گل شڪر/ظ

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
328931گل شڪر — ظ1905ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي

۳۴۳ - ظلم قائم آهي، ڪندڙ قائم نه آهي.
ظلم هڪڙو فعل آهي، تنهن جو نالو جهان مان وڃڻ جو نه آهي، تنهنڪري قائم رهي ٿو. پر ظلم ڪندڙ يعني ظالم جي ڄمار ٿوري آهي؛ ڇا کان جو غريبن جي پٽ ظالم لاءِ پاڙ پٽيندڙ آهي. مگر ظالم جي گلا جي ڄمار سنديس ڄمار کان وڏي آهي، جا سندس مرڻ کان پوءِ به رهي ٿي. جهڙو فارسي بيت آهي:
نماند ستمگار بد روزگار،
بماند برا و لعنت پائدار. ظالم بڇڙو ڳچ ڏهاڙا نه رهي؛
مٿس لعنت سدائين رهي.