گل شڪر/غ

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
328933گل شڪر — غ1905ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي

۳۴۸ - غريب جي جوءِ، سڀني جي ڀاڄائي.
ڀاڄائي يعني ڀاءُ جي جوءِ. ملڪ جو دستور آهي، جو گهڻا ماڻهو ڀاڄائيءَ کي پاڻي پيارڻ يا ماني کارائڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن ڏسڻ ۾ عيب نه ڄاڻن، تنهن وانگي غريب ماڻهوءَ جي جوءِ کي پڻ سڀڪو ڀاڀي ڄاڻي مٿس حڪم هلائي؛ پر مطلب هيءُ آهي، جو هيڻي ماڻهوءَ کي سڀڪو پانهنجو اڌبن ڄاڻي.