گل شڪر/س

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
328928گل شڪر — س1905ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي

۲۹۵ - سورائتڻ سور اڻ سورائت سان اوريو، هن جو ڀنجهر نه ڀُريو، هوءَ وڃي ٿي وهلور، پرايائين پور، اڳي کان به اڳرو.
سورائت يا سورائتڻ يعني ڏکويل، اڻ سورائت يعني بيدرد، اوريو يعني ڳرهيو، ڀنجهر نه ڀريو هي اصطلاح آهي يعني اثر نه ٿيو، وهلور يعني هيڻو ٿي ويو. پهاڪي جو مطلب هي آهي جو ڏک واري کي بيدرد اڳيان حال ڳرهڻ مان فائدو ڪو نه ٿيندو. جهڙو سمن چيو آهي:
سمن پر گهر جائڪي دک نه ڪهيئي روءِ،
ڀرم گواوڻ اَپنا ونڊ نه ڏيوي ڪوءِ. سمن پرائي گهر وڃي روئي ڏک نه ٻڌائجي،
پنهنجي لڄ وڃائبي، ورهائي ڪو نه ڏيندو.
۽ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
تا ترا حالي نباشد همچو من،
حال من باشد ترا افسانه. جاسين مون جهڙو حال نه هوندءِ.
منهنجو حال تو اڳيان آکاڻي هوندي.

۲۹۶ - سنگ تاري، ڪسنگ ٻوڙي.
سنگ يعني اشرافن جي صحبت، ڪسنگ بڇڙي صحبت؛ مطلب جو پهاڪي واري چڱيءَ صحبت کي ساراهيو آهي؛ تنهن تي سياڻا چوندا آهن جو چڱي صحبت اهڙي آهي جهڙو پارس جو پاسو. فارسيءَ واري چيو آهي:
آهن چو بپارس آشنا شد،
في الفور صورت طلا شد. پارس سان جڏهن لوهه سينڌو ٿيو،
سگهو سون جو روپ ٿيو.
۽ بڇڙيءَ صحبت جي گلا ٿو ڪري، تنهن تي هنديءَ واري چيو آهي:
ماري مرون ڪسنگ ڪي ڪيلي پاس جيون ٻير،
اوهه جهولي اوهه چيرئي سائين ڪسنگ نه ميڙ. ڪسنگ جو ماريو ائين مران، جئن ڪيوڙي وٽ ٻير،
هوءَ لڏي، هو چيرجي، ڌڻي ڪسنگ نه ملاءِ.

۲۹۷ – سچ جي ٻيڙي لڏي لڏي پر ٻڏي ڪين.
هن پهاڪي جي معنيٰ پڌري آهي، مگر سندس مطلب هي آهي جو سچ کي ڪڏهن ڊپ ڪو نه آهي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
راستي را زوالي نيست. سچ کي ڦِٽاڻي نه آهي.
اهڙو ذڪر نمبر ۳۱۳ واري پهاڪي ۾ پڻ هليو آهي.

۲۹۸ - سکڻي ڪني، گهڻو اُڀامي.
ڪني، هڪڙو ٺڪر جو باسڻ آهي، جنهن ۾ غريب ماڻهو رڌن، سا جيڪڏهن چانورن يا ٻيءَ شيءِ سان ڀري باهه تي چاڙهجي ته پوريءَ طرح رجهي؛ پر جيڪڏهن منجهس اَن ٿورو هئي، ته باهه جي زور سان سندس پاڻي گهڻو ڦڦڪي. تنهن وانگي ماڻهو پڻ جيئن اشراف ۽ وهيون هوندو، تيئن سهمي سهمي هلندو؛ جيئن لچ ۽ ولهو هوندو تيئن ٽيڳر گهڻي ڪندو. تنهن تي ڪبير صاحب جو وچن آهي:
ڪهت ڪبير ڇو ڇا گهٽ ٻولي؛
ڀريا هوئي سو ڪٻهون نه ڏولي. ڪبير صاحب چوي اُوڻو دلو پاڻيءَ جو ڇلڪي،
ڀريل هئي سو ڪڏهن نه ڇلڪي.

۲۹۹ - سَتي ٿي سيڏائي، لَنڊي ٿي کائي:
ستي يعني اشراف عورت، سيڏائي يعني نهاري ۽ سڪي، مطلب هي آهي جو زماني جي هلت موجب ڪنهن وقت اشرافن لاءِ بک ۽ ڪميڻن ڪاڻ ڍئو آهي، جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
اسپ تازي شد مجروح به زير پالان؛
طوقِ زرين همه در گردن خر مي بينم. ڀلو گهوڙو پلاڻ هيٺ ڦٽيو،
سون جا ڳٽ گڏهه جي سسيءَ ۾ ڏسان ٿو.

۳۰۰ - سِرُ ڏجي، پر سُر نه ڏجي.
سِرُ يعني مٿو يا سسي، سُر يعني دل جو ڳجهه، معنيٰ هيءَ آهي جو دل جو ڳجهه سڀ کان واڌو لڪائڻ کپي؛ بلڪ جيڪڏهن سر وڃي ته ڀؤ نه آهي؛ پر ڳجهه نه ڏجي. تنهن تي هڪڙو مثل آيو آهي:
هڪڙي بادشاهه کي ڪنهن سياڻي چيو، جو سڀ کان واڌو سياڻپ هيءَ اٿي، جو دل جو ڳجهه پنهنجي سڳيءَ پياري جوءِ کي پڻ نه ٻڌائج. بادشاهه ان ڳالهه جي چڪاس لاءِ پنهنجي زال کي چرچو ڪري چيو جو فلاڻو وزير منهنجي چئي ۾ برابر نٿو هلي تنهن کي مارائيندس. اها ڳالهه ٻئي کي ٻڌائڻ کان جهلي ڇڏيانس؛ پر اُن وزير جي جوءِ جيڪس راڻيءَ جي ساهيڙي هئي، تنهن پنهنجيءَ ساهيڙيءَ جي مڙس جي لاءِ اها ڳالهه ساهيڙيءَ کي ٻڌائي چيو جو ٻئي کي متان ٻڌائين. پر اهڙي ڳالهه اُن جي دل ۾ ڪٿان ٽڪي؟ تنهن پنهنجي مڙس کي ٻڌايو. وزير اها ڳالهه سچي ڄاڻي دل کي چيو جو پاڻ مرندي ڪهڙا سيڻ، ۽ وقت ڏسي بادشاهه کي مارائي ڇڏيائين. ڏسو جو رڳو چرچو ڪري دل جو ڳجهه ٻڌائڻ تنهن جو هي ڦل آهي. تڏهن پهاڪي وارو سچ ڪين ٿو چوي؟ فارسيءَ وارو پڻ چوي ٿو:
تا تواني رازِ دل با يار جاني هم مگو،
يار را ياري بود از يارِ انديشہ کن. جاسين ٿي سگهي ته دل جو ڳجهه جاني يار کي به نه ٻڌاءِ؛
يار کي به ڪو يار هوندو تنهن يار جي يار کان ڊڄ.

۳۰۱ - سڪن گڏ آلا ٻرن.
پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، جو هڪڙي سڪي وڻ کي باهه لڳي ته ڀرسان آلو وڻ نه ٻرڻ جهڙو به سڙي وڃي. تنهن وانگي لچ جي صحبت ۾ چڱو مڙس پڻ گلا هاب ٿئي. تنهن تي هڪڙو مثل آهي:
هڪڙو چور جهنگ مان ڏاند چورائي هليو. گهڻي پنڌ کان پوءِ هڪڙو غريب واٽهڙو اچي ساڻس سنگتي ٿيو، تنهن کي چوريءَ جي سُڌِ مورئون ڪا نه هئي. ايتري ۾ ڏاند جا ڌڻي ۽ پيري اچي پهتا، ۽ ٻنهي کي چور ڪري جهلي قيد ڪرايائون. مطلب بڇڙيءَ صحبت جو اِهو ڦل آهي.

۳۰۲ - سوٽي هئي ساڻ، ته گڏهه گوهي نه ڪري.
گڏهه هڪڙو لچو وهٽ آهي، جڏهن ڍاپي تڏهن پنڌ ۾ ٺينگ ڏئي ۽ گوهيون ڪري. پر جي سندس ڌڻي سوٽي چکائيس ته گوهيون ڇڏي. تنهن وانگي لچو ماڻهو پڻ جڏهن سائو ٿئي، تڏهن لچائي ڪري، ۽ موچڙن ڌاران سنئون نه هلي. ان لاءِ نمبر ۲۴۱ واري پهاڪي ۾ پڻ ذڪر هليو آهي.

۳۰۳ - سون پرکجي ڪسوٽيءَ، رُپو پرکجي باهه، ماڻهو تڏهن پرکجي، جڏهن ڪي ڳالهاءِ.
هن پهاڪي جي اکري معنيٰ سڀڪو ٿو ڄاڻي ۽ مطلب سندس هي آهي، جو جهڙيءَ طرح سون کرو جي کوٽو ته ڪسوٽيءَ لڳي سڃاپي ۽ رپي جي کرائي کوٽائي باهه ۾ پڌري ٿئي، تهڙيءَ طرح ماڻهو پڻ جاسين ماٺ ڪيو ويٺو هوندو، تاسين سندس سياڻپ اياڻپ يا چڱائي برائي پڌري نه ٿيندي. تنهن لاءِ فارسيءَ وارو شاهد آهي:
تا مرد سخت نگفته باشد،
عيب و هنرش نهفته باشد. جاسين مڙس نه ڳالهايو هئي،
سندس عيب ۽ هنر ڳجها هئن.

۳۰۴ - سر کان پوءِ سج اُڀري ته واهه نه ته ڇٽو.
پهاڪي جو مطلب هي آهي جو هڪڙو شخص رات جو بيمار ٿئي، تنهن کي طبيب دوا کارائي چوي؛ جو سج اُڀرندو، تنهن جي سوجهري ۾ دوا اثر ڪندي، تنهنڪري بيمار سج اُڀرڻ جو آسائو رهي؛ پر تنهن کان اڳي مري وڃي. پوءِ ان کي سج اُڀرڻ نه اڀرڻ سان ڪهڙو ڪم؟ تنهن وانگي جا شيءِ گهرج لٿي کان پوءِ ملندي تنهن مان ڇا؟ تنهن تي سڌني ساڌ جو وچن آهي:
ڏوٻ مُئي تو ڪاملي ڪنهن ڪام نه آوي. ٻڏي مرڻ کان پوءِ ٻيڙي ملي ڪنهن ڪم نه اچي.

۳۰۵ - سَپهوُ نه وسهوُ، وسهوُ ته مُسهوُ.
سَپ تي نه وسهجي، جي وسهبو ته مُسهبو، ڇا کان جو سپ ماڻهوءَ جو ويري آهي. تنهنڪري ويريءَ تي ويساهه رکڻ مان نيٺ ڊپ آهي. تنهن لاءِ فارسيءَ واري جو چوڻ آهي:
بر تواضع هاءِ دشمن تکيه کردن ابلهي است؛
پاءِ بوسي سَيل از پا افکند ديوار را. ويريءَ جي نياز تي ڀروسو رکڻ اياڻپ آهي؛
اَڏَ جو پيرين پوڻ ڀت کي پاڙ کان ڊاهي.

۳۰۶ - سرمو سڀڪو پائي، پر اک اک جو ڦير آهي.
سرمو اهڙي سهڻي شيءِ نه آهي، جنهن مان سونهن وڌي؛ بلڪ اهڙو ڪارو آهي، جنهن کي هٿ لاتي هٿ پير ڪارو ٿئي. سو جيڪڏهن سهڻيءَ اک ۾ پوي، ته سهڻو لڳي؛ پر جي ٽيڏيءَ يا ڪوجهيءَ يا چوچيءَ يا ڪاڻيءَ اک ۾ پوي ته نه اک سونهين نه سرمو. تنهن وانگي جو ڪم سياڻي ماڻهوءَ جي هٿان سڌري، سو ساڳيو اياڻي جي هٿان مورڳو کري.

۳۰۷ - سنت سنت سڀڪو چوي سنت سمنڊان پار، اَنَلُ پکي ڪو هڪڙو ٻيا پکن ڪوٽ هزار.
سنت، ڌڻيءَ جو سچو ٻانهون، سمنڊان پار، هي اصطلاح آهي ته سمنڊ جي هُن ڀر يعني الڀ، اَنَلُ پکي، هندوي ڪتاب چون ٿا جو سدا اُڀ ۾ رهي ۽ سڳورو آهي، جهڙو فارسي ڪتاب هماءُ چون. پهاڪي جو مطلب هي آهي جو اهڙا سچيار سنت ڌرتيءَ تي ٿورا بلڪ اَلڀ آهن.

۳۰۸ - ستين لنگهڻين ڪتو به حلال آهي.
هن پهاڪي وارو اهڙي موڪل نٿو ڏئي، جو هروڀرو ڪو ماڻهو بخيل پيسا گهر رکي ست ويلا لنگهڻ ڪري، ناڻو پاڇي وجهي، ڪتو کائي پيٽ ڀري، ۽ ائين به نٿو چوي ته هروڀرو ڪتو ئي کائي، مگر سياڻپ جو اشارو آهي جو لاچاري بک جي ويلي جي سولو قوت نه ملي، ته اَولو گذران ڪري وٺي، ته به جهل نه آهي. جهڙو سُڪيءَ جي بي ڊپي سفر مان پيٽ قوت پورو نه ٿئي، ته سمنڊ جو ڊپ وارو سفر ڪرڻ منع نه آهي. يا جيڪڏهن ملڪي ڪارخاني جي نوڪري ڪرڻ مان ڍوَ نه ملي، ته جنگي ڪارخاني ۾ به نوڪري ڪرڻ روا آهي، جاتي سدائين تريءَ تي سر رکڻو پوي. فارسيءَ واري پڻ اهڙو اشارو ڏنو آهي:
چو دست از همہ حيلتي در گسست،
ضرور است بردن به شمشير دست. جڏهن سڀن حيلن کان هٿ ڇنو،
ترار تي هٿ رکڻ ضرور آهي.

۳۰۹ - سڄن پيٽان وڍيا، وڍين پيٽان سڄا.
سڄا، هي اصطلاحي اکر آهي، يعني اشراف يا سياڻا، يا ڀاڳ ڀريا. وڍيا، يعني لچ يا ڏڏ يا نڀاڳا. مطلب پهاڪي جو بعضي وقت ڀلن ماڻهن جو اولاد ڍلا، ۽ ڍلن جو اولاد ڀلا ٿين. اهڙيءَ طرح سنڌ جا ماڻهو گهڻو ٻڌا ۽ ڏٺا اٿم، پر اُهي نالا وٺڻ جي صلاح نه آئي؛ مگر آڳاٽا ڪي ٻڌا اٿم سي چوان ٿو، جو هڪڙي پاسي نوح نبيءَ جو پٽ، ۽ يوسف ڌاران ٻيا يعقوب نبيءَ جا پٽ، ۽ ٻئي پاسي نادر شاهه ۽ تمرلنگ بادشاهه.

۳۱۰ - سيرو کاڌو پاتل ڦاٽي.
سيرو جهڙوڪي حلوو کاڄرو شيءِ آهي، پاتل ليسوڙيءَ يا بڙ يا ٻين اهڙن وڻن جا پن گڏي ڇيتن سان ڳنڍي جوڙجن، تن تي هندو ماڻهو کاڄ کائن؛ ۽ پاتل هيڪر جوٺي ٿي، ته وري ڪم نه اچي. هي پهاڪو هندوي اصطلاح جو آهي، يعني سبري کاڌي کان پوءِ پاتل جا وري ڪم نه اچي سا رکڻ ڇا ضرور؟ تنهن لاءِ هڪڙو مثل لکان ٿو:
جڏهن نوشهري جي مختيارڪاري ڇڏي پينشن وٺي گهر آيس، تڏهن اُٺ گهوڙا جن ۾ ڪم ڪو نه رهيو، وڪڻي تڪڻي ڇڏيم. هڪڙي دوست پڇو جو وهٽ وانا سگها ڇو وڪيئي، تنهن کي اهو پهاڪو ٻڌايم. مطلب جو جنهن شيءِ مان ڪم لٿو ۽ وري ڪم اچڻ جي نه هئي، تنهن کي سانڍڻ ضرور نه آهي.

۳۱۱ - سو چور ئي نه آهي جو پنهنجو جوڻيت نه سڃاڻي.
جوڻيت، اُهو جيڪو چور کي صحيح ڪري وٺائي، سو چور جو ويري آهي ڪ نه؟ مطلب جو پنهنجي ويريءَ کي سڀڪو سڃاڻي ٿو، چور ته هڪڙو ماڻهو آهي، پر پنهنجي ويريءَ جي مرونءَ کي به سڌ رهي ٿي. جهڙو ٻلي گهر ۾ هئي ته ڪئا لڪي وڃن، يا سينڱ هٿ ۾ ڏسي ڪانوَ ڀڄن. تنهن تي هنديءَ جي شاهدي آهي:
پسون پکي هون جانتي هِتِ اَن هِتِ ڪي بات،

  • رِکي ديک سَڪُچَتَ نهين ٻنڌڪ تي ڏر پات. مرون ۽ پکي به وير ۽ دوستيءَ جي ڳالهه ڄاڻن،

ساڌو ڏسي نه ڊڄن، ماريءَ کان ڊڄن.

  • بن ۾ عبادت ڪن سي.


۳۱۲ - سپتيو ماڻهو پرائي مال ۾ ڀائيوار.
سپتيو يعني پت وارو، يا ڏيتيءَ ليتيءَ ۾ پورو. پهاڪي واري سپتئي ماڻهوءَ کي پرائي مال ۾ پورو ڀائيوار چيو آهي؛ جيتوڙي ڳالهه پڪ جهڙي نه آهي پر جيڪڏهن پت وارو اوير سوير گهرج مهل اُڌاري سڌاري لاءِ ڪاٿي ويندو ته ٺلهو ڪين ورندو، تڏهن قياس گهرجي ته ڀائيوار ٿيو ڪ نه؟

۳۱۳ - سچ سير، ڪاري ٻڪري، اڇو کير.
هي پهاڪي وارو سچ کي ٿو ساراهي؛ جو کير هڪڙي شي آهي، جيتوڙي ڪ ڪاريءَ ٻڪريءَ مان نڪري ٿو، ته به سو اڇو. تنهن وانگي سچ پڻ جهڙي حال ۾ هوندو، تهڙي ۾ جوکو نه اٿس؛ جهڙو سون گپ ۾ پوندو، ته به ملهه ڪين گهٽائيندو. اهڙي ڳالهه نمبر ۲۹۷ واري پهاڪي ۾ هلي آهي.

۳۴۱ - سُڪ تُور کان ٻُڏ تُور چڱو.
تُور يعني دفعو يا منڊ، پهاڪي جو مطلب هي آهي. جو پاڻي ٿورو ٿي پوک سڪائي، تنهن سڪ تور کان گهڻو ٿي ٻوڙي ته چڱو. جيتوڙي ته سياڻا چوندا آهن جو پوک کي پاڻي ٿورو به زيان ڪري، ۽ گهڻو به، پر گهڻن هنڌن ڪَتيءَ جي پوک پاڻيءَ جي گهڻائيءَ کان ٻڏي، ته ان ڌرتيءَ ۾ چيٽ ٿئي. تنهن کان سواءِ ٻوڏ واريءَ ڌرتيءَ ۾ به مڇي، لوڙهه، پٻڻ، ڪُمَ ۽ ٻيا اُپچن؛ ۽ جاتي سوڪ ٿئي اُتي واري ۽ مٽي. تنهنڪري ڄاڻجي ٿو جو پهاڪي وارو سچو آهي.

۳۱۵ - سياري جي سوَڙ سڀڪو پاڻ ڏي سيري.
بعضي ماڻهو هن پهاڪي ۾ سياري جي باهه پڻ چوندا آهن، پر سوڙ توڙي باهه ته سياري ۾ سيءَ لاهيندڙ آهن. تنهنڪري مطلب هڪڙو نڪري ٿو سو هي آهي، جو مائٽ توڙي يار توڙي ڪو ٻيو ته سڀڪو پنهنجو سک ڳولي. جهڙو اردوءَ واري چيو آهي:
مادر، پدر، برادر، فرزند، يار و زن،
سڀ سک ڪي هين سنگتي ٽڪ سمجهه وي سجن. ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، پٽ، يار ۽ جوءِ،
مڙئي سک جا ساٿي آهن ڙي يار ڪي سمجهه.

۳۱۶ - سڄڻ سڄي ٻانهن ڏئي ته سڄي نه ڳيهجي.
هن پهاڪي جي سڄي عبارت گهڻو ڪري اصطلاحي اشارا آهن؛ ڇا کان جو نڪو ٻانهن ڪنهن جي وات ۾ ڏئي، نڪو ٻانهن ڪنهن جي ڳيهي. مگر مطلب هي آهي جو ڪو شخص ڀروسو رکي ڪا وٿ يا ڪو ڪم سپاري، ته ان ۾ خيانت يا ڪپت، يا ويساهه گهاتي نه ڪجي، نه ته اڳتي ويساهه ڪو نه ڪندو.

۳۱۷ - سچ مرچان، ڪوڙ ڳڙ، پير پيسا، جوءِ گُر ُ.
هن پهاڪي مان ٻيو نرالو مطلب ڪو نه ٿو نڪري، رڳو بيدينن ۽ بخيلن ۽ گانڊن جي گلا ۾ آيو آهي، جن کي سچ مرچن وانگي ڪڙو لڳي ۽ ڪوڙ ڳڙ گهاءِ مٺو، ناڻي ۽ جوءِ کي مرشد ڪري پوڄن.

۳۱۸ - سياري ۾ سي ئي چڱا جن گهڻي باهه، اونهاري ۾ به سيئي چڱا جن گهڻي ڇاهه.
هن پهاڪي واري جو مطلب هي آهي، جو جنهن جي گهر سياري ۾ باهه گهڻي ۽ اونهاري ۾ ڇاهه يعني جهڻ گهڻي هوندي، سي سکي رهندا؛ پر سک سڀ دولت جو کيل آهي. تنهن جو بيان ۽ هن پهاڪي جو جواب نمبر ۳۱۹ واري پهاڪي ۾ هلندو.

۳۱۹ - سياري به سي ئي چڱا جن کي آهه، اونهاري به سي ئي چڱا جن کي ڪي آهه.
ڪي آهه يعني ڪي دولت آهي، هن پهاڪي وارو نمبر ۳۱۸ واري پهاڪي کي جواب ڏئي ٿو؛ ۽ چوي ٿو جو جنهن کي دولت آهي سو اونهاري توڙي سياري ۾ سکي رهندو. ڇا کان جو باهه توڙي جهڻ ته ٿوري ملهه واريون شيون آهن، پر دولت واري کي سڀ نعمتون سڻوليون آهن. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
بگرما و به سرما در بهار است،
کسي کش دولت و اقبال يار ست. اُونهاري سياري اُن لاءِ بهار آهي،
جنهن کي دولت ۽ ڀاڳ همراهه آهي.

۳۲۰ - سڳا سي ئي سيڻ، جنين پکا اوڏڙا.
سيڻ يعني مائٽ، پکا ويجهڙا يعني پاڙوسي، پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، ته جو پاڙوسي سو وڏو مائٽ؛ مطلب جو مائٽ اُهو جو دوست. جهڙو فارسي پهاڪو آهي:
برادر همان باشد که يار باشد. ڀاءُ اهو آهي جو دوست هجي.

۳۲۱ - سلو سو، جو انگورين ڀلو.
مطلب ته جو ماڻهو ننڍپڻ ۾ لڇڻن وارو هوندو، سو وڏ پڻ ۾ پڻ سڌرندو. تنهن تي فارسيءَ واري به چيو آهي:
هرکه در خورديش ادب نکند،
در بزرگي فلاح زر بر خواست؛
چوب تر را چنانکه خواهي پيچ،
نشود خشک جز به آتش راست. جيڪو ننڍپڻ ۾ ادب نه ڪندو،
وڏپڻ ۾ ڀلائي وٽانس اُٿي ويندي؛
آلي ڪاٺي جئن وڻيئي تئن موڙ،
سڪي باهه ڌاران سنئين نه ٿئي.

۳۲۲ - سوڙهي سياندري وهنوار نه ڪجي.
سوڙهو سياندرو، اکرن جي معنيٰ ويجهي حد، مگر اصطلاحي معنيٰ مائٽي يا دوستي. پهاڪي وارو مائٽيءَ ۽ دوستيءَ ۾ واپار ڪرڻ کان جهلي ٿو، سو سچ آهي؛ جو واپار جي ڪم ۾ هڪڙي نه ٻئي وقت ڇڪتاڻ هلندي، جنهن ۾ واجبي حق سڀڪنهن کي ڇڪڻو پوي. پوءِ هڪڙي ڌر سانگو ڪري اُهو حق ڇڏيندي، ته حق ٻڏندس؛ تنهن تي هڪڙو ڏٺل قصو ياد آيو اٿم، جو هيٺ لکي ڏيکاريان ٿو:
هلال ۽ بدر جي پاڻ ۾ ويجها ۽ نازڪ مائٽ آهن، تن ٻنهين پاڻ ۾ اڌواڌ ڀائيوار ٿي پندرهن سؤ (۱۵۰۰) رپيا خرچ ڪري هڪڙي ڏهاڙي کٽندڙ ڳڌي؛ هن انجام تي ته جيڪي منجهانس پيدا ٿيندو، سو اڌ ڪري ورهائيندا رهندا. اها شيءِ بدر جي هٿ ۾ رهندي هئي، مگر جيڪي پيدا ٿيندو هو، سو بدر سال بسال يا مهيني سر مهيني گهر ويٺي هلال کي پهچائيندو هو. ان طرح چار پنج ورهيه سندن وهنوار هليو. ايتري ۾ هلال کي هڪڙي ٻه اهڙي حرڪت معلوم ٿي، جنهن ۾ سؤ (۱۰۰) ڏيڍ سؤ (۱۵۰) روپيا پنهنجو نقصان ڄاتائين. تڏهن لاچار ٿي ڀائيواري نبيرڻ لاءِ رٿ ڪيائين، ۽ ڀانيائين جو شاهوڪارن جي دستور وانگي کري کاتي ڀائيواري نبيريان. پر بدر کي ان طرح نبيرڻ نه وڻيو، ۽ ڀانيائين جو هلال کي دربدر رلائي رقم سموري ڳيهي وڃان. ان باب ۾ جيڪي هلال سان ڀَتَ رڌائين، ۽ هلال سان ڳالهايائين، جي اهي سڀ لکان، ته جيڪر هڪڙو نرالو ڪتاب ٿئي. پر نيٺ هلال ويچاري کي پنهنجي لڄ لڪائڻ پيئي. تنهن اڳوڻي نقصان کي وساريو، ۽ هن مهل پڻ قريب ٻن سون روپين جي ڏٺي وائٺي ڪس کائي ڀائيواري نبيريائين. اهو تماشو ڏسي آءٌ پڻ چوان ٿو جو پهاڪي واري سچ چيو آهي:

۳۲۳ - سڙئي گهوڙي ۽ پِٽِيل ماڻهوءَ مان ڪين ٿئي.
جنهن گهوڙي کي مڇر کائن ۽ ان زهر کان سڙي، تنهن کي سڙيو گهوڙو چئجي، سو دوائن سان پڻ سڌري ڪين. پهاڪي وارو پِٽِيل ماڻهوءَ کي پڻ اهڙو ڄاڻي ٿو. تنهن ۾ ڪو ڦير ڪو نه آهي؛ ڇا کان ته جو ماڻهو ڪنهن جي دل ڏکوئيندو، ته ڏکويل جي دل مان پٽ نڪرندي، سا جائي اثر ڪندي. فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
چه نيکي طمع دارد آن بيوفا؟
که باشد دعائي بدش از قفا. ڀلائيءَ جي لالچ اهو ڪلال ڪئن رکي؟
جنهن جي پٺيان پاراتا هوندا.

۳۲۴ - سؤ ڪري سينگار، ته به کودڙيءَ پُٽ کودڙو.
اکرن جي معنيٰ سولي آهي، جا سڀڪو ڄاڻي ٿو. مطلب هي آهي، جو ڪميڻو ماڻهو چڱي پوشاڪ ڪِئي اشراف ڪين ٿي سگهندو. بلڪ منهنجو چوڻ هي آهي جو اُن پوشاڪ کي خوار ڪندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
نا سزائي که خرقه در بر کرد،
جامئه کعبه را جُلِ خر کرد. نالائق جنهن گودڙي پهري،
تنهن ڪعبي جي ڪپڙي کي گڏهه جي جُهل ڪيو.

۳۲۵ - سهڻا ٽوهه به پَٽَن ۾ آهن.
ٽوهه هڪڙو جهنگلي ول جو ڦر آهي، جو ڏسڻ ۾ گدري کان پڻ سهڻو، ۽ کائڻ ۾ ايرئي کان به ڪوڙو. پهاڪي واري جو مطلب هي آهي، جو شڪل جو سهڻو ماڻهو ڏسي نه ڄاڻجي ته هروڀرو سياڻو، يا اشراف، يا چڱو مڙس هوندو؛ جو متان ٽوهه وانگي اندر ٻاهرو هئي. تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:
نه هر که به صورت نيکو است سيرت زيباور درو است؛
کار بمغز اندرون است نه به پوست بيرون. نه سڀڪنهن سهڻي ۾ موچارا لڇڻ آهن،
ڪم اندرئين مغز سان آهي، نه ٻاهرينءَ کل سان.
درويش هن پهاڪي لاءِ هي چون، ته جو ماڻهو ويس فاقيرو ڪري، ۽ اندر ۾ دنيا جا ڌنڌا ۽ ڪپت سانڍيو وتي، سو ٽوهه جهڙو آهي، ۽ اهڙي کي پرلوڪ ۾ ڏاڍا ڏک ملندا. جهڙو گورو نانڪ شاهه جو وچن آهي:
بيک دکاوي جڳت ڪُون؛ لوڪن ڪُون وس ڪين،
انت ڪال ڪاتي ڪٽي باس نرڪ ۾ لين. جهان کي ويس ڏيکاري، ماڻهن کي مڃائي،
مرڻ مهل ڪاتيءَ سان وڍجي نرڳ ۾ پوي.

۳۲۶ - سڀڪا ٻڪري پنهنجي پائي ٽنگجي.
ڪاسائي ٻڪريءَ کي ڪُهي، کل لاهڻ لاءِ پير کان وٺي ٽنگي. پر هڪڙيءَ جي کل لاهڻ لاءِ ٻيءَ کي ڪو نه ٽنگي. تنهن وانگي ڏوهه جي ثواب، ته جيڪو ڪندو سو ئي لوڙيندو. جهڙو هنديءَ وارو چوندو آهي:
اِهُ ڪَرُ ڪري سو اِهُ ڪَرُ پاوي هاٿون هاٿ نبيرا. هي هٿ ڪري سو هي هٿ لوڙهي هٿون هٿ فيصلو.

۳۲۷ - سڃا عاشق ڀيٽو دي آچار.
ڀيٽو يعني ڪڃريءَ جو پانڊي، دولت بنا عاشق ٿيڻ اهڙو آهي، جهڙو پانڊي يا ڀاڙي؛ پر مطلب هي آهي جو دولت ڌاران ڪو ڪم پورو نه ٿيندو. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
مرغ بي پر، درخت بي بر، خانه بي در، عاشق بي زر. کنڀن بنا پکي، ڦر بنا وڻ، در بنا گهر، دولت بنا عاشق.

۳۲۸ - ستي لڪڙن کان موٽي، ته ڪتن هاب ٿئي.
هندستان ۾ ڪي زالون مڙس جي مرڻ مهل پاڻ جيئرو مڙس جي ميٿ سان گڏ ساڙينديون هيون، تن کي ستي چوندا ها؛ ڪتن هاب يا ڪتن جو کاڄ هي اصطلاح آهي، جنهن جو مطلب آهي گلارو، يا بدنام؛ تنهن وانگي هڪڙو سورهه دم هڻي جنگ ڏي هلي، ۽ اڳيان ترارن جو تاءُ ڏسي ڀڄي ته اُن ستيءَ وارو لقب مليس. اهڙي لاءِ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
يکي را چو بيني تو در جنگ پشت،
بِکُش گر عدو در مصافش نکشت. جڏهن هڪڙي کي ويڙهه ۾ پٺيرو ڏسين،
ڪُههُ، جيڪڏهن ويريءَ ويڙھ ۾ نه ڪٺس.

۳۲۹ - سَٻَر سان سينءَ، ڪبي ڪئن، چوندو جئن، ٿيندي تئن.
سٻر، ڏاڍو ماڻهو، سينءَ يعني دنگ، پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، جو هڪڙي هيڻي ۽ ڏاڍي جي وچان دنگ جو رڳڙو هوندو، تنهن جو نبيرو هروڀرو ڏاڍي جي چوڻ تي ٿيندو؛ تنهنڪري گهرجي، جو پاڻان ڏاڍي جو چوڻ مڃيندو رهجي، نه ته پاڻ لاءِ ڇيئو وهائڻو آهي. تنهن تي فارسي بيت آيو آهي:
خلاف راءِ سلطان راءِ جُستن،
بخون خويش باشد دست شستن. بادشاهه جي صلاح کان ابتڙ صلاح ڳولڻ،
پنهنجي رت سان هٿ ڌوئڻو آهي.

۳۳۰ - سي اڍائي، سي ساڍا ٻه.
ساڍن ٻن ۽ اڍائن ۾ ايترو ڦير آهي، جيترو ۳۱۵ واري پهاڪي ۾ بيان ٿيو آهي؛ ۽ هن پهاڪي جو مطلب پڻ ڏڏن جي بي سمجهي ڏيکارڻ جو آهي. سياڻي کي گهرجي، جو اهڙي ڏڏ جي صحبت کان پاسي رهي، ۽ نه سمجهي ته ڪو کانئس سکندو، پر شال هي سندس سنگت مان کري نه. تنهن تي هڪڙو فارسي مثل آيو آهي:
خري را ابلهي تعليم ميکرد،
بر اوبر صرف کردي عمر دائم؛
حکيمي گفت اي نادان چه کوشي؟
درين سودا بترس از لوم لائم.
نياموزد بهائيم از تو گفتار،
تو خاموشي بياموز از بهائم. هڪڙي اياڻي هڪڙي گڏهه کي ٿي سيکاريو.
سدائين ان تي ڄمار ٿي وڃايائين؛
سياڻي هڪڙي چيس ڙي ڏڏ ڇو ٿو سعيو ڪرين؟
هن سوداءَ ۾ مٿي هڻڻ کان ڊڄ.
مرون تو کان ڳالهائڻ نه سکندو؛
تون مرونءَ کان ماٺ سک.

۳۳۱ - سوناري جو سؤ ڌڪن، لوهر جو هڪڙو ڌڪ.
جو ڪم سوناري جي سؤ ڌڪ هڻڻ سان ٿئي، اُهو ڪم لوهر هڪڙي ڌڪ سان ڪري سگهي. تنهن وانگي ڏڏ ماڻهو جيڪو گهڻي ڏاکڙي سان مس ڪري، سياڻو اهو ڪم اشاري سان اڪلائي.

۳۳۲ - سياڻي اڳيان رئڻ، اکين جو زيان.
يعني سياڻو ماڻهو رڳو ڳالهه ڪرڻ مان حال سمجهي، تنهن جي اڳيان روئي حال ڳرهڻ اجايو آهي. تنهن لاءِ هڪڙو مثل آيو آهي:
هڪڙيءَ زال جي وڏور ڌيءَ ڪنواري هئي؛ تنهن جي پرڻائڻ لاءِ مڙس کي سعيو ڪيائين ۽ ڌيءَ کي چيائين جو اُٿي بيهه ته پياءِ ڏسي. تنهن چيو جو ابو سياڻو آهي، ويٺي به ڏسي ٿو جو وڏي آهيان. مطلب جڏهن پهاڪي وارو سياڻي ماڻهوءَ کي ايترو ساراهي ٿو، تڏهين ڌڻي، جو سڀ ڳالهه جو ڄاڻندڙ ۽ وائسندڙ آهي، سو انسان جو حال ري چئي نه ڄاڻندو ڇا؟ تنهن تي گرو نانڪ شاهه جو وچن آهي:
انتر جامي پورک سوامي اڻ بولت هي جانت حال. ڳجهه ڄاڻندڙ سائين ري چيو حال ڄاڻي.

۳۳۳ - سُتي شينهن کي آڱر نه ڏجي.
ڪاٿي شينهن ستو پيو هئي، اتانهون هوري هوري لنگهي وڃبو ته شينهن ڪين چوندو؛ پر جيڪڏهن آڱر ڏبيس يعني چُرَ ڪبيس، ته جائي وڙهندو. تهڙيءَ طرح وساڻل جهيڙي کي پڻ ستل شينهن ڄاڻي ڳرهانس پاسو ڪجي ۽ جي چوربس ته منجهانس جيڪا سا ڏاٻوڇي ٿيندي.

۳۳۴ - سڀڪو پنهنجي هٽيءَ جو هوڪو ڏئي.
هوڪو، سڏ جهڙو ڪُهَرَن جي وڪڻڻ وارو جهولي کڻي هوڪو ڏيئي چوي، “ڪُهَرَ ڪوسا”. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي جو لوڻ وڪڻڻ وارو لوڻ جو هوڪو ڏيندو، ۽ کنڊ وڪڻڻ وارو کنڊ جو؛ تنهن وانگي اشراف کان اشرافت جو ڪم ٿيندو ۽ لچ کان لچائيءَ جو. تنهن تي هڪڙو مثل آيو آهي:
هڪڙو اشراف ماڻهو پتڻ لنگهڻ لاءِ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو، اوچتو هڪڙو مسخرو اُن ٻيڙيءَ ۾ ويٺل هو، تنهن هن اشراف سان گهڻيون چٿرون ڪيون، پر اشراف ڪين ڪڇو؛ اُٽلو لهڻ مهل ڳراٽڙي پائي موڪلايائينس. تنهن کي ڏسي ٻين چيو، جو اهڙي لچ سان اهڙي خوشامد ڇا ٿي ٺهي. تن کي چيائين ته هن پنهنجو لائق ڪيو، مون پنهنجو لائق سڃاتو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
هر کسي آن کند کہ لائق اوست. سڀڪو پنهنجي لائق جهڙو ڪري.

۳۳۵ - سڪو ڪاٺ ٻه پاسا ڀڃي.
سڪي ڪاٺ تي ساڄي پاسي ڀر سمهبو ته ساڄو ڀڄندو، جي کٻي ڀر سمهبو ته کٻو؛ تنهن وانگي بخيل ۽ بي ڌرم ماڻهوءَ جي صحبت مان لوڪ پرلوڪ جو جوکو آهي. تنهنڪري سياڻي کي اهڙيءَ صحبت کان پاسي رهڻ گهرجي. فارسيءَ وارو پڻ چوي ٿو:
آنکس که از او نفع نه دنيا و نه دين است،
بگريز ازو گرچه شهي روءِ زمين است. جنهن ماڻهوءَ مان نه دنيا جو نه دين جو فائدو آهي،
جي سڄيءَ دنيا جو راجا آهي، ته به کانئس ڀڄ.

۳۳۶ - ست ڪئا کائي، ٻلي حج چڙهي.
هن پهاڪي واري ٻليءَ جي حج وڃڻ جي ڳالهه آندي آهي سو رڳو مثل آهي؛ نا ته ڪاڏي ٻلي ڪاڏي حج وڃڻ، مگر مطلب هي آهي ته جي ماڻهو اندر ۾ پاپ رکي ٻاهران ماڻهن جي ڏيکارڻ لاءِ ڊگهي عبادت ڪن، تن کي ٽوڪجي ٿو. پر اهڙي عبادت مورڳو گناهه آهي. جهڙو فارسيءَ ۾ آيو آهي:
کليد در دوزخ است آن نماز،
که در روءِ مردم گذاري دراز. اها نماز دوزخ جي در جي ڪنجي آهي،
جا ماڻهن جي ڏيکارڻ لاءِ ڊگهي پڙهين.