاڙ ملڪ ۾ ٿيندو آهي، ۽ ماڻهن کي چڪ پائي، جو مڱن جو پوک ڄاپڻ وارن ڏهاڙن ۾ ڄاپي، ۽ مڱن جي لاباري ۾ ناس ٿي وڃي، تنهن جي حال ڏيکارڻ لاءِ سياڻي هي پهاڪو ڏنو آهي.

۴۷۵ - مغلن اڳيان فارسي وسري وڃي.
مغل ماڻهو فارسيءَ جو گهر آهي، جن جي ٻولي ماءُ پيٽان فارسي آهي ۽ ٻين ڏيهن جا سڀ پوءِ سکن. تنهنڪري مغلن کي فارسي ٻولي سڀني کان واڌو اچي؛ ۽ پهاڪي واري جو مطلب هي آهي، جو وڏي سياڻي اڳيان ٿوري عقل واري ماڻهوءَ جي دال نه ڳري. تنهن تي فارسي بيت آيو آهي:
گرچه شاطر بود خروس بجنگ،
چه زند پيش باز روئين چنگ. ڪڪڙ جيڪڏهن جنگ ۾ گهڻو ڏاڍو هئي،
ته به باز ڏاڍي اڳيان ڇا چنبو هڻندو.

۴۷۶ - مور چڱو، پر پير ڏنگا.
ڪنهن سلڇڻي ماڻهوءَ ۾ ڪو بڇڙو لڇڻ هئي، ته هي پهاڪو مٿس لاڳو ٿئي، پر ايترو چئي نٿو سگهجي، ته ڪو اُپايل بي وِڏَ هوندو. هن ڪري جو جڏهن مور جهڙي سهڻي پکيءَ جي پيرن ۾ وڏ، ۽ يوسف جهڙي سهڻي نبيءَ تي ٻانهپيءَ جي ويڪ، تڏهن ڌڻيءَ پاڪ ڌاران ٻيو ڪو ئي بي عيب نه آهي.

۴۷۷ - مڌ پيوڻ، ذات پرکڻ.
مڌ يعني نشو، پر هت شراب لاءِ چوي ٿو، ته شراب پيئڻ کان پوءِ نشي ۾ سڀڪنهن جو ٿوم بصر پڌرو ٿي پوي، يعني جيڪا ڪچائي ڪي دل ۾ هئي سا نڪري ٻاهر پوي. تنهن لاءِ فارسيءَ واري چيو آهي:
گوهر هر کس نا کس شود از مئي پيدا؛
نتوان يافت دگر بہ ز مئي لعل مهک. سڀڪنهن چڱي مٺي جو حال شراب مان پڌرو ٿئي؛ شراب جهڙي ڪسوٽي ٻي ڪا نه لڀي.

۴۷۸ - مارڻ واري کان رکڻ وارو ويجهو آهي.
مارڻ وارو ويري، رکڻ وارو ڌڻي؛ جڏهن ڌڻي راکو آهي، تڏهن ويري ڇا ماري سگهندو؟ جهڙو فارسي بيت آهي:
هزار دشمنم از قصد ميکنند هلاک،
گرم تو دوستي ازدشمنان ندارم باک. هزار ويري جيڪڏهن منهنجي مارڻ واري ڪن،
جي تون سڄڻ آهين ته ويرين جو ڊپ نه اٿم.
۽ گرو نانڪ صاحب پڻ فرمايو آهي:
جس راکي تِسُ ڪوءِ نه ماري. جنهن کي ڌڻي بچائي تنهن کي ڪو ئي نه ماري.

۴۷۹ - موڳو پنهنجي مانيءَ مان پيٽ ڀري کائي، وڃي ويهي مجلس ۾ ته سڀني سُهائي؛ چريو ڳالهائي ته به بختاور بودلو.
موڳو يعني اڄاڻ ماڻهو، اهڙو ڀاڳوان هئي جو ٻئي کان گهري نه، ۽ پنهنجي ڌن مان پيٽ پاري، سو جيڪڏهن سڀا ۾ وڃي ابتو ئي ڳالهائي، ته به ماڻهن کي وڻي. پر مطلب هي ته مايا ڪلڇڻ ڍڪڻي آهي.

۴۸۰ - مالڪ وڃن ٻيڙيءَ چڙهيا، شاهد وڃن گهوتا کائيندا.
هن پهاڪي جو بُڻ هي آهي جو “و” ۽ “ج” پاڻ ۾ جهيڙو ڪيو سو “د” ۽ “ص” رونشائين بيهي ڏٺو. جڏهن سرڪار ۾ دانهن ٿي، تڏهن حڪم پٽاندر ٻئي ڌريون ۽ اُهي (د ۽ ص) رونشائي شاهد گِهرِجِي هليا؛ پر پتڻ لانگهو پنڌ هو، جڏهن پتڻ جي ٻيڙيءَ تي آيا، تڏهن “و” ۽ “ج” جي وهيان هئا، سي پيسا ڏيئي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا، ۽ “د” ۽ “ص” جي وِلها هئا تن کي پيسن ڌاران پاتڻيءَ نه چاڙهيو، سي مولهاٽا ٻڌي پاڻيءَ ۾ گهڙيا ۽ گهوتا کائڻ لڳا. سالڪ هڪڙي اهو رونشو ڏسي هي پهاڪو چيو. پر مطلب هي آهي، ته جو غريب ماڻهو پنهنجو ڌنڌو سيڙائي اهڙا رونشا ڏسندو، تنهن جو اهو حال ٿيندو.

۴۸۱ - مَرُ سين سُڄاڻا، ٻئي ڄنگهون ڪاٺ ۾، کُھِ سين اڄاڻا، هنيون هندوري لوڏجي.
سياڻي گڏ ڪاٺ ۾ به باسي ٿو، ۽ اڄاڻ گڏ هندوري ۾ لڏڻ به نٿو وڻيس، ڇا کان جو چڱيءَ سنگت ۾ توڙي پهريائين ڏک ڏسڻ ۾ ايندو، ته به نيٺ منجهانس ڀلو ٿيندو، بڇڙيءَ سنگت ۾ سک ڏيکاري ڏيندو، ته به اوڙڪ بڇڙائي ٿيندي. فارسيءَ واري پڻ اها ڳالهه باسي هڪڙو بيت چيو آهي:
پاي در زنجير پيش عاقلان،
بہ که اندر بوستان با جاهلان. سياڻن گڏ پير ۾ ٻيڙي،
ڏڏن گڏ باغ ۾ هئڻ کان چڱو.

۴۸۲ - مرسان مرسان، پر ڊڀ نه چرسان.
جهڙيءَ ريت شينهن بک ۾ مري ته به ڊڀ يعني گاهه ڪين کائي، تهڙيءَ ريت اشراف ماڻهو توڙي بک مرندو، ته به ڪُڇ پڇُ نه کائيندو، يا نه ڪرڻ جو ڪم نه ڪندو. تنهن تي هنديءَ واري به چيو آهي:
ڀلو ڀلائي ناتجي، بري نه راکي آس،
سات دوَسَ ڀوکن مري، شنگهه نه اچوي گهاس. چڱو چڱائي نه ڇڏي بڇڙائيءَ جو سوس به نه رکي،
ست ڏهاڙا بک مري ته به شينهن گاهه نه کائي.

۴۸۳ - ماڻهو سڀ چڱا، پر ڪي ڪن سان ڪي ڪن سان.
جهڙو هڪڙو راجا نياءَ وارو، جو هلندي ڀونءِ نه ڏکوئي، جو گهڻن ماڻهن کي وڻي، پر جنهن ڏوهاريءَ کي سزا ڏيندو، سو هن کي ڪٿان چڱو ڄاڻندو، تنهن وانگي ٻيو هڪڙو راجا ظالم جنهن کان گهڻا ماڻهو ڏکويل هجن، پر جن پنهنجن مٽن مائٽن تي مهرباني ڪندو هوندو، سي اجائي ڳرهانس راضي رهندا.

۴۸۴ - ماچي ته ناچي.
جهڙيءَ طرح هڪڙو ڍور گاه کائي ٿلهو ٿئي، ته ٺينگ ڏئي، تهڙيءَ طرح ماڻهوءَ وٽ به جڏهن ناڻو گڏ ٿئي، تڏهن ٽنڊ ڪري، ۽ ڊونگل ڍاري. جهڙو گوسائين تلسيداس جو وچن آهي:
اس نہ ڪو جن مان جڳ ماهين،
پرڀتا پاءِ جاسُ مڌ ناهين. اهڙو جهان ۾ ڄائو ئي ڪو نه آهي،
وڏ-پائي جو جنهن کي نشو نه آهي.
فارسيءَ واري چيو آهي:
بيذق شطرنج را چون منصب فرزين رسد،
رهوري را واگذارد کجروي گيرد به پيش. شطرنج جي پيادي کي جڏهن گهوڙي جي جاءِ ملي، سنئون هلڻ ڇڏي ڏنگو هلڻ سِٽي.

۴۸۵ - ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجهه، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
هن پهاڪي جي معنيٰ ۽ مطلب کي سڀڪو سمجهندو هوندو؛ جهڙو چئجي ته ماڻهو به سڀ يوسف جهڙا سهڻا نه آهن، ۽ ڪاٺ به سڀ چندن جهڙا سُرها نه آهن. ۽ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
نه هر زن زن است و نه هر مرد مرد؛
خدا پنج انگشت يکسان نکرد. نه زالون سڀ زالون نه مڙس سڀ مڙس،
ڌڻيءَ پنج آڱريون هڪ جهڙيون نه ڪيون.
۽ سنسڪرت واري پڻ چيو آهي:
شيلي شيلي نه ماڻڪيا، موڪتڪا نه گجي گجي،
ساڌو نه سروتر، چندنو نه وني وني. نه سڀڪنهن جبل ۾ ماڻڪ، نه سڀڪنهن هاٿيءَ ۾ موتي،
ساڌ به سڀ نه آهن، نه سڀ جهنگ ۾ چندن آهي.

۴۸۶ - مروان موت ملوڪان شڪار، يا مڇيءَ موت ميئي شڪار.
يعني هڪڙي کي مرڻ جهڙو ڊپ، ٻئي کي رڳو رونشو؛ تنهن وانگي هڪڙا هوند وارا بي قياس ماڻهو پنهنجي ٿوري رونشي لاءِ ٻئي غريب جي زيان جي پرواهه نه رکن. پر چڱو هي آهي، جو پرائي ڏک جو پڻ پنهنجي ڏک جهڙو ارمان ڪرڻ گهرجي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
آنچه بر خود نه پسندي، پر ديگران هم مپسند. جيڪي پاڻ لاءِ نه وڻيئي، سو ٻين لاءِ نه گهُرُ.

۴۸۷ - موا پَرُ، پٽجن هيل.
جو جڏهن مري، سو تڏهن پٽجي، ۽ پروڪي مئل کي هيل ڪو نه پٽي. تنهن وانگي جا ڳالهه جڏهن هلي، يا جو ڪم جاتي ٿئي، تڏهن تاتي اُن جو ويچار ٺهي. جي ٿي لنگهڻ کان پوءِ به ڪبو، ته ڇا کَسندو؟ جهڙو پراڻو ٽپڻو ڪڍي ٻانڀڻ تٿ وار ٻڌائي.

۴۸۸ - مُئا آهن جيئرن جي وس.
هن پهاڪي جي اکري معنيٰ پڌري آهي؛ پر مطلب سندس هي آهي، جو هي دنيا جا ماڻهو سڀ مُئن جي آچار آهن، جيئرو هڪڙو پاڻ ڌڻي پاڪ آهي. ان لاءِ فارسي پهاڪو پڻ آيو آهي:
مرده بدست زنده. مُئا آهن جيئرن جي وس.

۴۸۹ - محبتي مڙن، ته ٽنهين لوڪن لک پوي.
محبتي يعني نيهي، هندن جي مذهبي ڪتابن ۾ ٽي لوڪ چيا آهن: هڪڙو سُرگ يعني اُڀ، ٻيو مِرتُ يعني ڌرتي، ٽيون پاتال يعني ڌرتيءَ کان هيٺ جو لوڪ آهي. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، جو جيڪڏهن عاشق ڦِرن، ته سڀڪنهن هنڌ سُڌ ٿي وڃي؛ ۽ مطلب هي آهي، جو سچن عاشقن تي جيڪڏهن سوڙهه پوي، ته به پنهنجي سچائيءَ کان نه گسن. جهڙو فارسي بيت آهي:
آسمان گر تيغ بارد سر نه خارد اهل دل،
زخم ناخن بر سر نامرد چون خنجر بود. جيڪڏهن اُڀ تراريون وسائي ته به نيهي مٿو نه کنهن، گانڊوءَ کي نهن جو چِهڪُ پڻ ڪٽاريءَ جهڙو هئي.

۴۹۰ - مُنهنَ ڪونئري ڳٽا پٽائي.
منهن ڪونئري يعني مٺو ڳالهائڻ وارو. مٺو ڳالهائڻ چڱو آهي، پر جاتي ڪڙو ڳالهائڻ ڪم ايندو، تاتي مٺو ڳالهائڻ مورڳو گهر جو گهاٽو. تنهن لاءِ فارسيءَ وارو چوي ٿو:
وقتي به قهر گوءِ که يک کوزه نبات،
گہ گہ چنان بکار نيايد که حنظلي. ڪنهن مهل ڪڙو به ڳالهائي، جو مصريءَ جو ڪُپڙو، ڪڏهن ڪڏهن اهڙو ڪم نه اچي جهڙو ڪي ٽوهه.

۴۹۱ - مُڙيا، سي جُڙيا.
مڙڻ يعني ٽري ڇڏڻ، هي پهاڪي وارو کاند ڪرڻ لاءِ ٿو سمجهائي، يعني جيڪڏهن ڪنهن کان اهنج پهچيئي ته به کاند ڪري مڙي وڃ، ته ڌڻي توتي توهه ڪري. اهڙو فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
گر گرندت رسد تحمل کن؛
که به عفو از گناه پاک شوي. جيڪڏهن ڪنهن کان اهنج پهچيئي ته کاند ڪر،
جو اوسراڻ سان پاپن کان ڇٽندين.

۴۹۲ - ملڪ صاحب دا وسي، ڪوئي رووي ڪوئي هسي.
هي پهاڪو مايا جا کيل ڏيکاري ٿو، جنهن ۾ هڪڙا ڏکيا، هڪڙا سکيا، هڪڙا پيا رئن، هڪڙا کلندا وتن، هڪڙا ويٺا راڄ ڪمائين، هڪڙا وتن پنندا. فارسيءَ وارو پڻ شاهد آهي:
يکي را بُرون رفتد ز اندازه مال؛
يکي را غم نان و خرچ عيال. هڪڙي کي ڳاڻيٽي کان به مال گهڻو؛
هڪڙي کي مانيءَ ۽ ٻارن جي قوت جي ڳڻتي.

۴۹۳ - مينهن ڍائي هوري هلي، رڍ ڍائي ٺينگ ڏئي.
مينهن وڏو وهٽ آهي، سو جي ڍاپي، ته پنهنجي ڳورائيءَ کان هري هلي ۽ رڍ هلڪڙي آهي سا ڍئجي ته ڊوڙون پائي ۽ اُڇانگ ماري. تنهن وانگي سکر ماڻهو پڻ جيئن وڏو پد پائيندو، تيئن نئڙت گهڻي ڪندو، ۽ نِکَرَ کي ٿورو ڍَؤ ٿيندو ته به گهڻي ٽانءِ ڪندو.

۴۹۵ - منهن ڏسي تلڪ ڏجي.
تلڪ، هندڪو اُهڃاڻ نرڙ ۾ ڏيڻ جو آهي، يعني جنهن جو منهن تلڪ جو لائق هجي تنهن کي ڏجي، جو نه، تنهن کي نه؛ تنهن وانگي جو ماڻهو ڪهل جو جوڳو هئي، تنهن تي ڪهل ڪجي، نا ته نه. تنهن تي هڪڙو فارسي بيت به آهي:
پسنديد است بخشايس، و ليکن،
منہ بر ريش خلق آزار مرهم. اوسراڻ ڪرڻ چڱو آهي پر،
ماڻهو ڏکوئيندڙ جي ڦٽ تي ملم نه لاءِ.

۴۹۵ - ماديءَ ڪڪڙ به ڪڏهن ٻانگ ڏني.
ٻانگ ڏيڻ نر ڪڪڙ جو ڪم آهي، ۽ مادي ڪڏهن ٻانگ نه ڏئي، جهڙوڪي سَنڍِ زال ٻار ڄڻي، جهڙوڪي ڪانئر جنگ ڪري، تهڙو لاٻر چٽي ماڻهوءَ کان چڱمڙسي ٿئي.

۴۹۶ - مئي کي مارڻ سوره جي گلا.
جيتوڙي ته پهاڪي ۾ حرف مئي کي مارڻ آيو آهي، پر جو مري پيو هوندو، تنهن کي ڇا ڪو ماريندو؛ پر مطلب هي آهي، جو تنهنجي هڪڙي ويريءَ جي مايا ناس ٿي وڃي ۽ کُٽي تِرين ڀر ٿئي، يا نوڪري ٽٽي وڃيس ۽ اڳتي به نوڪريءَ کان نڪمو ٿي رهي، تڏهن توکي هيءُ سمجهڻ کپي، ته هن کي ڌڻيءَ ماريو آهي. تنهن کي ڇا ماربو، ۽ جي اهڙي کي ماريندين ته گلارو ٿيندين.

۴۹۷ - ماءُ مري رُکي، سُڪي، ڌيءُ دا نالا ڏهي.
ملڪ جي هلت آهي، جو هڪڙن ماڻهن جا نالا، ذات يا جنس جي ٺاهه پٽاندر رکن؛ جهڙو هڪڙي سهڻي جو نالو يوسف، يا هڪڙي ڀڄن واري جو نالو ساڌو، يا هڪڙي سياڻي جو نالو لقمان، ۽ هڪڙن ماڻهن جا نالا ذات يا جنس جي اُبتڙ رکن، جهڙو هڪڙي شيديءَ جو نالو الماس يا ياقوت، يا هڪڙي مهاڻي جو نالو چنڊ يا هڪڙيءَ اڄاڻ عورت جو نالو سياڻي؛ تنهن وانگي هڪڙي غريب زال جنهن کي رکي ماني به مس مس ملندي هئي، سا پنهنجي ڌيءُ جو نالو ڏهي يعني ڏڌ رکندي، ته نالي رکئي ان جي رُکائي ڇڏي ويندي ڇا؟ جهڙيءَ ريت هڪڙو اگهو ماڻهو ٻُڪيءَ لاءِ ويڄ وٽ وڃي ۽ طبيب دوا چويس، سا ڪري ڪين، رڳو دوا جو نالو چوندو وتي، ته ڪٿان ڇٽندو؟ تهڙيءَ ريت هڪڙو درويش پنهنجي ٻالڪي کي سمجهائي ته ڌڻيءَ جو ڀڄن ڪر، اهو چيلو اهي ساڳيا اکر “ڀڄن ڪر” وات سان چوندو وتندو، ڀڄن هڏهين ڪين ڪندو، سو ڇا پرائيندو؟ تنهن تي ساميءَ جو سلوڪ آهي:
“مک سان رام چئي، سانت نه اچي جيءَ کي،
اَنَّ پاڻيءَ جي نانوَ سان اُڃ بک ڪين لهي.”

۴۹۸ - ماريءَ جي گهر هڏن جو ڍير.
ماري يعني پکين يا مِرن کي ڦاسائي، تنهن سان پيٽ ڀريندڙ. مطلب ته اهڙيءَ ڪمائيءَ واري جي گهر ۾ هڏن ڌاران ٻيو ڇا هوندو؟ تنهن وانگي جو پاپ ڪري ناڻو ميڙيندو، سو سائو ڪٿان ٿيندو.

۴۹۹ - ميهر مينهن مان نڪتو، وَڇِن ڪهڙي پارت.
جڏهن مينهن جو ڌڻي هڪڙو ميهار ڪڍي ٻيو رکي، تڏهن پراڻي ميهر جو وَڇن جي پارت سان ڇا؟ جهڙيءَ طرح هڪڙي راجا جو راڄ ٻيو کسي وٺي، تڏهن اڳوڻي راجا جو ڇا جو ڪوٽن ۽ هٿيارن ۽ گهوڙن جي پارت ڪري. تنهن وانگي هي ماڻهو پڻ ڏسي ٿو، جو نيٺ چوٽي موت جي هٿ آهي، تڏهن مايا جي وهنوارن جي ڳڻتي ڇو ٿو ڪري؛ ۽ جيڪڏهن اِن اشاري ڏي نه نهاريندو، ته ڌڻيءَ جي يادگيريءَ کان پري رهندو.

۵۰۰ - مارئي کان پڏايو چڱو آهي.
پڏايو يعني ڊيڄاريو، جڏهن ويري هٿ ۾ اچي، تڏهن سياڻي کي گهرجي، جو تَتَ وهندي ماري نه ڇڏيس، ۽ چڱو هي آهي، جو ڊيڄاري ڀڄائيس؛ ڇا کان جو ڪاوڙ مهل جيئري کي مارڻ سنهنجو آهي، پر ڪاوڙ لٿي جيڪڏهن پڇتائيندو، ته وري جيئاري ڪين سگهندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
نيک سهل است، زنده بيجان کرد؛
کُشتھ را باز زنده نتوان کرده. چڱو سوَلو آهي جيئري کي مارڻ،
ڪٺل کي وري جيئاري نه سگهبو.

۵۰۱ - موتين جي پرک مان ڇا ڄاڻي شيشہ گر.
جهڙو چئجي سون جي پرک مان ڀانساني ڇا ڄاڻي، يا کٿوريءَ جي اگهه جي دَٻِگَر کي ڪهڙي سڌ، تنهن وانگي راڄ جون مصلحتون پينار ڇا سمجهي. جهڙو خواجه حافظ چيو آهي:
گداي گوشہ نشيني، تو حافظا خاموش،
رموز مملڪت ملک خسروان دانند. پينار ڪنڊ وهندڙ آهين حافظ ماٺ ڪر؛
راڄ جون صلاحون راجائون ڄاڻن.

۵۰۲ - مِلَڪ ۾ ڏيڍ کجور، ميان ليٽي باغ ۾.
کَجور يعني کجيءَ جو وڻ، جنهن ماڻهوءَ کي رڳو هڪڙو ٻه وڻ کجيءَ جو هئي، ۽ اُن کي باغ سمجهي کٽ وڇائي تنهن ۾ ليٽي، ته اُن جي سمجهه اجائي ڄاڻجي، تنهن وانگي هن ماڻهوءَ کي دنيا ۾ رهڻ جي ويرم ٿوري آهي، تنهن تي وسهي پسارا ڪرڻ پڻ اجائي ڳالهه آهي. جهڙو گرو نانڪ صاحب جو وچن آهي:
اک ميٽندي رهه گئي، مک وچ رهيا گراس،
لعنت اُسدي عقل نون، جو دم دا ڪري وساس. اک ڇنڀيندي رهي ۽ وات ۾ گره رهي ويو؛
اُن جي عقل کي ڦٺ آهي جو پلڪ جو ويسہ ڪري.
۵۰۳ - ميون ڳور لائق، بيبي سيج لائق.
ڳور لائق يعني پوڙهو قبر وڃڻ جهڙو، سيج لائق يعني جوان، مطلب هي جو مڙس پوڙهو ۽ زال جوان. ڀلا ويچار گهرجي، جو مڙس جوان کي پوڙهيءَ زال جي صحبت کان ڪهڙي بڇان لڳندي آهي، تڏهن زال جوان کي مڙس پوڙهي جي صحبت ڪٿان وڻندي هوندي. تهڙيءَ پر هڪ جهڙيءَ صحبت ڌاران ٻي صحبت ڪنهن کي به نه وڻي. جهڙو فارسيءَ واري بيت چيو آهي:
چو طوطي کُلاغش بود هم نفس،
غنيمت شمارد خلاص از قفس. جڏهن چتونءَ سان ڪانءُ گڏ هئي،
تڏهن پڃري مان ڇٽڻ غنيمت ڳڻي.

۵۰۴ - مُلو مُئو، مُهابو لٿو.
ملو يعني ڇوڪرن پڙهائڻ وارو، مهابو يعني لحاظ، پڙهڻ وارن ڇوڪرن جو لحاظ مُلي سان رڳو سبق پڙهڻ تائين آهي. تنهن جو هي فارسي دليل:
دوستي ملايان تا به طبق،
دوستي کان کودتا به سبق. ملن جي پريت طبق* تائين،
ڇوڪرن جي پريت سبق تائين.
ڀلا جڏهن ملي جيئري جو مهابو سبق کان پوءِ ڇڏيائون، تڏهن ملي مئي کان پوءِ ڪهڙو مهابو رهندن. پر اها ڪُلالائي لاٻڙ-چٽين جو ڪم آهي، جو اشرافن مڙسن کي نه وڻي.

  • يعني کاڄ جو ٿانءُ.


۵۰۵ - ميان جي مڏي، ٻه ڏندڻ ٽين تڏي.
هڪڙا ماڻهو ٿوريءَ هوند وارا ٽانءِ گهڻي ڪن، تن لاءِ هي پهاڪو آيو آهي. اُن تي هڪڙو نقل آيو آهي:
هڪڙو مسافر ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي لٿو، پر وڇاڻو ساڻ ڪو نه هوس؛ رڳو لباس ساڻس هو، جو ڏينهن ڪلهن ۾ ڍڪيندو هو، ۽ سمهڻ مهل اوڇڻ ڪندو هو. ڳوٺ جا ماڻهو مهمان آيو ٻڌي وٽس گڏجڻ آيا. جڏهن ڳچ ويرم لنگهي، ڀانيائين جو ڳوٺ وارا اُٿن، ته ننڊ ڪريان، تڏهن مِنهن ڪري نوڪر کي چيائين، جو وڇاڻو جوڙ ته سمهندس، پر نوڪر ڪن لاٽار ڪئي. تڏهن وري نوڪر کي هنڌ جوڙڻ لاءِ چيائين، ته به نوڪر ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري نٽائي ڇڏيو. ٿوري کان پوءِ وري وڇاڻي جوڙڻ لاءِ چيائينس؛ تڏهن نوڪر چيس، سائين، هنڌ تنهنجي ڳچيءَ ۾ آهي لباتو، ٻيو ڇا وڇايان؟ اها ورندي ٻڌي ڳوٺاڻا کلي کيرا ٿيا، مسافر ڦڪو ٿيو. مطلب جو هوند کان واڌو ٽنڊ ڪرڻ مورڳو ڦڪائي آهي.

۵۰۶ - مئا به ڪڏهن مسڻ مان موٽيا آهن.
جو ماڻهو مري مساڻ يا مقام ۾ ويو، تنهن جو وري موٽڻ ڏٺو نه ٻڌو. تهڙيءَ ريت مهل هٿان ويل به وري هٿ نه ايندي، تنهنڪري گهرجي جو هلنديءَ چلنديءَ ۾ ڌڻيءَ جي يادگيري ڪري اڳ جو توشو هٿ آڻجي، متان پوءِ مهل هٿ نه اچي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
جوانا رهي طاعت امروز گير؛
که فردا جواني نيايد ز پير. اي جوان، اڄ ڌڻيءَ جي يادگيري ڪر؛
جو سڀاڻي پوڙهي کان جوانيءَ جو ڪم نه ٿيندو.