گلقند/ڀاڱو ٻيو/501 کان 1000

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
گلقند  (1928) 
by ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي

(۵۰۱) ڪپڙا پڪا ڪر- ڌئاڻيءَ جو حساب ٻڌ-
(۵۰۲) پڪيءَ ٻير ۾ ڀتر هڻڻ- فائدي واري هنڌان فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ.۳۲۶.
(۵۰۳) پڪين تي- (پڪل مانين) ٺهي ٺڪئي ڪم تي. “نئين ڪارخاني کولڻ جون تڪليفون ٻين ڪيون ۽ هي بختاور وڃي پڪين تي پيو”.
(۵۰۴) پکو وجهڻ صورتي وجهڻ. To cast lots.
(۵۰۵) پکي پوڻ- نصيب ٿيڻ” جيڪي دک پکي پيا سي ڀوڳيا
(۵۰۶) پڳ- پڳڙي يا ڇٽ، جو گادي نشين کي ڍڪائين. تنهنڪري پڳ اچڻ يا ٻڌڻ معني گادي ملڻ، آبرو جو درجو، اختياري يا جوابداري جو ڪم ملڻ.
(۵۰۷) پڳ جو پيچ جتي ٿو اچيس اُتي ٿو ورائي يعني جئن پنهنجو سهنج ٿو ڏسي تئن ڪري ٿو
(۵۰۸) پڳڙيون (۱) قضيئي جي ٽيئين ڏينهن( معرڪي تي) ڪانڌين کي پڳڙيون ٻڌائڻ. (۲) پڄاڻي ٿيڻ. “سود يشي هل چل جي ڪري بزازين جون پڳڙيون ٿيون”. يعني پورا ٿيا، بند ٿي ويا.
(۵۰۹) پڳ مٽ-ثاني. “هو انهي رئس جو پڳ مٽ آهي”
(۵۱۰) پڳڙي وڌائي رکو- پڳڙي لاهي رکو.
(۵۱۱) پگهر جي ڪمائي- ٻانهن جي پورهئي جي ڪمائي.
(۵۱۲) پگهر سڪائڻ نٿو ملي- آرام ڪرڻ جو وقت نٿو ملي.
(۵۱۳) پنهنجي پگهر ۾ ٻڏي ويو- پاڻمرادو شرمندو ٿيو.
(۵۱۴) پلوءَ اٽڪڻ- واسطو ٿيڻ.”هو ٻاٻري ڪنڊ آهي، هن سان شل ڪنهنجو پلؤ نه اٽڪي”.
(۵۱۵) ٻاٻري ڪنڊ يعني ٻٻر جي ڪنڊ ۾ هڪ هنڌان پلؤ ڇڏائبو ته ٻئي هنڌ اٽڪندو تنهنڪري معني اڙيون يا اڙنيون وجهندڙ، جنهن کان جند ڇڏائڻ مشڪل.
(۵۱۶) پلوءُ پائڻ (۱) پلاند جهلڻ(آسيس گهرڻ لائين) هندڪو رواج. (۲) “نيزاري ڪرڻ” ڏسو “پاند پائڻ”.
(۵۱۷) پلوَ جهلڻ- پلاند (جهولي وانگر) جهلڻ، گارين وغيره سهڻ لاءِ. “ڳالهاءِ جيڪي ڳالهائڻو هجيئي، اسان وڏوئي پلوءُ جهليو آهي”.
(۵۱۸) پلؤ ڏيڻ- ونهوار ۾ سولو يا سوڌو رستو ڏيڻ. “چوي ٿو ته يا شيءِ موٽاءِ يا پئسا ڏي؛ اهو ته سولو پلؤ ٿو ڏئي”.
(۵۱۹) پلوَ وٺڻ- بدر يا عيوض وٺڻ.
(۵۲۰) پلئي پوڻ- حاصل ٿيڻ، ملڻ- “ حق پلئي پيس”.
(۵۲۱) پنبو ڪڍي ويٺو آهي- پئسا نٿو ڏئي؛ کٽو آهي.
(۵۲۲) پنبهيون ٿو هڻي- خوش ٿيو آهي، ٽپ ٿو ڇڏي.
(۵۲۳) پنج اسناني- ٻه هٿ، ٻه پير ۽ منهن ڌئڻ. “وضو”.
(۵۲۴) پنجوءَ جي پڻ سان ٿو هڻي- واجبيءَ کان وڌيڪ ٿو گهري پنجوءَ نالي هڪ واڻئي جو پڻ( ان ماپڻ لائين) رواجي پڻ کان وڏو هو).
(۵۲۵) پنج ئي گيهه ۾ اٿس- وڏو فائدو يا سڀ سڻائي اٿس.
(۵۲۶) پنڌ پڇڻ- واٽ يا مفاصلو پڇڻ، احوال پڇڻ. ۴۱۵. “تو ۾ سو سر سارو جنهنجا تون پنڌ پڇين ٿو”. بيدل
(۵۲۷) پنهنجو پاپ پيو کائي- ڪيل کوٽا ڪم سجهن ٿا.
(۵۲۸) پنهنجو مٽ پاڻ آهي- جهڙس ٻيو ڪونهي.
(۵۲۹) پنهنجي ٻڌي پنهنجي ڇوڙي- پنهنجي مت وارو آهي،.
(۵۳۰) پنهنجي تي اچڻ- سچو ٿي ڪم ڪرڻ” پنهنجي تي اچي ته ڪم جهٽ ڪري ڏئي”.
(۵۳۱) پنهنجي پاڇي ڀر پيو ڊڄي- گهڻو ڊڄڻو آهي.
(۵۳۲) پنءُ ٻارهن- سوڀ، فتح. ضد “ ٽي داڻيون”.
(۵۳۳) پنءُ سٽ- انهيءَ دم، جهٽ پٽ “تت وهندي”، “پنءُ سٽ پيرن ڀر، اُٿي خان کڙو ٿيو” (مومل راڻو).
(۵۳۴) بوتي ڪڇي ڇڏڻ- وت جاچي ڇڏڻ، افعالن جي سڌ هئڻ. “چورن پوليس جي پوتي ڪڇي ڇڏي آهي، تنهنڪري وتن راڱا ڪندا”.
(۵۳۵) پوتي پيو آهي- مرڻينگ آهي.
(۵۳۶) توکي چڱيون پوپٽيون پڙهائيندو- اُستاد ٿي ملندئين حرفت سان کٽي ويندو. To out- trick.
(۵۳۷) پورو هڏ اٿس- زور ڪونهيس (بدن ۾ يا پئسي جو)
(۵۳۸) پوُڻو پيو آهي- بدن ۾ گهٽ يا ضعيف (مرڻينگ ) آهي.
(۵۳۹) پويان پير ڪيائين- پٺتي موٽيو، هٽيو
(۵۴۰) پهروُ پاتائون- ٻڪرو ڪٺائون.
(۵۴۱) پهري سجاڳ- خبردار. Alert.
(۵۴۲) پئسي پرکڻ جي مهل- صفا صبوح( جنهن مهل ايترو سوجهرو هجي جو خبر پوي ته پئسو سچو يا ڪوڙو).
(۵۴۳) پيٽ- کاڌو يا روزگار. (۱) “پيٽ جي باهه اٿس يعني کاڌي جي هٻڇ اٿس. (۲) “ڪنهن جي پيٽ تي لت نه ڏجي”- يعني ڪنهن جو روزگار نه کسجي.
(۵۴۴) پيٽ- پيٽ يا دل واري ڳالهه، منجهه، ڳجهه. “منهنجو پيٽ نه پٽاءِ” يعني اندر ۾ جيڪي اٿم سو مون کان نه چواراءِ. “پيٽ ڪڍيائين= منهجه لڌائين”.
(۵۴۵) پيٽ- اولاد. “ هن جو پنهنجو ئي پيٽ وڏو آهي”.
(۵۴۶) پيٽ- (۱) بريا ويڪر. مثلا درياه جو پيٽ= ويڪر. (۲) مقدار، پرماڻ “ هيءُ اڌ مڻ مس ٿيندو. مڻ جو اڃا پيٽ پيو آهي”. يعني مڻ ٿيڻ ۾ اڃا گهرجي.
(۵۴۷) پيٽ ڀريواٿس- مستي يا مغروري ٿي اٿس.
(۵۴۸) پيٽ پٺيءَ سان لڳو اٿس- ضعيف ٿيو آهي.
(۵۴۹) پيٽ پوڻ- ڀائين پوڻ ۸۷۱.
(۵۵۰) پيٽ کي پٽي ۽ انگ کي اڳڙي ٻڌائين- کاڌي ۽ ڪپڙي جون پاڻ کي سختيون ڏنائين. (صرفي لائين)
(۵۵۱) پيٽ کير ڀريس- اولاد چڱو ڀلو ٿيس.
(۵۵۲) پيٽ ۾ ساهه پيس- دلجائين ٿيس.
(۵۵۳) پير ڀرڻ- چڱي يامهرباني جي هلت ڪرڻ. “ وقت تي ڀاءُ ڀرائي سان پير ڀرڻ گهرجي”.
(۵۵۴) پير تپي پيا اٿس- رهڻ نٿو چاهي، وڃڻ لاءِ آتو آهي.
(۵۵۵) پير تي ڪهاڙو هنيائين- پنهنجي خرابي پاڻ ڪيائين.
(۵۵۶) پير پير ۾ پئي آيو- تمام آهستي پئي آيو.
(۵۵۷) پير مان لاهي پنهنجي منهن ۾ هڻڻ- پنهنجي بدنامي پاڻ ڪرڻ “ پنهنجي اولاد جي گلا ڪرڻ آهي پنهنجي”.
(۵۵۸) پير ۾ پدم اٿس- وڏي ڀاڳ وارو آهي.
(۵۵۹) پير هيٺان ٺڪري ڏنائين- ڳالهه کان ٿيڙيءِ يا ڦيرايائين.
(۵۶۰) پيرين سيرين ٿيو- هلڻ چلڻ جهڙو يا چڱي حال وارو ٿيو.
(۵۶۱) ڦاٽ ڦاٽو- منصوبو يا ڳجهي ڳالهه پڌري ٿي.
(۵۶۲) ڦاٽوڙودهل- جو دل ۾ ڳالهه نه سانڍي.
(۵۶۳)
(۵۶۴) ڦٽاڪا ڇوڙڻ- بنا مطلب يا اجائي ڳالهه ڪرڻ. “پرائي ڳالهه جي وچ ۾ پئي ڦٽاڪا ڇوڙيائين”.
(۵۶۵) ڦٽن تي لوڻ وڌائينس- دل جو درد وڌايائينس.
(۵۶۶) ڦڦڙي ڦرڪڻي پيس- ڏڪڻ لڳو( هيبت سببان).
(۵۶۷) ڦرڪ ڦريو- ڳالهه ڦري ويئي، رٿ ٻئي طرح ٿي.
(۵۶۸) ڦر کان اڳي ڄر ڇڏڻ” پاڻي کان اڳي ڪپڙا لاهڻ”. ]مادي ويامي ته اول ڦر (ٻچو) ڄڻي ۽ پوءِ اؤر نڪري[
(۵۶۹) ڦڙتي کاڌائين- ڳالهه ڪري وري ڦري ويو.
(۵۷۰) ڦرهو ٿي پيو آهي- ڊگهو ٿي سمهيو آهي.(ڦرهو= تختو)
(۵۷۱) ڦڪا ڪانا چوُپڻ- پيشماني کان سواءِ ڪجهه به نه حاصل ٿيڻ.” جرمنيءَ جو لشڪر ڦڪا ڪانا چوپي موٽيو”.
(۵۷۲) ڦڪڙ ڦاڙيائينس. منصوبو يا ڳجهي ڳالهه پڌري ڪيائين.
(۵۷۳) ڦل پائڻ- نتيجو حاصل ڪرڻ.
(۵۷۴) ڦلڙي رکڻ- عتاب يا ڏوه رکڻ.
(۵۷۵) ڦلهير ۾ ٿو ڦوڪون ڏئي- اجايا ڪشالا ٿو ڪري-
(۵۷۶) ڦڻي ڦوڪارو- بت جو ٺاهه ٺوهه.
(۵۷۷) (ڳالهه) ڦوٽي تي ڦاڙياءُ- اُتيجو اُتي پڌري ڪيائين.
(۵۷۸) ڦوٽي ڦاڙ- ٿورڙي سوکڙي. “آءٌ ڪڏهن هن جي ڦوٽي ڦار به نه سنڀران”
(۵۷۹) ڦورو ڦولهڻ- عيب جاچڻ، ويڪون ڪڍڻ. (سٽ جو ويڙهو کولي ڏسن ته سٽ سٺويا خراب).
(۵۸۰) ڦلن مٺ- غريباڻي سوکڙي( جا پڄنديءَ ساروُ ڏجي).
(۵۸۱) ڦيريءَ تي ويو آهي- مال کڻي وڪڻڻ ويو آهي.
(۵۸۲) جامو يا چولو ڇڏيائين- ديهي ڇڏيائين، مري ويا.
(۵۸۳) جاوا ڪيائين- ڍءُ ڪيائين، موجون ماڻيائين.
(۵۸۴) جائين نه آهي- پڄڻ ڪونهي، برابري ڪري نه سگهبي.
(۵۸۵) (ڪنهنجي) جتيءَ ۾ پير پائڻ- برابري ڪرڻ، مٽ پوڻ “ ساڌو هيرانند جي جتيءَ ۾ ڪير پير پائي سگهندو”؟
(۵۸۶) جتي مکي بيٺو آهي- (نوڪريءَ وغيره لائين) پنڌ ڪري ٿو.
(۵۸۷) جڃ ٿي بيٺو آهي- وڃي ٿو ڏيندويا خرچيندو.
(۵۸۸) جزا لوڙيائين- سيکت مليس. “ڪيتو لوڙيائين”.
(۵۸۹) جڪ کاڌائين- ڪاوڙ دل ۾ سانڍايائين (ڪڇيائين ڪين).
(۵۹۰) جک جگ ڪرڻ يا جک مارڻ- بڪڻ، اجايوڳالهائڻ. “هو ڀلي پيو جک ماري، تون ماٺ ڪيو ويٺو هج”.
(۵۹۱) جنڊ ڪاهڻ يا ڪڍڻ- ان پيهڻ، سخت پورهيو ڪرڻ.
(۵۹۲) جنڊڙي جوئي اٿن- جهيڙو ڪيو اٿن، وڙهيا آهن.
(۵۹۳) جنڊو پاڙو لکي ڏيڻ- گهر ۾ يا نزديڪ رهڻ جو انجام ڪرڻ. “ سسئَي جي سڱ ڏيڻ کان اڳ پنهونءَ کان جنڊو پاڙو لکائي ورتائون”.
(۵۹۴) جنڊو جنڊي سان ڏيئي ويٺا آهيون- پاڙيسري آهيون.
(۵۹۵) جوانيءَ ۾ جوُن پييون اٿس- جوانيءَ ۾ ڪم نٿو پڄيس.
(۵۹۶) جوت جاڳائين- ڏئو يا بتي ٻار.
(۵۹۸) جوڳ پچايم- ڪشالا تڪليفون ڪيم.
(۵۹۹) جوڙ پڄايائينس- مار ڏنائينس.
(۶۰۰) جيئرو ڪوڙ ڳالهايائين- نسورو يا صفا ڪوڙ ڳالهايائين.
(۶۰۱) ڄاريون مڙي ويس- بيهوش يا وائڙو ٿي ويو.
(۶۰۲) ڄڀ ڪڍي ڪلهي تي وڌي اٿس- گهڻو ٿو ڳالهائي.
(۶۰۳) ڄڙهه ڪڍيائين- بيخ يا پاڙ ڪڍيائين، گهڻو ٿڪايائين.
(۶۰۴) ڄنگهون يا ٽنگون ساهڻ- هوا کائڻ، ٿورو گهمڻ. “باغ ۾ ٻه گهڙيون ڄنگهون ساهي پوئين گهر آيس”.
(۶۰۵) ڄنگهون هنيون اٿم- پنڌ ڪيو اٿم.
(۶۰۶) ڄور ٿي لڳو- چنبڙي پيو، ( جئن ٻار ماءُ کي چنبڙي).
(۶۰۷) جهاڙو ورتائون- بدن ياگهر جي تلاشي ورتائون.
(۶۰۸) جهاڳ لنگهائي اٿس- وڏي بيماري ڪاٽي اٿس.
(۶۰۹) جهڙي ڦڙي ٿي- برسات پيئي.
(۶۱۰) جهول پوندو ٿو وڃي- وڌيڪ بيمار ٿيندو ٿو وڃي.
(۶۱۱) چاٽي چکڻ- چوش يا هير پوڻ. “ڏاٺ هرڻ”. هڪ لڱا اُڌارو ڏنو مانس ته، اها چاٽي چکي، هاڻ هر هر اوڌر پيو گهري”.
(۶۱۲) چاٽي لڳي اٿس- مزو آيو اٿس هير پيئي اٿس.
(۶۱۳) چاچي به ڪوٺيائين چهنڊڙي به پاتائين، ڳالهه جي ڳالهه به ڪيائين ۽ طعني جو طعنو به هنيائين.
(۶۱۴) چار ئي پلؤ چڪ ۾ (اٿئون) سڀين پارين يا هر طرح گنهگار.
(۶۱۵) چار ئي واهوُن چڪيون- ڪا به واهه (واٽ) نه رهي. اشارو-مومل سان راڻو سوڍو هڪ واري رٺو ته وري نه پرتو تنهنڪري پهاڪو ته “چارئي واهون چڪن تڏهن سوڍا سيڻ ڪجن.” يعني “جڏهن ڏاڍو لاچار پوي تڏهن ضدي يا زبردست ماڻهن ۾ سڱ ڏجي”.
(۶۱۶) چان چون- سوال جواب، ڳڙ ٻڙ. ”مون سان چان چوُن نه ڪندو”
(۶۱۷) چاندي آهي- “ڪپڙي جي واپارين جي هيل چاندي آهي” يعني گهڻو فائدو اٿن.
(۶۱۸) چانڊيا مگسي آهن- پاڻ ۾ ڪين ٺهندا آهن.( چانڊيا ۽ مگسي ذاتين جا مسلمان هڪ ٻئي جا دشمن).
(۶۱۹) چت ورڻ - دل يا چاهه ٿيڻ. ”ڪم تي چت نه ٿو وريس.”
(۶۲۰) چٽيو واڱڻ- رڳو ڏسڻ جو سهڻو؛ پر منجهس افعال ڪوبه نه. “ڏسڻ جو ٽوهه”. ۲۲۴
(۶۲۱) چٻي چٿي ڳالهائين- ويچار سان ڳالهائين، سمجهي ڳالهائين.
(۶۲۲) چپ پوڻ- بنا سبب وڙهڻ.”مون سان چپ پيو”.
(۶۲۳) چپ چورڻ (۱) ٿورو ڳالهائڻ. “اڃا چپ چوريائين ته اُڀري ورتائونس” (۲) ٿورو کائڻ سڄو ڏينهن چپ نه چوريو اٿم يعني ذرو نه کاڌو اٿم.
(۶۲۴) چپن کي چنو هنيائين- ماٺ ڪري ويٺو، جواب نه ڏنائين.
(۶۲۵) چپو چوُرو ڪيائين- ٿورو کائي پاڻ کي تازو ڪيائين.
(۶۲۶) چر چر ڪرڻ- کائڻ. سڄو ڏينهن پيو چر چر ڪري.
(۶۲۷) چرغو- ائٽ يا نار، اصطلاحي معني ڪارخانو يا ڪارخانو يا ڪاربار
(۶۲۸) چڙها ٻڌڻ - دلبو ڪرڻ، ٺڳڻ. چڙها ٻڌي مائٽي ڪرايائونس.
(۶۲۹) چڙهو چڙهندي ٿيندييئين- ڏينهون ڏينهن وڌ هوندين.
(۶۳۰) چڙهه ڪياسون- ڍءَ تي کاڌو سون.
(۶۳۱) چڪ وڌو مانس- سوال ڪيو مانس(ڪنهن شيئين لائين)
(۶۳۲) چکا چوکي ڪرڻ- ٿورو سواد وٺڻ يا کائڻ “ هن جي مٺائي مان ٻين به چکا چوکي ڪئي”
(۶۳۳) چلڻ چڪا اٿس- چري نٿو سگهي.
(۶۳۴) چلهه تي چڙهيو ويٺو آهي- گڏ گذاري ٿو.
(۶۳۵) چماٽ لڳڻ- هرج پوڻ، نقصان ٿيڻ.” هيل ان جي واپارين کي ڏاڍي چماٽ لڳي آهي”.
(۶۳۶) چمچوس (جو چم چوسي يا چوپي) ڪنجوس.
(۶۳۷) چمڙا پوش ڪرڻ- پنهنجي شڪل ۽ پوشاڪ اهڙي طرح بدلائڻ جو ڪو سڃاڻي نه سگهي.
(۶۳۸) چنگ چاڙهيائينس- بدنام ڪيائينس.
(۶۳۹) چوٽي ڏيڻ- سمورو مال (ٻهاري) کڻي وڃڻ.
(۶۴۰) چڪري کاڌائون- چٽاڀيٽي ڪيائون وڙهيا.
(۶۴۱) چڪنا چور- پرزا پرزا “ جبل تان ڪريو ته چڪنا چور”.
(۶۴۲) چوُٻولو- (۱) تڪرار. Altercation. (۲) چؤ پچؤ، پچار.
(۶۴۳) چوٻو آهي- گهڻو ٿو کائي. ڀيٽيو- کائڻ جو ملهه آهي. ]مٿرا جا چوٻا (چتر ويدي) برهمڻ کائڻ جا ملهه آهن.[
(۶۴۴) (هڪٻئي سان) چوٿون چندرما اٿن- دشمني يا وير اٿن.
(۶۴۵) چوٽ آيس- ڌڪ لڳس، ايذاءُ آيس.
(۶۴۶) چوٽان چوٽ- چوٽيءَ تائين ڀريل. ڀيٽيو ڪنا ڪن.
(۶۴۷) چوٽ چڙهڻ- مٿاهين منزل يا حد تي پهچڻ، گهڻو مهانگو ٿيڻ. ڪڻڪ هيل وڃي چوٽ چڙهي آهي.
(۶۴۸) چوٽ ڏيڻ (۱) ڌڪ هڻڻ، ايذاءُ يا نقصان پهچائڻ، شڪست ڏيڻ- “رائين ڏياچ جي پٽ سنڌ ۾ اچي سومرن کي ڏاڍي چوٽ ڏني”.(۲) نيلام ۾ واڪ ڏيڻ. “ هن آرسي جي ڪٻٽ لائين چوٽ ڏني”.
(۶۴۹) چوٽ ڪرڻ- چوتي تائين ڀرڻ. “ڪٽورو وغيره”.
(۶۵۰) چوٽ کائڻ- پڄي نه سگهڻ، هارائڻ. “ انيراءَ گرنار تي ڪاهه ڪئي، پر چوٽ کائي موٽيو”.
(۶۵۱) چوٽيءَ ڀر (ڪريو) مٿي ڌارو. Headlong.
(۶۵۲) چوٽيءَ چنڊو آهي- نڀاڳو آهي، ڪنهن جي ڪم نه اچي.
(۶۵۳) چوُچڙي دکائين يا لاتائين- جهيڙو ڪريائين يا وڌيائين.
(۶۵۴) چوُچڙي ڏنائينس- ڇيڙيائينس( جهيڙي لائين).
(۶۵۵) چوُچڙي لڳيس- ڪاوڙ آيس، ڪاوڙجي پيو.
(۶۵۶) چور- جو ڪجهه نه قبولي، يا عيوض نه ڏئي. مثلا “ڳڻچور” جو ڳڻ نه مڃي. “ملهه چور”.
(۶۵۷) چور دروازو- جائين جي پٺين پاسي وارويا ڳجهو دروازو.
(۶۵۹) چوُر- چوُرو، پرزا پرزا. اصطلاحي معني چٽ. ڀيٽيو(۱) غرق ٿيل. (۲) ٻڏل “ پڃرو جو پاپن جو سو چوٽيء تائين چوُر. “نشي ۾ چور هئڻ= غرق يا ٻڏل هئڻ.
(۶۶۰) چؤرا کؤرا- اُڻ تڻ، هرکر ڳڻتي.
(۶۶۱) چوڙ ٿڌو اٿس- هنڍائڻ يا پهرڻ جو کوهو گهٽ اٿس. يعني ڪپڙو يا جتي وغيره جلد نٿو کسائي. ضد “ڏنؤ ڏار آهي” يعني “جيڪو ڪپڙو پائي سو جلد ڦاڙي”.
(۶۶۲) چوڪڙو- ٿڪ. چوڪڙو ڀڳائين يا لاٿائين- ٿڪجڻ کان پوئين آرام ڪيائين ڀيٽيو- ٿڪ ڀڳائين، ساهي کنيائين.
(۶۶۳) (سون) چوکو آهي- سچو ، نجو يا تکو آهي.
(۶۶۴) چوکو ٿيڻ- بيپرواهه يا بي ڊپو ٿيڻ. “ جئَن نٿو ڪڇجيس تئن وڃي ٿو چوکو ٿيندو”. باهه پئي چوکو ٿيو آهي= تڪليفون سهي آزمائش مان پار لنگهڻ ڪري بيپر واهه يا بي ڊپو ٿيو آهي.
(۶۶۵) چلو ڇڏيائين- ديهي ڏيائين، مري ويو.
(۶۶۶) چولو مٽائڻ- ٻي جوُڻ وٺڻ.Transmigrate
(۶۶۷) چوُن نه ڪيائين – ٻڙڪ يا حرف به نه ڪڇيائين.
(۶۶۸) چوُڻو نه اوُڻو- رزق جي تنگي ته ڏسندين! (دعا).چوڻو= رزق. اوُڻو= گهٽ.
(۶۶۹) چؤ چؤ ڪرڻ- هر گهڙيءَ ڇينڀڻ يا ڇڙٻڻ. “ٻار کي گهڻي چؤ چؤ ڪبي ته نٺر ٿي پوندو”.
(۶۷۰) چؤ چؤ پيٽ پئجي ويئي اٿس – چوڻ چائڻ جو اثر ڪونهيس.
(۶۷۱) چهڙ پاتائين- ڇتو يا ڪاوڙ مان ڳالهيائين.
(۶۷۲) چئن چڱن کان پڇ- ڪن نيڪ مردن سان صلاح ڪر.
(۶۷۳) چئن ۾ اُٿڻ وهڻ جهڙو- مان ڀريو يا لڇڻن وارو.
(۶۷۴) چيتو جاءِ ڪر-هوش ڌار، سنڀال.
(۶۷۵) چيٽ ٿو پوي- کهرو يا ڪاوڙ مان ڳالهائي.
(۶۷۶) چيٺ- سنڀال. “بيمار اڃا چيٺ پڇي” يعني سندس دوا ستيءَ ۽ کاڌي پيتي جي اڃا گهڻو وقت سنڀال کپي.
(۶۷۷) ڏاڍي چيٺ چيٺي اٿس- گهڻي بيماري ڀوڳي اٿس.
(۶۷۸) چيچٽ اُڀريس- دک مان دانهن ڪيائين. “تاءُ اُڀريس”.
(۶۷۹) ڇاتي اٿس يا ڇاتيَ وارو آهي- همت اٿس، پهلوان آهي.
(۶۸۰) ڇاتيءَ تي هٿ رکي ڏس- دل ۾ ويچار ڪر ( ته توسان جي اهڙي هلت ٿئي ته توکي ڪيتري قدر وڻي).
(۶۸۱) ڇاڇر ۾ ڇيرون ڪرڻ- ڇاڇر يعني پاڻيءَ جي ڇر يا ٿوري پاڻيءَ ۾ ڊوڙون پائڻ. “شاهه لطيف گهڻو اونهو ويو آهي، باقي ٻين شاعرن جون اڪثر آهن ڇاڇر ۾ ڇيرون يا تانگهي ۾ ٿاڦوڙا هنيان اٿن”.
(۶۸۲) ڇاڪاٽو وجهڻ- بگيڙڻ “ جتي مائٽي چوري اُتي ٻيا وڃي ڇاڪاٽو وجهن”. ڇاڪاٽو= بگيڙو، رولو.
(۶۸۳) ڇاڪ ڇٽي ويس- زور نڪري ويس، ڪمزور ٿيو-
(۶۸۴) ڇاڻي پيڻ چڱو آهي- اڳواٽ صفائي يا ٻول ڪري ڪو ڪم ڪرڻ چڱو آهي.
(۶۸۵) ڇائي ڇٽا ڀيو پائي-اجايو رلي پيو.
(۶۸۶) ڇايا- ڇانءَ- ٻاجهه. “توهان تي ڌڻيءَ جي ڇانءَ آهي”.
(۶۸۷) ڇايا پيس- (۱) اونداهو يا ڪارو ٿيو. “چنڊ کي هنئر ڇايا پيئي آهي (گرهڻ ڪري). (۲) مون کي ڏٺائين ته ڇايا پئجي ويس= منهن جو رنگ ڦريس.
(۶۸۸) (ڳالهه) ڇٻٽ ڪيائين- لڪايائين.
(۶۸۹) ڇٻيءَ ٻج- گهڻين ذاتين جا ماڻهو. “نيلام تي ڇٻيءَ ٻج اچي گڏ ٿيو، تنهن ڪري ميلاپ ڪو نه هون؛ هڪٻئي تي پئي چڙهت ڪيائون”.
(۶۹۰) ڇترن جي ساهيري- ننڍي هوندي جي ساهيري.
(۶۹۱) ڇتري اُڏائي ڇڏيائون- اگهه مهانگو ڪري ڇڏيائون.
(۶۹۲) ڇتي ڪتي وانگي ٿو چڪ پائي ياڏاڙهي- تمام شوخيءَ سان ٿو ڳالهائي.
(۶۹۳) ڇٽو لڳ اٿس- چريائي جو پوُر آيو اٿس.
(۶۹۴) ڇٺ ڇماهيءَ- ڪنهن قضاني، اتفاق سان.
(۶۹۵) ڇپ يا ڇهه ماري وهڻ- لڪي،ترسي وهڻ.
(۶۹۶) ڇڙ ڇڙ گابڙا آهن- پاڻ ۾ ٻڌي نه اٿن.
(۶۹۷) ڇڙڪ جواب ڏنائينس- ٺهه پهه ناڪار ڪيائينس-
(۶۹۸) ڇڙيو پڇڙيو ڳالهائڻ- بنا حجاب ڳالهائڻ، جيڪي اچي سوچوڻ. “سهري جي اڳيان ڇڙيو پڇڙيو پيئي ڳالهائي”.
(۶۹۹) ڇڪ پنءُ تي آهي. (۱) مرڻ جي ڪنڌيءَ تي آهي. (۲) ڳالهه فيصل ٿيڻ تي آهي.
(۷۰۰) ڇڪيوُن پائي وٺڻ- وريءَ وٺڻ (پئسو وغيره).
(۷۰۱) ڇلپٽ- مڻيو منڊي، زيور، جواهرات، قيمتي مال.
(۷۰۲) ڇنڇري لاٿائينس- ڌمال ڪڍيائينس، ڇينڀيائينس.
(۷۰۳) ڇنڊا پوڻ- ٿورو گهڻو الزام اچڻ يا ڏوهه پوڻ. “ماجسٽريٽ تي ڇنڊا پيا جو قدمو چڱيءَ طرح نه هلايائين”.
(۷۰۴) ڇنڊ ڪڍيائينس- ڌمڪايائينس.
(۷۰۵) ڇني ڦاڙي وهڻ- مائٽي يا رستو بنهه نه رکڻ. “زال جي چوڻ تي مائٽن سان ڇني ڦاڙي وهڻ نه گهرجي”.
(۷۰۶) ڇوڏا لاٿائينس- سيکت ڏيئي سڌو ڪيائينس.
(۷۰۷) ڇوهه ڇنڊيائين- ڪاوڙ سببان جيڪي چوڻو هوس سو چيائين.
(۷۰۸) ڇهه ڇڄڻ- (۱) ڊڄي وڃڻ- “ڳالهه ٻڌڻ سان منهنجا ڇهه ڇڄي پيا”. (۲) طاقت وڃڻ- پٽ جي مرڻ کان پوئين ويچاري جا ڇهه ڇڄي پيا.]ڇهه = سڪل پن ۽ ڏانڊيون جي وڻ مان ڇڄي پٽ تي ڪرن[.
(۷۰۹) ڇيڙو ڇٽو- معاملي جو ڪم پورو ٿيو.
(۷۱۰) ڇيڻا ٿو ڀوري- معاملو ٿو ڪرائي. ( دکيل ڇيڻو ڀوربو ته باهه ٻرندي- معاملو مچندو). “ڇيڻا ڀور” کي چون:-
اڍائي گهرن جو زيانخور، ٻه گهر ٻاروُ، لوُتيوُن لائيندڙ، لوُئا لائوُ، ناردي سڀاءُ وارو، کڏهرو، کڏن کوٽ.
(۷۱۱) حاضري ڀرڻ- ڪنهن وٽ سلام ڪرڻ لائين وڃڻ.
(۷۱۲) حد ڪيائين – جيڪي ڪرڻو هوس سو ڪري چڪو.
(۷۱۳) حرف- (۱) اکر “حرف پٽي ڪڍڻ”= گاريون ڏيڻ. (۲) ڏوهه يا ميار- حرف رکڻ= ڏوهه يا ميار رکڻ.
(۷۱۴) حرفي- ڏوهي. “حرفي ڪرڻ=ڏوهي ٺهرائڻ، ميار رکڻ. “نيات وارا جنهن جو ڏوهه ڏسن ٿا تنهن کي حرفي ڪن ٿا”. (سنڌي ستون ڪتاب).
(۷۱۵) حق بخشي ويٺي- سڄي عمر ڪنئاري رهي.
(۷۱۶) حياتي جو ماڻ ڀرجي آيس- عمر پوري ٿيس.
(۷۱۷) خار آيس يا لڳس – بڇان يا ڪاوڙ آيس.
(۷۱۸) (مڪان) خاڪ سياهه ڪيائون- ساڙي رک ڪيائون.
(۷۱۹) خانو آباد هوندءَ – وڌندين ويجهندي! (دعا).
(۷۲۰) خانو خراب ڪيائينس- گهڻو هرج پهچايائينس. ڀيٽيو- ٻيڙي ٻوڙيائينس.
(۷۲۱) ختمو ڏيڻ- غريبن ۽ ملن کي کارائي، قرآن شريف جي سوُر فاتح پڙهي، اُن جو ثواب مئل ماڻهوءَ جي روح کي بخشڻ (مسلماني رواج). خاتمو معني پڄاڻي يا پڇاڙي ۽ ختمو معني پڇاڙيءَ جي دعا. ڏسو ۴۴۴.
(۷۲۲) خرچ ڪرڻ- ڪتب آڻڻ. “حياتي چڱن ڪمن ۾ خرچ ڪيائين”
(۷۲۳) خشڪيون يا خفقان پچائڻ- چريائي جا يا اجايا خيال ڪرڻ.
(۷۲۴) خط لهڻيم ڇا؟ - قرض لهڻيم ڇا؟
(۷۲۵) خلم ٻاريائين- وڏي حرڪت يا خرابي پيدا ڪيائين.
(۷۲۶) خواب خيال نه هئڻ- ٿوري قدر به خيال ۾ نه هئڻ. “مون کي اها ڳالهه خواب خيال به ڪا نه هئي”.
(۷۲۷) خير گهر- سڀاڳي وائي وات مان ڪڍ. ]خير ٿو گهرجي- نه کپي. ڏسو “باهه ڏيانس”[
(۷۲۸) دادي نه اِستادي- ري ڏني ري ورتي، بي گناهه.
(۷۲۹) داغ ڏنائين- (۱) گيهه ساڙي وڌائين. (۲) ڪلنڪ ڏنائين- “رن پٽ کي لڳي ڀاڳه ڏئي جواري اٽي داڳه”. (داغ).
(۷۳۰) دال روٽيءَ وارو- غريباڻي يا پوري پني وسعت وارو “وڌيڪ شاهوڪار لائين چون “ مڇي- مانيءَ وارو يا ڌيڻيوارو”.
(۷۳۱) دال ۾ ڪڇ ڪالا هي-ڳالهه ۾ ڪو رولو آهي. ]دال ۾ ڪجهه ڪاري شيءِ (مک جهڙي) هوندي ته رولو ٿيو[.
(۷۳۲) دال نه ڳرندي- پڄي نه سگهبو.
(۷۳۳) دانهينءَ واري دانهن ڪرڻ- بلڪل گهڻو پڪارڻ.
(۷۳۴) داڻو پاڻي- ان جل، قسمت.
(۷۳۵) دت دتائي بيٺو- ٺٺر ٿي يا هوڏ ڪري بهي رهيو-
(۷۳۶) در ٻر دؤنس- زبردستي.
(۷۳۷) دردن جا داستان کوليائين- ڏکن جون ڳالهيون ڪيائين.
(۷۳۸) دروازو قائم آهي- دروازو بند آهي- (درگاهه جو).
(۷۳۹) در بدر ڪيائين- حيران يا پريشان ڪيائين، رلايائين.
(۷۴۰) در وني بر وني- اندر ٻهريو، جو اندر ۾ هڪڙي رکي ۽ ٻاهران ٻي ڪري Double-faced. ۲۱۱ ۽ ۸۸۲
(۷۴۱) دڙيون ٽپڻ- خوشيءَ مان ٽپ ڇڏڻ، خوشيون ڪرڻ. ٻئي جو خانو خراب ٿئي ته حاسد دڙيون ٽپي”.
(۷۴۲) دخل ۾ نه آڻڻ- ذرو به ويچار نه ڪرڻ، بنهه نه ليکڻ. “اهڙيون ڳالهيون اسين دخل ۾ به ڪين آڻيون”.
(۷۴۳) دعا دل سان ئي نٿي لڳي- ڳالهه اعتبار ۾ نٿي اچي.
(۷۴۴) دڦ ڪرڻ- خلاص ڪرڻ، اجائي طرح خرچ ڪري وڃائڻ. “ پيءُ جي سموري ملڪيت دڦ ڪيائين”.
(۷۴۵) دفع ڪرڻ- ٽارڻ “ڌڻي درد دفع ڪندئين”.
(۷۴۶) دڳ لائڻ- واٽ ڏيکارڻ. “مونکي دڳ لائي ڇڏ”.
(۷۴۷) دڳو ڄمائڻ- اختياري يا حڪومت جو بنياد وجهڻ. “سمن ۽ سومرن کي وڙهندو ڏسي راجپوتن وڃي ٿر ۾ دڳو ڄمايو”.
(۷۴۸) دل ڀڄي پيئي- چاهه نه ٿيو.
(۷۴۹) دل تان لهي ويم- وسري ويم.
(۷۵۰) دل تي تري آيم- ياد پيم.
(۷۵۱) دل جهل- همت ڌار.
(۷۵۲) دل دٻليءَ ۾ رک- دلجائين ڪر.
(۷۵۳) دل سان لڳي ٿي- اعتبار ۾ يا ياد اچي ٿي.
(۷۵۴) دل کٽي ٿي پيس- بيزار يا ڪڪ ٿي پيو.
(۷۵۵) دل گڏيل نه آهي – ميلاپ ڪونهي.
(۷۵۶) دل لاهي هٿ ۾ ڪئي اٿس- ڊڄي ويو آهي.
(۷۵۷) دل ۾ دهل وڄڻ لڳس- اندر ۾ خوش ٿيڻ لڳو.
(۷۵۸) دل ۾ ڪيائين- ڏک ٿيس.
(۷۵۹) دل نه لوڙهه- بي همت نه ٿيءُ، آسرو نه لاهه.
(۷۶۰) دل وٽان- دل جي پسنديءَ موجب، وڻندڙ.
(۷۶۱) دل هڻڻ- ويچار ڪرڻ، پڪو ٺهراءُ نه ڪرڻ. “دل پيو هڻان ته هنکي اهو ڪم چوان يا نه”.
(۷۶۲) دلي بادلي- ظاهر ظهور، کليو کلايو.
(۷۶۳) دم جهل- سانت ڪر، ترس.
(۷۶۴) دم درميان اٿس- ساهه نڪرڻ تي اٿس.
(۷۶۵) دم ڏنائين- ساهه ڇڏيائين، مري ويو.
(۷۶۶) دڻيون پاڻيون ويون- بنهه چٽ يا خراب ٿيو.
(۷۶۷) (راجا) ديگ تيغ جو مالڪ آهي- ڌنوان ۽ ٻلوان آهي.
(۷۶۸) ڌاڌڪ ناڻي جو - تمام گهڻا پئسا.
(۷۶۹) ڌاڪو وڌائين- ناماچار يا ناموس ٿيس.
(۷۷۰) ڌانئين ڌونئين- وهنجي سهنجي، کڙي تڙي ٿي (ويم يا بيماريءَ مان اُٿڻ کان پوئين). “شل ڌانئين ڌونئين جڳهه گهمندي”. (زنانو دعا ڪرڻ جو نمونو).
(۷۷۱) ڌڄا پيا پون- معاملا پيا ٿين (ڏي وٺ وغيره تان).
(۷۷۲) ڌڄ مڄ جهڙي ٻانهن- تمام سهڻي زال.
(۷۷۳) ڌڌڙ ۾ پير هنيائين- سچي يا پوري ڳالهه نه ڪيائين.
(۷۷۴) ڌرم ڌوتائين- جئن ڪرڻ ڌرم يا فرض هوس تئن نه ڪيائين. مثلاً پئسا وٺي الي وڃڻ ٿيو ڌرم ڌوئڻ.
(۷۷۵) ڌرنو ماري ويٺو- ڪم نه ٿيڻ تائين ضد ڪري ويٺو.
(۷۷۶) ڌرڻ ڏڪي ويس- گهڻو ڏڪي يا ڊڄي ويو. (اکري معني ته جنهن ڌرتيءَ تي بيٺو هو سا ڌرتي ڏڪي).
(۷۷۷) ڌڪ (۱) مصيبت جو ڌڪ، خرابي يا نقصان مثلاً اولاد مرڻ ياپئسي وڃڻ جو ڌڪ “ ڌڪ ۾ ڌڪ”= مصيبت ۾ مصيبت- (۲) ڪپڙو ڌڪ نه جهليندو= گهڻو جٽاءُ نه ڪندو. ڌڪ = سٽ، زور.
(۷۷۸) ڌڪامڻ- (۱) ٻيڙي ڌڪائي = ٻڏي (۲) ڪوٺي ڌڪاڻي=کٽي، ڏيوالو نڪتو.
(۷۷۹) ڌڪڙ تي اَٽو- معاملو ٿيو. (اَٽو لڳي ته ڌڪڙ وڄي).
(۷۸۰) ڌڪو کڻڻ- ڪنهن جي طرفان لٺ کڻي اٿڻ (وڙهڻ لائين). “ڌڪو کڻجي ڀاءُ لڳ، شاهدي ڏجي الله لڳ”.
(۷۸۱) ڌڪو هڻڻ- (۱) ڏنڊو هڻڻ (۲) اٽڪل روُئين چوڻ.
(۷۸۲) ڌمال- (۱) ڌمال ڪڍيائينس = ڌمڪايائينس. (۲) ڌمال لڳي يا وڳي = نغارو وڄيو (ٺهرايل وقت تي) (ڪڪڙن ڌمالون هنيون = ٻانگون ڏنائون.
(۷۸۳) منهن جي ڌمالهي ويس- منهن جو تيج گهٽيس. (of the face)Expression ڌمال His countenance fell.
(۷۸۴) ڌمچر مچايائون- گوڙ ڪيائون.
(۷۸۵) ڌن لاتائين- ڌيان ۾ ويٺو، محو ٿي ويو.
(۷۸۶) ڌنڌو وڍڻ- کنڌو لاهڻ، رقم چڪائڻ.
(۷۸۷) ڌوڏ ٻڌي اٿس- هوڏ ڪئي اٿس.
(۷۸۸) ڌوُڙ- ڪجهه نه “ڌوڙ ڪمايائين=ڪجهه نه ڪمايائين”.
(۷۸۹) ڌؤنر سرو- اَڇي مٿي وارو، پير مرد.
(۷۹۰) ڌيڻيوارو- ڏڌ مکڻ وارو، سکيو سهنجو، شاهوڪار.
(۷۹۱) ڏاٺ ڏيڻ- ڇتو يا کهرو ڳالهائڻ.
(۷۹۲) ڏاٺ هري اٿس- سواد آيو اٿس، هريو آهي “چاٽي لڳڻ”. “ مٺائيءَ تي ڏاٺ هري اٿس، ته روز روز پيو کائي”.
(۷۹۳) ڏاڙهيءَ ڏس ڏيڻ- ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو ڏس ڏيڻ. “پاڻ مون سان گڏجي ڪو نه هليو، رڳو ڏاڙهيءَ ڏس ڏنائين ته نسروانجيءَ (نوشيروانجي) جي ڇاپ وٽ رهي ٿو”
(۷۹۴) ڏاڙهي مڇ ۾ مڇ ڏاڙهيءَ ۾ ڏٺائين- جئن تئن ڪري پوُرائو ڪيائين (پئسن جو).
(۷۹۵) ڏاڪي تي اچي بيٺا آهيون- ڪم پوُري ڪرڻ تي آهيون.
(۷۹۶) ڏاند ڏهي آيو- بخيل مان ڪم ڪڍي آيو.
(۷۹۷) ڏانئين اچڻ- تجويز هئڻ. ڳالهه ڪرڻ ڏانئين نه آيس”.
(۷۹۸) ڏائي ڏنبي ڪانهيس- حرفت يا ٺڳي ٺوُڳي نه ڄاڻي.
(۷۹۹) ڏٻرو آچار- گهٽ ۾ گهٽ تخمينو. “ڏٻرو آچار ڪبو ته به توکي ٽي هزار رپيا کوٽ بلي ضرور ڏيڻا پوندا”.
(۸۰۰) ڏٻريءَ ڪين ڪيتو آهي- اڻويساهي ڪانهي، قرض يا ٿورو لاهي سگهبو. (اوڌر يا مهرباني گهرڻ مهل چون).
(۸۰۱) ڏٺو ڪيائينس- ٻين جي اڳيان بدنام ڪيائينس.
(۸۰۲) ڏٺي مک ڳيهڻ- غيرت جهڙو ڪم ڏسي وائسي ڪرڻ. “ڪتي جوُٺو ڪئن کائبو؟ اهڙي ڏٺي مک ڪير ڳيهندو؟
(۸۰۳) ڏس ڪاڻي ڪيائين- قرض کڻي ڀڄي ويو (ٻئي شهر). “ڏس ڪاڻيءَ کان اکه ڪاڻي چڱي” (پهاڪو)
(۸۰۴) ڏگهري لٿي اٿس- مرم شرم ڪونهيس (ڏگهري=ڪاٺ جي پٽي يا ميخ جاڪرسيءَ وغيره کي هڻجي).
(۸۰۵) ڏند پيو پيهين- شوخي يا ڪاوڙ ٿو ڏيکاري.
(۸۰۶) ڏند چپن سان لڳس- وسميءَ ۾ پيو، حيرت لڳيس.
(۸۰۷) ڏند ڏيڻ- تڪرار ڪرڻ. “ پنهنجائيءَ ۾ ڏند نه ڏبو”.
(۸۰۸) ڏندن واري مٺ- حيرت. هن کي اهائي ڏندن واري مٺ ته اهڙو عجيب ڪم ڪئن ٿيو”؟
(۸۰۹) ڏند هيٺ ڪڪرو اچڻ- غيرت اچڻ. “ههڙي لائق انسان جي گلا ڪندي ڏند هيٺ ڪڪرو نه آيس”.
(۸۱۰) ڏندين آڱريون ڪرڻ- حيرت ۾ پوڻ. اصطلاح ۸۰۶
(۸۱۱) ڏندين ڏاند آهي- آپي سمرٿ يا پاڻيهي پڄن جوڳو آهي
(۸۱۲) ڏنءَ ڇڏڻ ٽهڻ، ڇرڪڻ. (ڪنهن ڪم ڪرڻ کان).
(۸۱۳) ڏنءُ ڏائڻ- ڪو ڪم شروع ڪرڻ.
(۸۱۴) ڏؤنڪي ڄ اڃي- جو رڳو بهي ڏسي (ڪم نه ڪري).
(۸۱۵) ڏوئي ڍڪڻ گيهه!- سڀ سڻائي، جهجهو فائدو.
(۸۱۶) ڏهي ٽوڙڻ- واسطو ڇنڻ “ٽڳا ٽوڙڻ”.
(۷۱۷) ڏهين سوڌو اُڻڻ- توڙ يا حد ڪرڻ. “ اَنت سوڌڻ”.
(۸۱۸) ڏيڏري- ڪو خسيس ماڻهو ڪنهن عمدي ڪم مان ويڪون ڪڍي، ته ٽوڪ طرح چون “مار! ڏيڏريءَ کي به زڪام ٿيو آهي” يعني ههڙو خسيس ماڻهو به ڳوَرو ٿو ڳالهائي. (ويڪون ڪڍي ٿو).
(۸۱۹) ڏيڍ چانور ٿو ڏوُر رجهيس- پاڻ کي وڏو ٿو سمجهي.
(۸۲۰) ڏينهن پڪا ڏاڙهون ٿو گهري- “تريءَ تي بهشت”.
(۸۲۱) ڏينهن جو ڏئو ٻاريو اٿس- ڏيوالو ڪڍيو اٿس.
(۸۲۲) ڏيوي ڏارين ٽارين اٿس- ماتا ٿوري نڪتي اٿس.
(۸۲۳) ڏيويڻ لڳڻ- وڻڻ. “اهڙيون ڳالهيون هن کي ڏيوين ڪين لڳن”. ]هندن ۾ سڀڪنهن جا ڏيو پنهنجا[
(۸۲۴) ڏيئي وٺي رهيو آهي- زور ڪونهيس.
(۸۲۵) ڊانوا ڊول ٿيڻ- بگڙڻ، ڦٽڻ،چٽ ٿيڻ.
(۸۲۶) ڊڀ ڄمڻ- گهڻو سيڙاپو ڏيڻ. “ بهي بهي ڊڀ ڄمي ويم”.
(۸۲۷) ڊڀڙي جو ڪمي- جو بيگڙ ۾ وهي، نڌڻڪو.
(۸۲۸) ڊگهي واڳ اٿس- ڇوٽ اختياري اٿس.
(۸۲۹) ڊگهو منڌرو چوڻ- چڱو يا بڇڙو ڪوٺڻ، گلا ڪرڻ. “ڊگهو منڌرو نٿا چئونس، متان دل ۾ ڪري”.
(۸۳۰) ڊنو پهه يا ڊنو ڊپ ڪرڻ- ڪنهن تڪليف جي خيال کان اڳواٽ اُپاءُ ڪرڻ. “ڊنو ڊپ ڪري گهڻا پئسا کڻي ويس متان کٽي پون”.
(۸۳۱) ڊينب ڪڍيائينس- ڌمڪايائينس. ڏسو “ڌمال”.
(۸۳۲) ڍاڪوئي پڪو!- آبادي ٿي! ڪم يا فائدي جي اُميد نه رهي (ٽوڪ طرح چون). ]ڍاڪو=نار جو قسم[.
(۸۳۳) ڍڍر ڍر ڍرا ٿيس- ڦلهڙو يا بي همت ٿيو.
(۸۳۴) ڍر ڏيڻ- ڇڪتاڻ نه ڪرڻ، ڏور ڏيڻ. (۱) رقم نه پهچائي اٿس ته مون به کڻي ڍر ڏني اٿس. (۲) لغر کي ڍر ڏي يعني ڏور ڏي (ڇڪ نه)
(۸۳۵) ڍر وجهڻ- دير ڪرڻ “ تو ڪم ۾ ڏاڍي ڍر وڌي”.
(۸۳۶) ڍڪ ڀرڻ- (۱) پيڻ (ڏک، سور سهڻ)، نه ڪڇڻ. “نقصان پيس ته کڻي ڍڪ ڀويائين يعني سوُر پي ويو”. دانهن نه ڪيائين. (۲) ساراهه ڪرڻ. اڪبر بادشاهه جي انصاف جا اڄ تائين ماڻهو ڍڪ پيا ڀرين.
(۸۳۷) ڍڪر کائڻ-ڳڻتيون يا ويچار ڪرڻ. “ سؤدو ڪري هاڻ پيو ڍڪر کائي”. (ڍڪر = پنڪيون، جهوٽا).
(۸۳۸) ڍڪر لڳي ويس يا وٺي ويس. (۱) بيهوش ٿي ويو. “ڄاڙيون مڙي ويس”. (۲) وائڙو ٿي ويو. “تال موُل گم ٿيس”. (ڍڪر=غشي. ڍڪرجڻ= بيهوش ٿيڻ).
(۸۳۹) ڍڪڻ ٿيءُ- پردو يا لڄ رک. ڍڪڻهار= پرده پوش.
(۸۴۰) ڍڳي وانگر ٿو وهي- گهڻو پورهيو ٿو ڪري.
(۸۴۱) ڍنڍين ڍير- ڍڳن جا ڍڳ، تمام گهڻا.
(۸۴۲) ڍوري هڻڻ- مچڻ، متارو ٿيڻ (وهٽن). “مال ڍوري هنيون بيٺو آهي”.
(۶۴۳) ڍونگل پيو ڍاري- چرچا يا چٿرون پيو ڪري.
(۸۴۴) ڍيري ٿيڻ-ڊهڻ .” ڌڪ لڳس ته ڍيري ٿي پيو”.
(۸۴۵) ڍينگوئي ڍيري- رقم ئي چٽ ! (ڍينگو = نار).
(۸۴۶) رات اکين تي گذاريم – سڄي رات ننڊ نه ڪيم. ڀيٽيو- تارن ڳڻيندي رات وهايم يا گذاريم.
(۸۴۷) رات پڪا جؤ ٿو گهري- “ تري تي بهشت ٿو گهري”.
(۸۴۸) (چور) راتاهو ڏيئي ويس- رات جو ڦري ويس.
(۸۴۹) رات گڏيل هئي- اڃا اوندهه هئي. (صبح نه ٿيو هو).
(۸۵۰) راتو واهه ڀڄي ويو- رات جي وقت ۾ ڀڄي ويو.
(۸۵۱) راجا ريت- ٺهرايل دستور يا نرخ “ جيڪي راجا ريت هوندو سو ڏبو، نئين رسم ڪانه وجهبي”.
(۸۵۲) راڄونتيون ڇايوُن- جيوت جا لاڙها چاڙها. “ راڄونتيون ڇايوُن آهن، ڪڏهن سک ڪڏهن دک”. ۶۲۷
(۸۵۳) راڌا ويڌي ڪرڻ اڌو اڌ ويڌي ڪري نبيرڻ. “ هن سٺ گهريا، مون ۴۰ چيا، نيٺ راڌا ويڌي ڪئي سون (پنجاهه).
(۸۵۴) ربيع نه خريف-( چيٽ نه ڪتي) ڪوبه واسطو نه.
(۸۵۵) رتا وڇوڙڻ- سڳا مائٽ (ڀائر وغيره) وڇوڙي ڌار ڪرڻ.
(۸۵۶) رت ٿي ويا- پرتا “کير کنڊ ٿيا”.
(۸۵۷) رت ٽهڪيس- جوش آيس، گهڻي ڪاوڙ لڳيس.
(۸۵۸) رت ڏسي رمي هڻڻ- حال ساروُ تڪليف ڏئڻ “هو غريب ايترا پئسا ڪٿان ڏيئي سگهندئين؟ تون به رت ڏسي رمي هڻ يعني گهڻو نه پيڙينس. (رمي يا ڪنڙي Cupping-glass. رت واري هنڌ حڪيم هڻن).
(۸۵۹) رت رنائين- رت جا ڳوڙها ڳاڙيائين، زار زار رنائين.
(۸۶۰) رت ولوڙڻ- ڪشالو ڪرڻ. “گهڻو ئي رت ولوڙيائين پر ڀاڳه نه ڀرايس ته ڪشالا ئي ڪوُڙ ٿي ويس”.
(۸۶۱) رڇ ڪڏائي وجهڻ- پنهنجي مطلب جي ڳالهه ڪرڻ. “مان جيڪي چوان ٿو سو ٻڌيئي ڪين ٿو، وچ ۾ رڇ ڪڏائي وڌو اٿس”.
(۸۶۲) رڇ ۾ ئي ڪينهيس- منجهنس ڪو به حال ڪونهي.
(۸۶۳) رڏ ڪڏائڻ- نٺر يا بي چيو ٿيڻ. “ وڃڻ لائين چيائينس پر هوُ رڏ ڪڏائي بهي رهيو”.
(۸۶۴) رحلت ڪيائين- مري ويو.
(۸۶۵) رضا يا وفات ڪيائين
(۸۶۶) رقم ئي توبري ۾- رقم ئي چٽ! سڀ پئسا اجايا ويا. بنياد- هڪ واڻيو واهه اُڪرندي گهوڙي سوڌو ڪريو. پئسن جي هڙ توبري ۾ پيل هئس سا پاڻيءَ ۾ لڙهي ويس، تنهنڪري هئن به چون ته
(۸۶۷) هڙ ئي هلاک- رقم ئي چٽ.
(۸۶۸) پئسا پاڻيءَ ۾.
(۸۶۹) رڪ جي دانگي چڙهي آهي- ڏڪار ٿيو آهي.
(۸۷۰) رک رکاڻي نه ڪيائين- جيڪي چوڻو هوس سو چيائين.
(۸۷۱) رکو روُح- کهري سڀاءَ وارو، جو ملڻو يا ميلاپي نه هجي.
(۸۷۲) رڳن ٺارڻ واري ننهن مليس- اهڙي ننهن مليس جنهنجي لڇڻن ڪري دل کي گهڻي فرحت يا خوشي ٿيس”.
(۸۷۳) رڳن ۾ پيهي وڃڻ- دل کي گهڻو وڻڻ. “هو پنهنجي نيڪ سڀائين ڪري منهنجن رڳن ۾ پيهي ويو آهي”.
(۸۷۴) رندن ۾ رولڻ- ڀٽڪي خراب ٿيڻ.
(۸۷۵) رنڌڻي ۾ رولو پوڻ- گهر جي ڀاتين جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿيڻ.
(۸۷۶) روٽي روٽيءَ تي رکي نه کائڻ- ڏکيو بکيو يا ڪنگال ٿيڻ “سيٺين سان ڊوه ڪيو اٿس ته پاڻ به روٽي روٽيءَ تي يا ماني مانيءَ تي رکي ڪين کائيندو”.
(۸۷۷) روح ريلو ڏنو- دل جي ڇڪ يا سڪ ٿي.
(۸۷۸) روڪڙو جواب- صفا ناڪار Flat refusal.
(۸۷۹) رءُ ڪپڻ- وڌڻ نه ڏيڻ. “تو ٻٽاڪون پي هنيون پر هن وچ ۾ اهڙي ڳالهه ڪئي جو تنهنجو رءُ ڪپي ڇڏيائين”. To take wind out of one’s sails.
(۸۸۰) رئڻ ۾ ڇٽڪڻ- رودن ڪرڻ، زار زار يا گهڻو رئڻ. “پهريائين سوُر پئي پيتائين، پر پوئين اچي رئڻ ۾ ڇٽڪيو”.
(۸۸۱) زبان دراز (آهي) – گهڻ ڳالهائو (آهي). “وڏ واتو”.
(۸۸۲) زبان ڏنائين- انجام ڪيائين.
(۸۸۳) زبان ڪوڙي ڪيائين- انجام نه پاڙيائين.
(۸۸۴) زمين دوز ٿيڻ- ڊهي پٽ ٿيڻ، ڊهڻ. “ڌرتي ڌٻڻ ڪري ڪي جايون زمين دوز ٿي ويون”.
(۸۸۵) زور جي ميندي لڳڻ- ڪنهن کان سندس مرضيءَ جي برخلاف ڪو ڪم ڪرائڻ- “هن کي چوڻ طرح چئبو؛ جي نه مڃيندو ته زور جي ميندي ڪا نه لڳندي”.
(۸۸۶) زور ڏيئي بيٺو- جيڪي حيلا ڪرڻا هئس سي ڪيائين.
(۸۸۷) ساب پوڻ- سڦلو يا سجايو ٿيڻ. “ پورهيا ساب پيا”.
(۸۸۸) ساڄي لڳيس- چڱو وجهه مليس (فائدي جو).
(۸۸۹) ساري سر اٿس- نصيب زور اٿس.
(۸۹۰) ساسين سکالو ٿيو- سولائيءَ سان ساهه ويس. (مئو)
(۸۹۱) ساهه ٽنگجي پوڻ- گهڻي ڳڻتي يا ويچار ٿيڻ. “جيستائين تنهنجو خط نه ايندو تيستائين منهنجو ساهه ٽنگجي پوندو”.
(۸۹۲) ساهه پٽڻ- ساهي کڻڻ، ٿڪ ڀڃڻ.
(۸۹۳) ساهه مٺ ۾ ٿيڻ يا اچي وڃڻ- گهڻو ڊپ هئڻ يا مرڻ جو ڊپ ٿيڻ. “اهڙو طوفان لڳو جو سڀني جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو”. (سنڌي پنجون ڪتاب).
(۸۹۴) سائو- آباد، شاهوڪار يا چڙهيل (عهدي وارو)
(۸۹۵) سائي سلي- شروع يا منڍ کان وٺي، ننڍي هوندي کان.
(۸۹۶) سڀ وٽ سان پوُرو- توسان تو جهڙو مونسان مون جهڙو.
(۸۹۷) ستي مک جاڳايائين- بند ٿيل جهيڙو شروع ڪريائين.
(۸۹۹) ستمي چوَر ٿيس- جيڪي هوس سو سڀ ويس.
(۹۰۰) سٿرا ساٿي آيس- ڏسو “ساسين سکالو ٿيو”.
(۹۰۱) سج ڪني ڪڍي- سج ٿورڙو اُڀريو.
(۹۰۲) سج لاڙائو ٿيو- سج لهڻ تي آيو. اصطلاح ۲۵۰
(۹۰۳) سج کي ڀتر هڻي کاڌائون- رات جي ماني سويلئي کاڌائون.
(۹۰۴) سڄي لڱين- سڄن يا سلامت لڱن سان، صحيح سلامت، چڱو ڀلو. “دشمنن مان سڄي لڱين ڪو نه بچو” يعني ڪي مئا ته ڪي ڦٽيا (پنجون ڪتاب).
(۹۰۵) سڃ پيئي واڪا ڪري- سڃ لڳي پيئي آهي.
(۹۰۶) سڌ تي ٻڌ- جهڙي حالت تهڙي رٿ. ۳۹۳.
(۹۰۷) سڏئي سڏ ڏيڻ- وقت تي مدد ڪرڻ. ۷۷۱ ۽ ۷۸۳
(۹۰۸) گهڻا سر اُٿلايا اٿس- گهڻا زمانا يا دنيا جا نمونا ڏٺا اٿس يعني گهڻو آزمودگار آهي. (سر= زمانا).
(۹۰۹) سرمو پائي ويو- اهڙي طرح شئي کڻي ويو جو پتو نه پيو.
(۹۱۰) سر ويچ - جر سر وڪڻي، سر جي سٽ ڏئي، پهلوان.
(۹۱۱) سڪيءَ ۾ ٽٻي هڻي ويو- پڌري ڳالهه بنهه الي ويو.
(۹۱۲) سڱن تي کنيائينس- چڱيءَ طرح ڌمڪايائينس.
(۹۱۳) سڱ ساهڻ- (۱) مائٽ سڏائڻ (۲) برابري ڪرڻ. “آءٌ ٻانهي ٻاروچن جي، سڱ نه ساهيندياس”. (شاهه).
(۹۱۴) سلا ساوا هوندائين! – آباد هوندين (دعا) ۵۸۱.
(۹۱۵) سلي کان اڳي سنگ ڳڻڻ- اڳ ڪٿيا ڪم ڪرڻ ۶۹.
(۹۱۶) سمي پائي- اتفاق سان. سمي ساروُ= وقت پٽاندر.
(۹۱۷) سوڙهو گهٽڻ – لاچار ڪرڻ. “ ووٽ لائين سوڙهو گهٽيائين”.
(۹۱۸) سوڪ ماني پچايائينس- ڏاڍي جٺ ڪيائينس.
(۹۱۹) سونا سڱ چاڙهي آيو- سونڊ پائي يا ڪاوڙجي آيو.
(۹۲۰) (هن لائين) سونو سج اُڀريو- سڀاڳو ڏينهن ٿيس.
(۹۲۱) سون ۾ سرهو آهي- بلڪل لائق يا سچو انسان آهي.
(۹۲۲) سونو ڪٽورو هٿ ۾ اٿس- پنڻ کان عار ڪو نه اٿس.
(۹۲۳) سوني ماڻ سان مئي ڏنائين- (پئسا) موٽائي نه ڏنائين.
(۹۲۴) سهڻي سمهڻ- ڀروسو رکي وهڻ. “تون انهيءَ سهڻي نه سمهه، ته هو تنهنجو ڪم ڪندو”. (سهڻو= سپنو).
(۹۲۵) (زال) سنئين مهني آهي- ويامڻ تي آهي.
(۹۲۶) پاڻيهي سئي سڳي کي سوريندي-پاڻيهي ڳالهه چرندي، ڳالهه تي ڳالهه کلندي.
(۹۲۷) سئيءَ ۾ سڳو- سڳو مائٽ.
(۹۲۸) سئيءَ سڳي سوُڌو- ذري پرزي، سموُرو.
(۹۲۹) سيج پڄايائينس- ڏاڍي مار ڏنائينس. ]اکري معني ته کٽ مقام يا مسڻ ۾ پهچايائينس[.
(۹۳۰) سيخ ٿيڻ- (۱) گهوڙو سيخ ٿيو- نرا کنيائين، پوين ٽنگن تي کڙو ٿي بيٺو. (۲) چنڊ سيخ ٿيو- اُڀريو. (۳) هو وڃي ٿو سيخ ٿيندو- گهڻو ڪاوڙبو.
(۹۳۱) سينڍ ڏيڻ- اڳواٽ چتائڻ “هن کي سينڍ ڏيئي ڇڏج ته سڀاڻي ماستر حساب پڇندس”. (سينڍ=سيٽ).
(۹۳۲) سيني تي مڱ ڏرڻ- حاسد جي روبرو اهڙو ڪم ڪرڻ جو هن کي ساڙ لڳن. “جو سڙي تنهنجي سيني تي هو مڱ ڏري”.
(۹۳۳) سيڻهه ٿي پوڻ- گهڻو ڀرجڻ “کائي سيڻهه ٿي پيو، هلي نٿي سگهيو”. (سيڻهه= ٻڪريءَ جي ڦوڪيل کل).
(۹۳۴) سيءُ وٺي ويم يا سياٽو پيم- ڏڪي يا ڊڄي ويس.
(۹۳۵) (سج) شاخون ڪڍيون- اُڀريو.
(۹۳۶) شاهاڻي ٽور هلي ٿو- آهستي ۽ فرحت سان هلي ٿو.
(۹۳۷) شب – ڍڪ، پردو. ڪيترا ڏينهن اها ڳالهه شب ۾ رکي (لڪائي) سگهبي. ڳالهه شب ۾ رهجي آئي=ڳالهه جي اوگهڙ يا اُپٽار نه ٿي.
(۹۳۸) شتر بي مهار- (ڇڙواڳ اُٺ) جنهن کي ڪو جهلڻ پلڻ وارو نه هجي، اَڍنگيءَ هلت وارو.
(۹۳۹) شد مد سان ڳالهايائين- چڱي زور يا فلڪ سان ڳالهايائين.
(۹۴۰) شڌو ٻڌو اٿس- (جائي) هوڏ ڪئي اٿس.
(۹۴۱) شرڙ ڦاڙيائين- جنن ڀوتن جون يا واحياتي ڳالهيون ڪيائين.
(۹۴۲) شر مچايائين- ٿوريءَ ڳالهه جو وڏو وڌاءُ ڪيائين.
(۹۴۳) شڪل پيئي شيشا ڀڃيس ( ته به چوي ته ٻانهن کپيم ڀت جي ڀوُري) – بدشڪل آهي (ته به چوي ته بلڪل سهڻي ٻانهن کپيم) - ]اکري معني ته منهن ۾ ايترو تيج اٿس جو اُن جي اثر ڪري شيشا ٽڙڪيو پون[.
(۹۴۴) (ب) شل ٿي پيو- سڪي ويو، نستو ٿيو (ٿڪ ڪري).
(۹۴۵) (ڳالهه جي) شنيدي ٿي- (ڳالهه) پڌري ٿي.
(۹۴۶) شهه کائي موٽيو- هارائي آيو.
(۹۴۷) شيءِ ٿيڻ- مطلب يا پورائو ٿيڻ. “حال ٽيهه رپيا مليا ته به منهنجي شيءِ ٿي”. انبن مان شيئين ڪيم = ڍءُ ڪيم.
(۹۴۸) شير پياز پڌرو ڪيائينس- سڀ عيب يا ڳجهه ظاهر ڪيائينس. ڀيٽيو- “ پڙ پڌرو ڪيائينس”.
(۹۴۹) شير شڪر- گهرا دوست. “هيءُ پاڻ ۾ شير شڪر آهن”.
(۹۵۰) شير مڙس- شينهن جهڙو مڙس، پهلوان، بهادر.
(۹۵۱) شينهن ڪلهي چڙهڻ- بي اونو يا سکي ٿيڻ. (۱) “قرض کان ڇٽي اچي شينهن ڪلهي چڙهيو آهي. (۲) هڪڙي نياڻي هيس سا به وڃي شينهن ڪلهي چڙهي يعني پرڻجي وڃي ساهري سکي ٿي.
)۹۵۲( (ڪپڙو) صابڻ چٽ ڏيئي ڌوءُ- صابڻ جو گهڪو ڏيئي (ٿورو صابڻ هڻي) ڌوءُ.
)۹۵۳( صدقي جي ٻڪري- جنهن کي ٻين جي پاران تڪليفون يا سختيون سهڻيون پون يا جو نڌڻڪو سمجهيو وڃي. A Scapegoat “توهين گهمڻ ٿا وڃو باقي آءٌ آهيان صدقي جي ٻڪري جو توهانجو ڪم ويهي پورو ڪريان”.
(۹۵۴) ضد تي چڙهيو آهي- ضد يا هوڏ ڪئي اٿس.
(۹۵۵) طبل ٿو هلائي- وڏائي ٿو ڪري، حڪم ٿو هلائي.
(۹۵۶) طبيبين تات پوڻ- (۱) علاج يا دوا ڪرڻ. “کاڌي پيتي جي سنڀال نه ڪبي ته طبيبين تات پئبو يا طبيبن جا در ڏسڻا پوندا”. (۲) ٻين جي محتاجي ڪڍڻ، ڪاڻيارو ٿيڻ. “ڪو به نازڪ ڪم سنڀالي نه ڪندا ته پوئين طبيبين تات پوندا”.
(۹۵۷) ظلم جو ٽڪر- ستائيندڙ. “ ڇوڪرو ظلم جو ٽڪر آهي”.
(۹۵۸) (ڳالهه) عالم آشڪار آهي- جڳ پڌري آهي.
(۹۵۹) عدم پيدا آهي- پيدا ڪونهي، گم آهي (ماڻهو يا شيئين).
(۹۶۰) عدول حڪمي ڪيائين- نافرماني ڪيائين، حڪم نه مڃيائين.
(۹۶۱) عقل جو وير آهي- بيعقل يا ڪم عقل آهي.
(۹۶۲) عقل چرخ ٿيس- وائڙو ٿيو، گهڻو عجب لڳس.
(۹۶۳) عقل ڳنڍيائين يا ويڙهايائين- چڱي سياڻپ يا اٽڪل ڪيائين.
(۹۶۴) (رپيا) علي الحساب ڏنائين. اڳواٽ ڏنائين، حساب پوئين ٿيندو.
(۹۶۵) عنقا جو شڪار. ناممڪن يا نه ٿيڻ جهڙي ڳالهه. “ويل جواني اهڙي هٿ اچي جهڙو عنقا جو شڪار ملي “ (چوندا آهن ته عنقا پکي آسمان ۾ رهي ٿو).
(۹۶۶) عيد اڳڙي- مانائتو ڪپڙو جو ڪنهن ڏينهن وار تي پائجي. “ نوان ڪپڙا پائي پورا ڪيائين، باقي جيڪا عيد اڳڙي بچي اٿس سا به اکين ۾ ٿي اٿس”.
(۹۶۷) غرقي- ٻڏل (پاڻيءَ ۾ پسيل) ان، ٿوري وسعت. “ گهر ۾ غرقي به نه لڀي ٻاهر دم هڻي ٺوڙهين جا”. ۶۴۷ (ٺوڙهي=اُچي ڪڻڪ جو قسم).
(۹۶۸) غم کاڌائين- ڏکه يا ڪاوڙ دل ۾ سانڍياءُ، نه ڪڇائين.
(۹۶۹) گهوتا (غوطا) - ٽٻيون، ڳڻتيون. “گهوتا پيو کائي”.
(۹۷۰) فاقا ڪڍيائين- لنگهڻ يا بکون ڪڍيائين، بنا کاڌي گذاريائين.
(۹۷۱) فتوُر جاڳايائين- معاملو ڪرايائين.
(۹۷۲) فرياد مچايائين- وڏيون دانهون ڪيائين.
(۹۷۳) فصل ٻٽيرو- سک ڦٽو، جنهن کي هڪ هنڌ آرام نه اچي.
(۹۷۴) فلڪ نه آڻڻ- ويچار نه ڪرڻ، نه ليکڻ. “ تو جهڙن تي هوُ جيڪر فلڪ به ڪين آڻي”.
(۹۷۵) فوت ٿيڻ- مرڻ. ڏسو “رحلت ڪرڻ”.
(۹۷۶) فهيون منجهائڻ- ستائي منجهائي ڇڏڻ. “پئسا نه مليس ته فهيون منجهائي ڇڏيائين”.
(۹۷۷) (سڄو ڏينهن) قاصداڻي ڪار ڪرڻي پوي ٿي- قاصدن جي ڪرت (ڊڪ ڊوڙ) ڪرڻي پوي ٿي.
(۹۷۸) (ڪنهن جي)قبر يا مسڻ ڪنو نه ڪجي- مئل ماڻهوءَ تي ڪو قرض رهيل هجي ته نه رکجي( پر لاهجي).
(۹۷۹) (دنيا ۾)قبو اُڏائي ڪو نه ويهبو- سدائين جيئرو نه رهبو.
(۹۸۰) قرض کڻي ڪنگڻ پائڻ- “هٽ کٽائي حلوا کائڻ”.
(۹۸۱) قرض ۾ ٻڏو پيو آهي- تمام گهڻو قرض اٿس.
(۹۸۲) قرض ۾ ٿو وهي- بيدليو يا مٿاڇري طرح ڪم ڪري ٿو.
(۹۸۳) قسمت سانگي آيو- اتفاق سان آيو. قضا ٿيڻ= ڀڄڻ.
(۹۸۴) قصا پيا ڪٽين- زٽ شٽ پيا هڻن، ڳالهيون پيا ڪن.
(۹۸۵) قضا قضا نه ٿئي- لکيو نه ٽري ۸۱۴.
(۹۸۶) (ڪنهن جي) قلعي کولي ڇڏڻ- ٽپڙ يا افعال پڌرا ڪرڻ.
(۹۸۷) قلم ئي ڪڍي ڇڏيائون- رواج ئي بند ڪري ڇڏيائون.
(۹۸۸) قلم وهي ويو- حڪم جاري ٿي چڪو.
(۹۸۹) ڪاتيءَ ڪسندي يا ڪنڌ تي ڪاتيءَ ايندي ائين ڪيائين- ڏاڍي لاچار ائين ڪيائين.
(۹۹۰) ڪاٺ ڪهاڙا لڳڻ- گهڻي سر جوشي ڪرڻ ڪنهن خرابي کي بند ڪرڻ يا ڪنهن بڇڙي کي روڪڻ لائين. مثلاً “چورن جي پٺيان پوليس ڪاٺ ڪهاڙا کڻي لڳي”.
(۹۹۱) ڪاٺي ڀڳي اٿس- نانگ يا بلا کاڌو اٿس؛ ڪکيو آهي.
(۹۹۲) ڪارڄڀو- ڪاريءَ ڄڀ وارو، نڀاڳو. (چون ته ڪار ڄڀو پٽي ته هن جي پٽ لڳي، تنهنڪري اها معني[.
(۹۹۳) ڪاريءَ وارا ڪک- سڃ، اڻ هوند. پريان ڀانئين ته شاندار شيَ آهي، پر ويجهو وڃي ڏس ته ڪاريءَ وارا ڪک يعني سڃ ۽ ڀينگ ۲۲۵.
(۹۹۴) ڪا شي ڪروٽ کاڌائين- گهڻيون سختيون سهي يا لاچار قرض کڻي ڪم پورو ڪيائين ]ڪا شيء ۾ اڳي ڪي هندو ڪروٽ يعني ڪارائيءَ سان پنهنجو بت وڍي مڪتيسر نالي کوهه ۾ وجهندا هئا جو سمجهندا هئا ته ائين مڪتي ملندي[.
(۹۹۵) ڪاغذ ڪيائون- حساب يا ليکو ڪيائون، نفعو نقصان جاچائون. “پوتا ميل ٻڌائون”.
(۹۹۶) ڪاڪياڻي ٿي پوي ته؟ - ڪو اتفاق يا خرابي ٿي پوي ته پوئين؟
(۹۹۷) ڪانڀ ڪڍي ويٺو آهي- (۱) ڪپڙو گوڏن ۽ پٺيءَ کي ٻڌي ٺهي جڙي ويٺو آهي. (ٿري ماڻهو عام طرح ڪانڀون ڪڍي وهن) (۲) ڪم جو اونو ڪو نه اٿس.
(۹۹۸) (تو لائين) ڪانگ اُڏايم- ڪانگن جي اُڏامڻ مان سوڻ ڳنڍيم (ته شل اچين).
(۹۹۹) ڪانگ ڪڍي ويٺو- ڳالهه جي ڊيگهه ڪيائين، گهڻو ڳالهايائين. (ڪانگ= ڪانءَ جي ڪان ڪان).
(۱۰۰۰) ڪانگيوُن ڊوڙايائين- تڪڙا نياپا موڪليائين. ]ڪانگ= تڪڙو نياپو، جو ڪانءَ جي هٿان موڪلجي[