گلقند/ڀاڱو ٻيو/1 کان 500

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
گلقند  (1928) 
by ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي

(۱) آباد هجين!- وڌين ويجهين! ڀيٽيو- سائو هجين!
(۲) آبادي ٿي!- وڏي ڳالهه نه ٿي. “ٽن مهنن ۾ سوَ رپيا ڪمايائين ته ڏاڍي ڪا آبادي ٿي!
(۳) آبرو ڌوپي ويس-عزت بنهه ويس. ڀيٽيو- آبرو ئي خاڪ! آبرو مٽيئين سان ملي ويس.
(۴) آڏو ڦرڻ- برخلاف يا اُبتڙ هلت ڪرڻ. “ مائٽن جي مرضيءَ کي آڏو ڦرڻ نه گهرجي”. ڏسو “اڳ ڦرڻ”.
(۵) آڏو وڏائي- آديا شروع کان وڏن جي ريت، اباڻو دستور، “غريبن جي سار لهڻ هنن جي آڏ وڏائي آهي”.
(۶) آر ڪم ڪرڻ- بيفائدا ڪم ڪرڻ. “ ڇوڪريون داڻا پوئن ۽ ٻيا آر ڪم ڪن، تنهن کان سبڻ ۽ رڌڻ سکن ته اهو چڱو”.
(۷) آرو رکڻ- خوش ڪرڻ، مرضيءَ موجب هلت ڪرڻ، “ٻار جو جئن آر رکبو، تئن کربو”.To humour.
(۸) آسر پوٽاڻيون ڳالهيون- واحيات يا اجايون ڳالهيون. “اهي آسر پوٽاڻيو ڳالهيون ڇڏي؛ ڪا عقل جي ڳالهه ڪر”. (آسر پوٽا، هاڪارا بيعقل).
(۹) آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ يا چوٽي گسڻ- تمام اونچو يا مٿي هئڻ. “ ڪي منارا اهڙا اونچا ٿين ٿا جو اُنهن جي چوٽي آسمان سان پيئي گسي يا ڳالهيون ڪري”.
(۱۰) آسمان سان لاتائينس- گهڻو پڏايائينس.
(۱۱) آسمان يا اُڀ مان تارا لاهڻ- ڪهڙو به ڏکيو ڪم ڪرڻ. “تو لائين جيڪر آسمان مان تارا به لاهي اچي”.
(۱۲) (فقير) آڪاسي ورت تي آهن- روزگار مقرر ٿيل ڪو نه اٿن. جڏهن ڌڻي ڏيارين تڏهن کائين. “ورت” يا “ورتي” معني گزران، روزگار جو وسيلو.
(۱۳) آڪڙ ڪري- سوُر سببان. “ڦرڙيءَ جي آڪڙ ڪري تپ ٿيس”. آڪڙ sympathy
(۱۴) آڪڙ- “آ” معني بلڪل ۽ “ڪڙ” ڦونڊ سنسڪرت- “ڪڍ” معنيٰ ڦوُنڊجڻ. آڪڙ ڪرڻ- هٺ يا بيپرواهي ڏيکارڻ. آڪڙيو وتي- مغروري يا شوخي ٿو ڏيکاري.
(۱۵) آگ لاهڻ- بيدليو يا مٿاڇري طرح ڪم ڪرڻ.
(۱۶) آڳت يا جمع ڪرڻ- بنديءَ ۾ جمع واري پاسي credit side ۾ پئسا داخل ڪرڻ. To credit “اها رقم آڳت ڪري ڇڏ”.
(۱۷) آڳو پيڇوڳڻڻ- ڳڻ ڳوت ڪرڻ، نفع نقصان جاچڻ.To weigh pros and cons.
(۱۸) آلو نور- نڪمو “نوڪر مليو اٿئون آلو نور”.
(۱۹) آما موڙهڻ- گتي هئڻ- “الاجي ڪهڙا آما موڙها اٿس جو هر هر ايڏانهين ڀڳو بيٺو آهي”.
(۲۰) آندي نيندي تي آهن- پوري پنيءَ حالت وارا آهن جڏهين ڪجهه ڪمائي اچن تڏهين خرچ کائين.
(۲۱) آنڊا ڪڍي وجهندو سانءِ- ڏاڍي مار ڏيندو سانءِ ڀيٽيو – جنا خون ڪڍڻ، اوجهه ڪڍڻ، اوجهه پٽي ڪڍڻ.
(۲۲) آنڊا ڪلوُس ڪلوُس ٿا ڪن- بک سببان بت پيو وسامي.
(۲۴) آنڊو - اولاد. “آنڊو ڪتي ٻلي کي به پيارو آهي”.
(۲۵) آنڊي جي ڄر- اولاد جي وڇوڙي سببان مائٽ جي دل کي جو سيڪ اچي يا درد پهچي (ڄر= باهه جي لهس)
(۲۶) آنڊي ۾ ٽانڊو- پنهنجن ۾ ساڙ وير ۷۶۹
(۲۷) آنڙيءَ مان ڪانڙي ڪيائين- خسيس يا ٿوري ڳالهه کي وڌائي اهڙو ڪيائين جو معاملو ٿئي. آنڙي جا اک ۾ نڪري A sty. ڪانڙي= ننڍڙو ڪان يا تير.
(۲۷) آڻڻ ۽ چاڙهڻ- سقيم حال وارو هئڻ.To live From hand to mouth. جڏهن چار پئسا ڪمائجن، تڏهن ديگڙو چلهه تي چاڙهي کائجي. “آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا”.
(۲۸) آهو کڻڻ- آسرو پلڻ. “ هو انهيءَ رقم تان آهو ڪين کڻندو”.
(۲۹) آءٌ ۽ ڪانءُ – آءٌ اڪيلو يا هڪڙو ڄڻو. (ٻيو ڪانءُ پيو ڪان ڪان ڪري). “پليگ سببان پاڙيوارا لڏي ويا. سڄي گهٽيءَ ۾ آءٌ ۽ ڪانءُ، ٻيو ڌڻيءَ جو نانءُ”.
(۳۰) آيو پايو- اڳو پوئين، هميشه لاءِ For good “مون هن کي اهو ڪتاب آيو پايو ڏنو”.
(۳۱) اُبتا ٽوپا ڏيڻ- اڍنگي هلت ڪرڻ. “هن اُبتا ٽوپا ڏيئي رقم ئي پوري ڪئي”. ٽوپو = سيبو.
(۳۲) اُبتو پير کڻڻ- اڍنگي هلت ڪرڻ (مٿين جهڙو)
(۳۳) (پاڻ ۾) اَبدو ابدو آهن-(پاڻ ۾) وڙهيل آهن.
(۳۴) اَبوبحر ۾ پيو - وڏي يا ڊگهي ڳالهه ڪيائين يا بڪ ۾ پيو .ابو بحر معني سمنڊ جي بابي(جيڏي ڳالهه)
(۳۵) اُٻاسيون ڏيڻ- نکمڻو وهڻ، سستيءَ ۾ ڪوقت وڃائڻ. “نوڪري ڇڏي هاڻ گهر ويٺو اُٻاسيون ڏئي”
(۳۶) اُڀ اکيين پيو ڏسجي-ڳالهه پڌري پيئي آهي. “هيءُ هاڻ بيماريءَ مان نه چڙهندو. اُڀ اکيين پيو ڏسجي”.
(۳۷) اُڀ پيو گجي، سو نيٺ ڦاٽندو- بيمار هيڏي بيماري پيو ڏسي، سو ڪين بچندو(مرندو).
(۳۸) اُڀ ڦاڙڻ-ٻٽاڪون يا يٽ (زٽ) هڻڻ.
(۳۹) اُڀ ۾ تراريون هڻڻ- ڦونڊجڻ، ٽانئين يا وڏائي ڪرڻ. “پنجويهن رپين جي نوڪري ملي اٿس، ته وتي اُڀ ۾ تراريون هڻندو، ڀانئين ته ڪا وڏي کيپ کٽي اٿس”.
(۴۰) اُڀ ۾ ڪڪر ٿيڻ-اميد وري ٿيڻ.”مس مس اڀ ۾ ڪڪر ٿيو آهي.ڌڻي شال ڪو مٺو مينهن وسائي!يعني پٽ ڏئي.”ڪڪر” جي اصطلاحي معني ٻاجهه.
(۴۱) اُڀامنديون چٽڻ-ڪم کان نٽائي، گهڙيءَ ڪٿي گهڙي ڪٿي بيهڻ. ڌيان ڏيئي ڪم نه ڪرڻ.
(۴۲) اُڀري وٺڻ-ڪنهن تي ڏوه رکڻ يا اوچتو اچي مٿان پوڻ.(۱) هن کي اُڀري ورتائين ته تو چوري ڪئي آهي.(۲) ڪتي اڀري ٽنگ کان ورتس.
(۴۳) اوتيتو يا اُتوتي-مٿان ڄاول، هڪ ڀاءَ کان پوءِ جو ٻيو ڀاءُ ڄمي. اهي اڪثر پاڻ ۾ نه ٺهن، تنهنڪري “اُتيتا آهن”. معني پاڻ ۾ نٿا ٺهن.
(۴۴) اَٿا مار تي هلڻ-مٿاڇري يا بيپرواهيءَ سان ڪم ڪرڻ. To do things off hand. “هيءُ نوڪر ته رڳو اُٿا مار تي ٿو هلي، ۽ اُڀامنديون پيو چٽي”.
(۴۵) اُٿلي پوڻ- (۱) درياه اٿليو معني ٻوڏ ڪيائين. (۲) ڦٽ اٿليو معني کلي پيو، وهيو. (۳)هوُ اٿلي پيو آهي معني متو آهي.
(۴۶) اَٿو مٿو نه هئڻ-حد نه هئڻ-بيشمار هئڻ. “منڇر ڍنڍ تي ايترا پکي ٿا اچن، جنجو نڪو اٿو نڪو مٿو”.
(۴۷) اِٽ هڻي بيهڻ-اجائي هوڏ ٻڌڻ.”هلڻ لائين زور ڪيائينس، پر اِٽ هڻي بهي رهيو”.
(۴۸) (ٽڪيوُن) اَٽو آٽڻ ٿيون-ڀري پييون، چور ٿيون
(۴۹) (پوليس) اٽو ٻڌي پٺيان پيس-بي اونو يا هڪ چتو ٿي پٺيان پيس.( اٽو ٻڌل هوندو ته ماني جو اونو نه رهندو).
(۵۰) بخت کي اٽيون ٿو هڻي-ڌڪو ٿو ڏئي، “نوڪري مليس ٿي ته نٿو ڪري! بخت کي اٽيون ٿو هڻي”.(اِٽ =گڏهه جي لت، تنهنڪري “اٽون هڻڻ” آهي گڏهپائي( بيعقلي بي قدري، بي شڪري).
(۵۱) اٽي پاءُ هرڪو ٿو کائي- رواجي سمجهه سڀ ڪنهنکي آهي. تون سياڻو آحين ته اٽي پاءُ اسين به ٿا کائون (رواجي سمجهه اٿئون)، تنهنجون اٽڪلون سمجهون ٿا.
(۵۲) اٽي جو ڏئو-ڊڄڻو. ٻهراڙيءَ جو واڻيو اٽي جو ڏئو، سو پوليس کي ڪئَن سامهون ٿيو هوندو؟ “ اٽي جو ڏئو، گهر ۾ کائينس ڪئا، ٻاهر کائينس ڪانءِ” (پهاڪو) ڀيٽيو- رڍ جهڙو مڙس، رليءَ جهڙو مڙس، چونڪي جو ڦوسڻو= ڊڄڻو (اکري معني رنڌڻي جو ٻلو)
(۵۳) اُٽي ڪرڻ- ياراڻي ڇنڻ-
(۵۴) اٽي ۾ لوڻ- بلڪل ٿورو انداز يا عدد، جنهنجي لک يا ڄاڻ نه پوي (۱) “رقمون اٽي ۾ لوڻ ڪري کاڌائين”. (۲) ميلي تي ماڻهو آيا اٽي ۾ لوڻ يعني ٿورا.
(۵۵) اُٺ تي بلا کاڌس-نه ٿيڻ جهڙي ڳالهه ساڻس ٿي، کٽي کينس “ ڏس جو اُٺ تي ٿي بلا کائيس جو هلندي گاڏي ۾ ٿي چڙهيو ته اونڌو ڪريو” اشارو- “اُٺ چڙهئي به ڪڏهن نانگ کائي”؟ پهاڪو.
(۵۶) اَٺڙيو- تريناڪ يا اٽڪلي (اٺڙيو= اٺين معني ڄاول)
(۵۷) اَٺڪاٺيو ڪم- تمام ڏکيو ڪم، جو گهڻي محنت پڇي Herculean task ڊڪشنري ٺاهڻ اٺڪاٺيو ڪم آهي.
(۵۸) اُڦٽ ماري وجهڻ- (۱) ڏاڍي مار ڏيڻ (۲) صفا ماري ڪهي ڇڏڻ To kill outright (اُڦٽ= اُتي جو اُتي)
(۵۹) اڄ اچي ته سڀان ٻيو ڏينهن ٿئي-هن جي اچڻ لاءِ آتو آهيان.
(۶۰) اڄ سڀان - اڄوڪي ڏينهن يا سڀاڻي، ڏينهن ٻن ۾، جلد.
(۶۱) اڄ سڀان ڪرڻ-ڍل يا دير وجهڻ To procrastinate
(۶۲) اڄ ڪلهه - هاڻي، هن زماني ۾ Now a days “اڄ ڪلهه ڪنهن سانڀ ڳالهائڻ ڪونهي”.
(۶۳) اِجها ڪي ڪجها- هنئر يا ٿورو پوئين. سگهوئي
(۶۴) اُچائي کنيو اٿس- ستايو يا آزاريو اٿس.
(۶۵) اڇ - اصل معني اڇاڻ پوءِ معنيٰ ]۱[ پاڻيءَ جي لس، درياهه .[۲۱] سڃ. “هتي اڇ لڳي پيئي آهي” (۳) لسي.
(۶۶) اُڇ ڪرائين- لسي يا جهڻ پيار. (ٻهراڙيءَ جو رواج).
(۶۷) اڇا- اڇا وار. “اڇا اچي کريا آهن”.
(۶۸) اڇا ڪڍڻ – مٿي ۾ اڇا وار ڄمڻ، پوڙهو ٿيڻ.
(۶۹) اڇا به تانهري اٿيئي- نه ڪئي به ناموس ٿي پويئي. ]تنهنجا اڇا چانور (بنا کنڊ) به تانهري ليکجن ٿا[
(۷۰) اڇا ڪارا پڌرا ٿيڻ- سچي ڳالهه ظاهر ٿيڻ.
(۷۱) اُڇل - (ا) ٽپو. مثلاً من اُڇل = دل جي اُڇل.An impulse of the mind. (۲) ٻانهن جي لوڏ. “هن مڙس جي اُڇل ته ڏسو”. (۳) هٺ. وڏائي. “ٻاهر اُڇلون اهڙيون ٿو ڏئي جوگهر ۾ ڄڻ ته لک کيا اٿس”.
(۷۲) اڇن ڏي ڏس- اڇن وارن (پيريءَ) کي مان ڏي.”منهنجن اڇن ڏي ڏسي، اهو ڪم ڪري ڏي”.
(۷۳) اڇو ڏجي اڇو وٺجي- (۱) وهنوار يا ڀائيواري ۾ ٺڳي نه ڪجي. (۲) چڱي شيءِ ڏجي، چڱا پئسا وٺجن.
(۷۴) اڇي تي ڪارو لکجي ويو- داخلا ٿي ويئي. ڪا داخلا ڪو ڪوڙي سمجهي ته چون “ائين اڇي تي ڪارو ڪير لکندو؟ يعني ائين ڪوڙيون داخلائون ڪير ڪندو؟
(۷۵) اَڇي ڪڇي ڇٽي آيو- بنا ڏوهه ثابت ٿيڻ جي ڇٽي آيو.
(۷۶) اڌ ڳالهايو ڪم ڪيائين- ٿوري چوڻ سان ڪم ڪيائين.
(۷۷) اڌهيون ڪيائون – (ڀائر پاڻ ۾) وڙهي، ڌار ٿيا.
(۷۸) اڏ تي بيهي رهڻ- ٿوري خرچ يا ڪم ۾ منجهي بيهڻ. “يا ته تري درياهه يا ته اڏ تي بيهي رهي”. (پهاڪو)
(۷۹) اڍائي - سڀ. سنڌ ۾ هڪ گهر مسلمان جو، هڪ هندوءَ جو ۽ اڌ گهر ٻاليشاهيءَ جو ليکين، تنهن ڪري “اڍائي” معني سڀ. “گهر ۾ ماءُ ڌيءَ اڍائي ڄڻيون”. يعني ڪل آڪهه ايتري. ننڍي آڪهه لاءِ ائين چون.
(۸۰) اڍائي گهرن جو زيانخور - جهيڙا لڳائيندڙ (جو سڀني گهرن کي نقصان پهچائي). “ ڇيڻا ڀور ٻه گهر ٻاروُ”.
(۸۱) اَڍ ڇڪڻ - مائٽاڻي عادت يا ڪا بيماري ورثي ۾ ملڻ To inherit a trait of character. “ ماءُ کي سلهه هوندي ته اولاد به اڍ ڇڪيندو. ساڳي بيماري ٿينديس.
(۸۲) (مائٽن جي) اَڍ ڪڍ تي هلجي- (مائٽن جي) حال يا پڄنديءَ سارو خرچ ڪجي؛ يا جئن پاڻ نيتائتو هلندا هجن، تئن هلجي. (اَڍ=بڻ، بنياد. ڪڍ=ڇڪ).
(۸۳) اربع خطا – ڳرو يا وڏو ڏوهه. “تنهنجي چوڪ تو کي ٻڌايم، ته انهيءَ ۾ ڪهڙي اربع خطا ڪيم”؟
(۸۴) اُس ۾ اَڇا ڪين ڪڍيا اٿم- آزمودو اٿم. (ماڻهو جئن پوڙهو ٿئي تئن آزمودو پرائي) ۴۷.
(۸۵) (پڙهي) اڪ ڪارا ڪيائين، ڪين (پڙهيائين). اڪ ڪري “نه” يا “ڪين” جي معني نڪري ٿي.
(۸۶) اک - اصطلاحي معنيٰ نظر، ڌيان، نظرداري يا سنڀال مثلاً (۱) اک ۾ رکڻ معنيٰ نظر يا ڌيان ۾ رکڻ. To have in view(۲) ٻار اک کان ٻاهر نه ڪڍجي يعني نظرداريءَ يا سنڀال کان ٻاهر نه ڪڍجي.
(۸۷) اک ڇنڀ ۾ - جهٽ پٽ In the twinkling of an eye.
(۸۸) اک ڏيکارڻ – تاب دڙڪو ڪرڻ، ڇينڀڻ.
(۸۹) اک ڊيگهه يا اک ٽيٽ ڪرڻ – اڻ لکو نهارڻ.
(۹۰) اک ڪڍڻ - (۱) اُڀرڻ، جئن سج اک ڪڍي. (۲) مکڙي ڄمڻ (ٻوٽي اک ڪڍي). (۳) اک ڪڍڻ سولي پر وجهڻ اولي ]پهاڪو[ يعني ڪنهن کي نقصان پهچڻ سهنجو، پر فائدو پهچائڻ ڏکيو.
(۹۱) اک لائڻ يا لڳائڻ- ننڊ ڪرڻ. اک نه لڳي = ننڊ نه آئي.
(۹۲) اک نه اُٿندءِ - ٿوري به بيماري يا تڪليف نه ڏسندين!
(۹۳) اک نه ٻڏڻ- نه ليکڻ، ڌيان ۾ نه آڻڻ، پرواهه نه ڪرڻ. هن پهلوان جي ٻن ٽن مڙسن ۾ اک به نٿي ٻڏي”.
(۹۴) اک نه ڏسي مڇ کي- هوش جائين نه هئڻ ]نشي سببان[ “ايترو شراب پيتائين، جو اک نه ڏسي مڇ کي”. اشارو- پنهنجون مڇون پنهنجن اکين سان تڏهن ڏسي سگهبيون جڏهن هوش جاءِ هوندو، نه ته نه.
(۹۵) اکين اڳيان انڌيون آيس- حيران ٿيو، مونجهاري ۾ پيو. “پٽ گم ٿي ويس ته اکين اڳيان انڌيون آيس”.
(۹۶) اکين اڳيان ڦرڻ- سمجهڻ يا ياد پوڻ. ڪو ماڻهو مري يا ڪا شيءِ وڃي ته چئبو “ اکين اڳيان پيو ]پيئي[ ڦري يعني ائين پيو سمجهان ته اکين اڳيان اٿم.
(۹۷) اکين تي پردا چڙهيا اٿس- ڏسو “انڌو ٿيو آهي”.
(۹۸) اکين تي رکڻ- خوشيءَ سان قبولڻ. هن کي جيڪي پٽ ساهرو ملي، سو وٺي اکين تي رکي”.
(۹۹) اکين تي هلڪو آهينم- تنهنجي ڪري ڪا به تڪليف نه ٿيندي. ]ڪنهن کي کارائڻ يا ٽڪائڻ لائين خوشي يا راضپي ظاهري ڪرڻ مهل ائين چون[.
(۱۰۰) اکين جو آسا بند- اکين جو آسرو؛ پيارو پٽ، جنهن بنا جيڪر اکين اڳيان انڌيون اچن.
(۱۰۱) اکين جو ڍءُ- ٿورو آٿت يا آسرو ]پي جنهنڪري رڳو دل خوش ٿئي، پر پيٽ نه ڀرجي [.(۱) “سيڻڪو پئسو اکين جو ڍءُ آهي؛ آيو کاڌو”. (۲) “ گود ۾ پٽ وٺبو، ته رڳو اکين جو ڍءُ ٿيندو”
(۱۰۲) اکين سان! گهڻي خوشيءَ سان ڀيٽيو-چشمن سان، مٺي نور سان، دل جان سان.
(۱۰۳) اکين کان وڏو-انڌو]مانائتو ڳالهاءِ [.
(۱۰۴) اکين ۾ ٿيڻ- نظر يا ڌيان ۾ هئڻ، تڪڻ. “مون وٽ جيڪا شيءِ ڏسي، سا اکين ۾ ٿيئَس”.
(۱۰۵) اکين ۾ ديد ڪونهيس-ساڃهه ڪانهيس، بي حيا آهي،
(۱۰۶) اکين ۾ سرمو پائي وڃڻ- ڪا به شيءِ اهڙي طرح تڳائي کڻي وڃڻ، جو ڪنهن کي پتو نه پوي.
(۱۰۷) اکيون آهوُءَ جهڙيون، نڪ آمي جي ڦار-هرڻ جهڙيون اکيون ]وڏيون ۽ ڊوَلائتو [. سهڻي شڪل واري لاءِ چئبو.
(۱۰۸) ]منهنجون[ اکيون ٿڌيون- آءٌ راضي آهيان؛ رنج نه ٿيندس.”اها شيءِ توکي ملي ته به منهنجون اکيون ٿڌيون”.
(۱۰۹) اکيون پائي وهڻ-ڪنهنجي اوسيڙي يا انتظار ۾ وهڻ.”آءٌ اکيون پائي ويٺس، ته اجهو ٿو اچين”.
(۱۱۰) اکيون پٽ يا جاءِ ڪر-سنڀال، خبردار ٿيءُ.
(۱۱۱) اکيون پوري ڪم ڪرڻ-بنا ويچار يا ڳڻتيءَ جي ڪم ڪرڻ “اها مائٽي اکيون پوري ڪريو”.
(۱۱۲) اکيون چرخ ٿيڻ-حيرت ياعجب ۾ پوڻ.
(۱۱۳) اکيون ڏرا ڏيئي آيون اٿس- هيڻو ٿيو آهي.
(۱۱۴) اکيون رت ڇڏڻ-گهڻي ڪاوڙ لڳڻ،جوش ۾ ڀرجڻ. “هن پليت کي ٿو ڏسان ته اکيون ٿيون رت ڇڏين”.
(۱۱۵) اکيون ڪاپار ۾ اٿس-هٺيلو يا بي خيال آهي.
(۱۱۶) اکيون ڪڍي ٿو نهاري-شوُڪي ٿو.
(۱۱۷) اکيون وٺي ويٺو-انڌو ٿي پيو.
(۱۱۸) اکيون هيٺ ڪيائين-لڄ آيس،شرمندو ٿيو.
(۱۱۹) اکيون هيٺ ڪري هل-ڌيان يا ويچار سان هل.
(۱۲۰) (رقم) اکو ڦلو ڪيائين-وڃائي پوري ڪيائين.
(۱۲۱) اگر نگر چٽ-سڀ ملڪيت ناس، پئسا خلاص. (“اگر” جنهن ۾ دڪاندار وڪري جا پئسا رکن.) ڀيٽيو ۱۲۲
(۱۲۲) الو تلو چٽ.
(۱۲۳) جهڳوئي چؤر.
(۱۲۴) ڀنگوئي ڀينگ.ڀنگو يا ڀونگو = جهڳو، گهر.
(۱۲۵) اڳ ڦرڻ-رنڊڪ يا اٽڪ وجهڻ.” سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ تون ٿو مون کي اڳ ڦرين”. (آڏو اچين).
(۱۲۶) اڳرائي ڪرڻ-معاملي لاءِ پهريائين سبب ڏيڻ. “اڳ اڳرائي جو ڪري خطا سو کائي”. (شاهه).
(۱۲۷) اُگهاڙو-ننگو، بيشرم. اُگهاڙا لفظ= گندا لفظ.
(۱۲۸) اگهامڻ يا اگهه پوڻ – قدر يا ملهه ٿيڻ، مائٽي ٿيڻ. “هڪڙو ڪاڻو ڪٿي نٿي اگهاڻو؛ نيٺ اگهه پيس”.
(۱۲۹) اَگهه مدا پائڻ- بيحياءُ ٿي سوال پڇڻ (دلالن وانگر ٻول ڪرڻ). مثلاً مائٽي ڪندي ڪو پڇي ته ڪيترا پئسا ڏيندا؟ ته اهي آهن اگهه مدا.
(۱۳۰) اُگهي آگهاري ڪڍڻ - سڃو ڪري ڪڍڻ.
(۱۳۱) الوليون ماڻڻ – موجون ڪرڻ. “جتي پوليس ننڊ ۾ آهي، تتي چور وتن الوليون ماڻيندا”.
(۱۳۲) اِلهو ٻلهو ڪرڻ- جهڙو تهڙو يا مٿاڇري طرح ڪم ڪرڻ. “نوڪر اچي ته الهو ٻلهو ڪري، سويل ئي هليو وڃي”.
(۱۳۳) امرت ويلو - پرهه ڦٽي، ڀيڄ ڀني، پويون صبح.
(۱۳۴) اُميد واري آهي - پيٽ سان آهي.
(۱۳۵) ان جل- قسمت. ڀيٽيو-داڻو پاڻي.
(۱۳۶) اندر سڙندي کي اڳڙيون ٿو وجهي- دل جي درد لڪائڻ لاءِ ٻاهران سرهائي ٿو ڏيکاري.
(۱۳۷) اندر ڪارو آهي- بڇڙي نيت وارو آهي. ڀيٽيو- اندر ۾ ڇريون اٿس.” اندر ڪاري کان منهن ڪارو چڱو”
(۱۳۸) انڌو ٿيو آهي- ساڃهه ويئي اٿس. اصطلاح ۹۷.
(۱۳۹) انڌي ڪفايت- بيهودي يا ڪوڙي ڪفايت.
(۱۴۰) انگ اَڙيو- مائٽي ٿي.” انگ اڙيو ڇوڪر کريو”.
(۱۴۱) انگ ڀيٽ ته کپي-ڪپڙو ۽ کاڌو ته ضرور گهرجي.
(۱۴۲) انگوُر-سلو، اصطلاحي معني نتيجو.
(۱۴۳) اڻ رٿيون ٿو رٿي- ڪوڙي تهمت ٿو رکي. ڀيٽيو- “جا ڄائي نه هوندي، سا مرندي ڪٿان”؟
(۱۴۴) اڻ گهڙيو ڪاٺ آهي- بلڪل بي آزمودگار يا مورک آهي.(ڪنهن گهڙي ٺاهي سوڌو نه ڪيو اٿس)
(۱۴۵) اوٽي به پاڻ ته موکي به پاڻ- سوال به پاڻ ٿو پڇي ته جواب به پاڻ ٿو ڏئي.
(۱۴۶) اوجهه ڏيڻ- مرڻ. “ڦاڙهو جاتي کائي تاتي اوجهه ڏئي”
(۱۴۷) اوڏو وڃڻ - ويجهو وڃڻ، ڪم آڻڻ. “شراب کي ڪڏهين اوڏو نه وڃجي”.
(۱۴۸) اوهيرا ڪري ٿو وسي- واءَ جي زور تي مينهن اُڇل سان ٿو پوي. اوهيرو Driving: rain
(۱۴۹) اُها ماس اُهو پياس- بلڪل ساڳيو. “هيءُ به اهو ڪپڙو آهي، جو تو ورتو هو. اها ماس اهو پياس”. (ماڻس پڻس يعني جوڙيندڙ ساڳيو اٿس).
(۱۵۰) اهڙي جٺ ڪيائينس جهڙي ٻرڙي ڪئي ٻارن سان يعني ڏاڍي جٺ ڪيائينس. اشارو – ڪي هاري ناري پنهنجا ٻار ڪنهن ٻرڙي جي حوالي ڪري، پاڻ ٻنيءَ ڏي ويا. ٻارن هلاک ڪيس ته ٻرڙي اها جٺ ڪين جوگنديءَ ۾ کڻي بند ڪيائين.۷۸۴
(۱۵۱) اهڙي مار کاڌائين جهڙي اُٺ پتڻ تي کائي يعني ڏاڍي مار کاڌائين.(اٺ پٽڻ تي مار سان چڙهي).
(۱۵۲) ائين ڀڳو جيئن کاري هيٺان ڪانءُ- تڪڙو ڀڳو.
(۱۵۳) ايندو- آمدني، پيداش. ضد-ويندو= خرچ ۴۶۹.
(۱۵۴) بادشاهه گردي- ظلم، ڦرلٽ.” منهنجا پئسا نه ڏيندو سو ڪا بادشاهه گردي آهي ڪئَن “؟
(۱۵۵) بازار-جتان ٻور ٻاري ملي. (اَبا = ٻور+ زار= جاءِ) اصطلاحي معني ڌنڌو يا واپار، جنسن جا اگهه.
(۱۵۶) بازار آڪري يا تيز آهي- اگهه وڌيل آهن.
(۱۵۷) بازار ڪريل يا گهٽ آهي - اگهه لٿل آهن.
(۱۵۸) واپار جي بازار گرم آهي- واپار چڱو ٿو هلي.
(۱۵۹) بازار ماٺي يا موڳي آهي- واپار گهڻو نٿو هلي.
(۱۶۰) باز اچڻ- (ڪنهن ڳالهه تان) مڙڻ.
(۱۶۱) ڪهڙي باغ جي موري آهين؟ تون شيءِ ڪهڙي آهين؟ يعني ليکي نڪي چوکي آهين.
(۱۶۲) بان ڀريائين- توبهه ڪيائين.
(۱۶۳) ھرجانو ڀريائين.
(۱۶۴) گيسي ڪيائين.
(۱۶۵) باهه ٿي ويو- باهه جو روپ (ڳاڙهو) ٿي ويو، گهڻو ڪاوڙيو.
(۱۶۶) باهه ڏيانس- مون کي نه گهرجي] ڌڪار جو ڳالهاءُ[. ڀيٽيو – ۱۶۷ تا ۱۷۴
(۱۶۷) بٺ پوي. ]چلهي ۾ پوي [
(۱۶۸) ٻن پوي] بن ۾ پوي [.
(۱۶۹) کڏ پوي.
(۱۷۰) کہ پوي] کوهه ۾ پوي [
(۱۷۱) مچ ۾ هڻانس.
(۱۷۲) جهنم ۾ پوي ] جهنم= دوزخ [
(۱۷۳) اوڙاهه جي تري ۾ پوي.
(۱۷۴) خير ٿو گهرجي ] مانائتو ڳالهاءُ [
(۱۷۵) باهه لڳڻ- ڪاوڙ لڳڻ. توکي به ٿوري ڳالهه تان باهه لڳي، (۲) مهانگو ٿيڻ. “ سڀ شيءِ کي باهه لڳي ويئي آهي؛ يا سڀڪا شي ٻري ويئي آهي”.
(۱۷۶) بتانو ڪڍي وٺڻ - ڳجهي ڳالهه ڪڍي ظاهر ڪرڻ. “توکان ڳالهيون لڪائي ٿو، پر آءٌ جيڪر بتانو به ڪڍي وٺانس” ]بتانو يعني ڪپڙي ٽڪر، جو پڳڙي جي اندران هن لاءِ وجهن ته پڳڙي ڪجهه وڏي ڏسڻ ۾ اچي يا ڀت ۽ پاسا کڙا ٿي بيهن [ . ۳۲۷.
(۱۷۷) بت بنجي ويٺو آهي- ماٺ ڪري ويٺو آهي. ڪم نٿو ڪري. ] مٽي جي ماڻهوءَ وانگر چري پري نٿو [
(۱۷۸) بٽئي ڪرڻ حصو يا پتي کڻڻ ] فصل مان [. “پراون لڏن مان ٻه لڏون هن بٽئي ڪيا”.
(۱۷۹) بربلا ٽڪا- حرام جا پئسا، ill-golten money “مون وٽ بربلا ٽڪا ڪينهن جو آءٌ اهڙا خرچ ڪريان”. “پراڻي ڳوٿري بربلا ٽڪا”.]پهاڪو [ .
(۱۸۰) برميچڻ- برابري ڪرڻ. ڀيٽيو- “ڪلهو هڻڻ”. قابليت ۾ هن سان ڪو به بريمچي نه سگهندو”.
(۱۸۱) برهما پيو نچي- سڃ لڳي پيئي آهي. ڀيٽيو-
(۱۸۲) هتي ڪڪڙ پيا دس هڻن.
(۱۸۳) ڪنگ پيا رڙن. ”]يعني سڃ لڳي پيئي آهي[.
(۱۸۴) ڀيٽيو- “بازار مصطفي جي خريدار خدا!“
(۱۸۵) بريز بريز لائڻ- اجائي گهڻي تڪڙ ڪرڻ. ]ڄڻ ته ڪا مصيبت پيئي اٿس [. اچين ته بريز بريز لايو ڏين”.
(۱۸۶) بزدل- (ٻڪريءَ جي دل جهڙو) ڊڄڻو، گيدي.
(۱۸۷) بز نه بز جي بها- “مون کان ڪتاب ورتائين پوئين نه بز .....بها”. نه ڪتاب نه اُن جا پئسا ڏنائين. الي ويو.
(۱۸۸) بستري داخل ٿيڻ- بيمار پوڻ “کٽ وٺي پوڻ”. “هو مهني کن کان بستري داخل آهي”.
(۱۸۹) بسڙ ۾ پير هنيائين- سڌي جواب ڏيڻ کان نٽايائين. ]بسڙ يعني جهجهي ڌڌڙ، جنهن ۾ پير اندر هليو وڃي[.
(۱۹۰) بصر ڇلڻ- عيب يا ويڪون ڪڍڻ. (ٻين مان)
(۱۹۱) بک ۾ پاهه ٿيڻ - بک سببان ڳرڻ يا ضعيف ٿيڻ. “ڏڪار ۾ ٿري ماڻهو بک ۾ پيا پاهه ٿين”.
(۱۹۲) بگلو ڀڳت- ٻاهران ساڌو، پر اندر اَٺوري.
(۱۹۳) ازرق فقير ۲۱۱. Hypocrite
(۱۹۴) بل پيو کائي – ڦٿڪي يا لڇي پيو ]سور سببان[.
(۱۹۵) بوتو بنائڻ- ڪوڙي ڳالهه ٺاهڻ، يٽ (زٽ) هڻڻ.
(۱۹۶) بود آيو- سامت ۾ آيو، چڱو ڀلو ٿيو” (بيماريءَ مان)
(۱۹۷) بود ڀريو آهي- خوشيءَ ۾ آيو آهي-
(۱۹۸) بهار بهار ٿيڻ- ٽڙڻ، گهڻو خوش ٿيڻ. “چمن جو چهچٽو ڏسي دل بهار بهار ٿئي ٿي”. ڏسو؛ ۱۹۹
(۱۹۹) باغ باغ ٿيڻ. “ تنهنجي ڏٺي منهنجي دل باغ باغ ٿي آهي”.
(۲۰۰) بيٺ ٻڌڻ- ڪنهن ڪم لائين اُدم يا ڪشالو ڪرڻ.
(۲۰۱) ڪمر ڪشڻ (۲۰۲) سندرو ٻڌڻ.
(۲۰۳) بيٺل ماڻهو - مرتبي يا عهدي وارو، وڏو ماڻهو. ]پينشن وارو “ويٺل” سڏجي ٿو[. “بيٺل ته لک جو، ڪريو ته ڪک جو”. ]پهاڪو[
(۲۰۴) بيٺي ٻني- بيٺلائي” “بيٺي ٻنيءَ مان ٻه نياڻيون اُڪلايائين ۽ جائين به جوڙيائين”. ]نوڪريءَ يا عهدي ۾ هئڻ جي ڀيٽ فصل تيار ٿيل ٻنيءَ سان[.
(۲۰۵) بيٺي پير ٿو اچان- بنا دير يا اجهو ٿو اچان.
(۲۰۶) بينو چاڙهڻ- پيشانيءَ ۾ گهنڊ وجهڻ (ڪاوڙ يا روسامي سببان). To knit the browڀيٽيو؛ ۲۰۷ ۽ ۲۰۸
(۲۰۷) سونڊ پائڻ.
(۲۰۸) سڄي مڄي وهڻ.
(۲۰۹) بيءَ ۾ رکڻ يا رهڻ- ڪا ڳالهه فيصل ڪرڻ ڌاران حال ڇڏي ڏيڻ. Hold in abeyance.
(۲۱۰) ٻاٿون کائڻ- ساهه گهٽي زور ڏيڻ ۽ پوءِ معني ]اجائي[ ڪوشش ڪرڻ. “نوڪريءَ لاءِ وتي ٻاٿون کائيندو يعني تڪليفون ڪندو (رلڻ ساب نٿو پويس)”
(۲۱۱) ٻارڻ چاڙهڻ- (پنهنجي)ڪمائي ڪرڻ. اکري معني پنهنجي باهه ٻاري پنهنجو ديگڙو چاڙهڻ. “مائٽن تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي ٻار چاڙهه”.
(۲۱۲)
(۲۱۳) ٻانڊ وجهڻ - اجايو وڃائڻ. “ هيتريون مانيون ٻانڊ وجهندس ڇا؟ ٿوريون ڏيو”. ]ٻانڊ= ندي، درياه[
(۲۱۴) ٻاڦ نه ڪڍج- ڳالهه ظاهر نه ڪج.
(۲۱۵) ٻارڻ ٻارڻ- معاملو پيدا ڪرڻ. هن چغلي هڻي ٻارڻ ٻاريو.
(۲۱۶) ٻاڙو نه ٻولجي - کهرو يا اڻ وڻندڙ نه ڳالهائجي.
(۲۱۷) ٻانڊ ٿو ٻهاري- ڇتو يا چريو ٿيو آهي. ]ٻانڊ= پورو بنڊ[ ڀيٽيو- ۲۱۸
(۲۱۸) ڪک ڪپڙيون ٿو ميڙي.
(۲۱۹) ڪل ٿرڪي اٿس.
(۲۲۰) ٻانهن لڳڻ- دم هڻڻ، وڏائي ڏيکارڻ. “هن جي ته رڳو سڃ جي ٻانهن پيئي لڳي”. يعني اجايو هٺ ڪري ٿو.
(۲۲۱) ٻانهن ٻيلي- همراهه يا مددگار
(۲۲۲) ٻانهون ڊگهيون اٿو - وڏيءَ پڄنديءَ وارا آهيو.
(۲۲۳) ٻاڻ لڳڻ - سوڀارو ٿيڻ، مراد پوري ٿيڻ “نوڪريءَ لائين ڪوشش ڪيائين، پر ٻاڻ ڪو نه لڳس”.
(۴۲۴) ٻاهتريو آهي يا ٻاهتر ۾ آيو آهي- عقل کٿو اٿس.
(۲۲۵) ٻاهريون ٻنو رکڻ- ٻاهريون مان يا ڊول (نمونو) رکڻ. (۱) پئسو ڪونهيس ته به ٻاهريون ٻنو رکي پيو هلي. (۲) پاڻ ۾ ٺهيل ڪينهن ته به ٻاهريون ٻنون رکن پيا. يعني ٻاهريون نمونو اهڙو اٿن، ڄڻ ته پاڻ ۾ ٺهيل آهن.
(۲۲۶) ٻائي نڪا ٻٽي اٿس- ڇڙو ڇانڊ آهي.
(۲۲۷) سڀني سان ٻٻر پوکيا اٿس- سڀني سان اڍنگو هليو آهي.
(۲۲۸) ٻٻرن کان ٿو ٻير گهري- نامراد ۾ ٿو اُميد رکي ۸۵.
(۲۲۹) ٻٻيون منجهڻ- مونجهاري ۾ پوڻ. To be at sixes and sevens.
(۲۳۰) ٻٽ ٻڌڻ- اکين کان سوائين ٻيو سڄو منهن ۽ مٿو ڍڪڻ. “ٻٽ ٻڌي هوائين، تنهن ڪري سڃاڻڻ ۾ نٿي آيو”.
(۲۳۱) ٻٽڻ متي اٿس- ٻنهي طرفن کان فائدو ٿيو اٿس.
(۲۳۲) ٻٽي ٻڪري به در تي ڪانهيس- کٽل آهي.
(۲۳۳) ٻپهرو ڪرڻ- منجهند جو وقت گذارڻ.
(۲۳۴) ٻڏل رقم تاري آيو- نه ملڻ واري رقم وصول ڪيائين.
(۲۳۵) ٻڏڻ ويو آهي نڪري لڏڻ آيو آهي ياد- شرم نٿو اچيس، پاڻ مرڪي.
(۲۳۶) ٻڏي وڃڻ (شرم ۾)- شرمندو ٿيڻ.
(۲۳۷) ٻرنديءَ کان پاسو ڪجي- پليگ يا ٻي ڪنهن آفت کان ڀڄي پاسو ڪجي. (ٻرندي = باهه) ۱۷۴
(۲۳۸) ٻري اچڻ - ڪا مصيبت يا الزام اچڻ. “سرڪاري پئسا کاڌائين ته هاڻ ٻري آئي اٿس”.
(۲۳۹) ٻري وڃڻ- تمام مهانگو ٿيڻ. ڏسو اصطلاح ۱۷۵.
(۲۴۰) ٻڙي ڏيڻ- وارڻ، رد ڪرڻ. “رقم کي ٻڙي ڏيئي ڇڏ”.
(۲۴۱) ٻڪر ٻوُساٽ- زبردستي، جنهن ڪري ڪڇڻ نه ملي. “ڌاڙيل ٻڪر ٻوُساٽ ڪري. سڀ مال ڦري ويس”.
(۲۴۲) تنهنجي ٻڪري کاڌيم- تنهنجو ڏوهي آهيان. ڪاوڙيل کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ چون ته “تنهنجي ٻڪري کاڌيم (خطا ڪيم)، هاڻ معاف ڪر”.
(۲۴۳) ٻه گهر ٻارڻ- ٻن ڌرين جي وچ ۾ جهيڙو ڪرائڻ.
(۲۴۴) ٻن باهين ۾ آهيان- هڪ ڌر جي مرضي ٿو رکان ته ٻي ڌر رنج ٿي ٿئي. ۴۰۸.
(۲۴۵) ٻن ٻيڙين ۾ آهيان- ٻن خيالن ۾ آهيان. (مٿين جهڙو)
(۲۴۶) ٻنڀو پٽيس- پٽ ڄائس.
(۲۴۷) ٻنڀو پوريس- جيڪو اولاد هوس سو مري ويس (هاڻ اُهو ڪونهي، جو سندس جاءِ جو ٻنڀو پٽي وهي).
(۲۴۸) ٻنجو ڏيڻ- بند ڪرڻ، روڪڻ (خرابيءَ وغيره کي).
(۲۴۹) ٻنڌ ڀڄڻ. عام جام يا هر گهڙيءَ اچڻ- “فقيرن جي ٻنڌ ڀڄي پيئي آهي؛ هڪڙي کي بکيا ڏي ته ٻيو بيٺو ئي آهي”. (ٻنڌ=بند، پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ).
(۲۵۰) ٻن سين ۾ سج- منجهند جي مهل، ڌرتتي، مڌيان.
(۲۵۱) ٻنو ڀڄي ٻاري پيس- چڱو فائدو ٿيس، ڀاڳ وريس.
(۲۵۲) ٻوٽو ٻارڻ- مڙسي يا همت ڪرڻ. “سوجهرو ڪرڻ”.
(۲۵۳) ٻول ۾ ٻڌل آهيان- قول ۾ قابو آهيان، انجام ڪيل اٿم.
(۲۵۴) ٻئي اکيون برابر ڪرڻ- سڀني کي هڪ جهڙو سمجهڻ.
(۲۵۵) ٻئي جهان ويس- ڪو به فائدو نه ٿيس.
(۲۵۶) ٻيجاري ڏٺائين- انجام نه پاڙڻ ڪري تڪليف وڌائين.
(۲۵۷) ٻيڙا ٻني لڳس- مراد پوري ٿيس، ڪم راس ٿيس.
(۲۵۸) ٻيڙي ٻوڙڻ- ڪنهن کي وڏو نقصان يا خرابي پهچائڻ
(۲۵۹) ٻيڙيءَ چاڙهي ڦرهو لاٿائين – ٻيجاري ڏٺائين، دلاسو ڏيئي ڦري ويو (ٻيجاري= دغا).
(۲۶۰) ٻيگهي مچڻ – چڱو وجهه ملڻ. “ ماستر ٿو ڪلاس ڇڏي ته ڇوڪرن جي ٻيگهي ٿي مچي”.
(۲۶۱) ڀاڄيءَ واٽ - شيءِ شڪل ڏيڻ وٺڻ جو رستو. “ههڙن ماڻهن سان ڀاڄيءَ واٽ رکڻ ئي نه گهرجي”.
(۲۶۲) ڀاڳ ڀريو- سڀاڳو، سدورو، چڱي سڀاءِوارو.
(۲۶۳) ڀاڱي ڀائي - حصيدار، پتيار، ڀائيوار.
(۲۶۴) ڀال ڀلائڻ - (۱) نيڪي ڪرڻ. (۲) پرچاڻي ڪرڻ.
(۲۶۵) ڀان ڀان ڪرڻ. سکڻو يا سڃو هئڻ، پورو آواز ڪرڻ. (۱) ماڻهو لڏي ويا ته سڄو پاڙو پيو ڀان ڀان ڪري. (۲) ضعف سببان مغز پيو ڀان ڀان يا ڌان ڌان ڪري.
(۲۶۶) ڀانوا ڏور لڳو اٿس- ڀنڻ پيو اٿس، سک ڦٽو اٿس.
(۲۶۷) ڀاڻي ۾ ڀنو رهڻ- ڌڻيءَ جي رضا تي راضي رهڻ.
(۲۶۸) ڀانءِ پوڻ - طبيعت کي وڻڻ. ڀيٽيو؛ ۸۷۱
(۲۶۹) ڀت جو ٽنڊڻ آهي- غريب سڀاءَ جو آهي.
(۲۷۰) ڀترين لڳڻ - گهڻا ٿيڻ، سستو ٿيڻ. “انب هيل ڀترين لڳا آهن”. ايترا گهڻا جو ڀترن سان ملي سگهن ٿا يا ڀترن وانگر جام آهن.
(۲۷۱) ڀت سان منهن لڳس - پشيمان يا شرمندو ٿيو.
(۲۷۲) ڀت گهاٽو ٿيڻ - وڌيڪ فائدو ٿيڻ. “ پمنهنجو حصو به تون کڻ؛ ڀلي ته تنهنجو ڀت گهاٽو ٿئي”.
(۲۷۳) ڀت ۾ ڪٻر وڌائين - ٺهيو ٺڪيو ڪم کاريائين: اجايو رڳڙو ڪيائين. ڀيٽيو- (۲۷۴) کوهه ۾ کودو وڌائين.
(۲۷۵) ڀتو ڀاڻ- سڙيل يا پراڻي شيءِ. ڀيٽيو؛ ۲۷۶
(۲۷۶) سڙيو ساڙ.
(۲۷۷) ڀتيءَ ڀر تي آهي - مرڻ کي ويجهو آهي.
(۲۷۸) ڀڃ گهڙ - ڳڻ ڳوت، عقل (ڪئن ڀڃجي ۽ گهڙجي)
(۲۷۹) ڀرجي اچڻ- پورو ٿيڻ. موڪل ڀرجي آئي، باقي ٻه ڏينهن.
(۲۸۰) ڀريءَ ٻير هيٺ بک مرڻ- هوندي سوندي لنگهڻ ڪڍڻ. To strave in a cook-shop. ڀيٽيو- ۲۸۱
(۲۸۱) “پاڻيءَ مٿي جهوپڙا مورک اُڃ مرن”.
(۲۸۲) ڀري لاهڻي اٿس - ڪم کي بار ٿو سمجهي، دل ڏيئي ڪم نٿو ڪري.
(۲۸۳) ڀڳڙن وانگر ڀڄڻ- هڪ ٻئي پٺيان گهڻن جو مرڻ.
(۲۸۴) ڀلي ڪري آئين! هليو وڃ. “نوڪري نٿو ڪرين ته ڀلي ڪري آئين”.
(۲۸۵) ڀن ڀرڻ- نقصان يا خرچ ڀري ڏيڻ.
(۲۸۶) ڀنجر ڀرڻ- ويچار يا ڏک ٿيڻ، قياس پوڻ، (ڀنجر =پنبڻي)” سورتيءَ سوُر، اوريو اڻ سوريتيءَ سين، هن جو ڀنجر نه ڀريو، هوءَ وڃي ٿي وهلور، ڪو جو پرايائين پوُر، اڳي کان به اڳرو”.
(۲۸۷) ڀوُ ڏکڻا ٿيڻ- اجايو خرچ ٿيڻ. (رقم).
(۲۸۸) ڀورو ڀاءُ ڪر- جا ڳالهه ڪرين پيو، سا بند رک.
(۲۸۹) ڀورو ڀڳو- ڳجهارت يا ڳجهي ڳالهه سمجهه ۾ آئي.
(۲۹۰) ڀوڳنا ڀوڳيائين- بيمار پيو، بيماريءَ جا ڏک ڏٺائين.
(۲۹۱) ڀون ڀون ڪري وٺڻ- مکين وانگر ويڙهي وڃڻ، چيڙائڻ. “اهو ڪم ڪندين ته سڀ ڪو ڀون ڀون ڪري وٺندئين”. ڀيٽيو ۲۹۲
(۲۹۲) کٿ ڪرڻ.
(۲۹۳) ڀيڏي هڻڻ- تور ۾ ٺڳڻ (ڀيڏي=ڪرائيءَ جو ڪنڊو).
(۲۹۴) ڀيرا ڪرڻ- پنڌ ڪرڻ، وري وري وڃڻ.
(۲۹۵) ڀيرو ڀڃڻ- وارو گسائڻ- جو ماڻهو ڪنهن وٽ روز ڀيرو ڪندو (ويندو)هوندو، سو جي ڪنهن ڏينهن نه ويندو، ته چئبو ته هن ڀيرو ڀڳو (وارو گسايائين)
(۲۹۶) تاب دڙڪو ڪرينس- ڌمڪائينس.
(۲۹۷) تاب ۾ رکينس- ڊپ ۾ رکينس.
(۲۹۸) تاڃي پيٽو پيو ڪڍي- اچ وڃ پيو ڪري، رلي ٿو. ڀيٽيو؛ ۲۹۹ تا ۳۰۱
(۲۹۹) پنجا ستا پيو ڪڇي.
(۳۰۰) چرخ شماري پيو ڪري.
(۳۰۱) ڌرم جا ڌڪا کائڻ.
(۳۰۲) تاڃيءَ پيٽي پٽ آهي- وڄ چڱو مڙس (چڱي زال) آهي.
(۳۰۳) تار ڪرڻ- چوٽيءَ تائين ڀرڻ، ڍئي ڇڏڻ.
(۳۰۴) (پاڻي) تاڙ ڏيئي يا تاڙ کائي ويو- کپي يا کٽي ويو.
(۳۰۵) تال موُل گم ٿيس- وائڙو يا حيران ٿي ويو.
(۳۰۶) تاهوُت لاتائين- تڪڙ يا تاڪيد ڪيائين.
(۳۰۷) تاءُ اُڀرڻ يا اچڻ- ڪنهن جو گهڻو خيال ٿيڻ. To feel strongly” ڀاءُ جو تاءُ ڇو نه اُڀرندس”.
(۳۰۸) تبل ٿو هلائي- اختياري يا حڪم ٿو هلائي (ڄڻ ته اسين سندس زيردست آهيون).
(۳۰۹) تتر ڏيکاري ڀتر ڏنائين- وڏا انجام ڪري پوءِ پوري طرح نه پاڙيائين. گهڻو باسي بلڪل ٿورو ڏنائين.
(۳۱۰) نت وهندو- جهٽ پٽ – With speed.
(۳۱۱) تتي تاءِس- ٺهه پهه، يڪدم.While the iron is hot
(۳۱۲) تٿان پٿان پيو آهي- مرڻينگ پيو آهي، ڄاڻ ته مئو.
(۳۱۳) تپائي ڏنو يا کنيون اٿس- گهڻو آزاريو يا ستايو اٿس.
(۳۱۴) باهه ٻاري ڏني اٿس.
(۳۱۵) اُچايو اٿس.
(۳۱۶) تپي ڳاڙهو يا لوهه ٿي ويو، تمام گهڻو ڪاوڙيو.
(۳۱۷) تخت تي چڙهيو ويٺو آهي- تمام گهڻو سکي آهي.
(۳۱۸) تڏو کڻايائينس- هڪالي ڪڍيائينس.
(۳۱۹) تڏي تؤنريءَ تي- جتي زالون يا مرد اعزا پرسيءَ لاءِ وڃن.
(۳۲۰) تڏي ويڙهه آهي يعني ايترا ماڻهو ٿا مرن جو فقط تڏي ۾ ويڙهي کڻجن ٿا (ڪفن يا ڪائيَ بنا).
(۳۲۱) تر- موجودات. “تر رکبو” يعني ڪجهه موجودات رکبي-
(۳۲۲) تر ڀاءُ لهه- خبر چار ڪڍ، سڌ سماءُ وٺ.
(۳۲۳) تر جيترو- ٿورڙو تر جؤ=ذرو پرزو.
(۳۲۴) ترجيح ڏيڻ- پٺڀرائي ڪرڻ، ٽيڪو ڏيڻ.
(۳۲۵) ترڪتال جو ڪم ڪيائين- مٿاڇرو ڪم ڪيائين.
(۳۲۶) ترڪ هنيائين يا هڻي ويو- (پڙهڻ ۾ ڪو ٽڪر) ڇڏي ويو.
(۳۲۷) تر کان اڳي بر کائي ويندو- نفعي کان اڳي موڙي کائي ويندو (دغا باز يا کوٽي ماڻهوءَ لاءِ ائين چئبو).
(۳۲۸) ترو ئي لڳي ويس- ساڳيو جهڙو
(۳۲۹) اندر جلي ويس
(۳۳۰) سڙي ويو.
(۳۳۱) ڪارو ٿي ويو. To be utterly mortified or discomfited.
(۳۳۲) تريءَ تي بهشت کپيس- ڪم جو پورائو ٺهه پهه کپيس. ڀيٽيو- ۳۳۳
(۳۳۳) ڏينهن پڪا ڏاڙهون ٿو گهري.
(۳۳۴) تريءَ تيل نه لڳڻ- نه مڃڻ يا نه قبولڻ. “مارئيءَ کي عمر سومري پرڻجڻ لاءِ ڏاڍا زور ڪيا، پر هوءَ چوي ته هن تريءَ تيل نه لڳي” يعني ڪين پرڻبيس.
(۳۳۵) تري کڙي- ٺهه پهه، جهٽ پٽ.
(۳۳۶) ترين ڀر ٿيڻ- بلڪل سقيم حالت کي پهچڻ. “ جن گهرن جا اڍنگا خرچ، سي سگهو ئي ترين ڀر ٿيندا.”
(۳۳۷) تڙ تانگهڻ- (۱) ڦولهه يا جاچ ڪرڻ، “ڌيءَ لائين گهڻئي تڙ تانگهيائين پر مائٽي اڃا ڪا نه ٿي آهي”.(۲) آزمودو پرائڻ. “هن جيڪي تڙ تانگهيا آهن، تن مان تو اڃا پاڻي نه پيتو آهي يعني جيترو آزمودو هن کي آهي تنهن جي توکي پتي به ڪانهي.
(۳۳۸) تڙي ڏنائينس- ڌمڪايائينس. ڀيٽيو- ۳۳۹
(۳۳۹) ڌمال ڪڍيائينس، ڌمڪي چاڙهيائينس.
(۳۴۰) تلف تاراج ٿي ويو- ناس يا چٽ ٿي ويو (ملڪ وغيره)
(۳۴۱) تل ڪيائين- لڪايائين- (پئسا وغيره)
(۳۴۲) (ڪپڙو) تندون تارا ٿي ويو - کسي ڌاڳا، يا سڳا ٿي ويو.
(۳۴۳) تن کي تسو- بدن کي سختي (اُڃ بک سهڻ جي). ڀيٽيو- ۳۴۴ ۽ ۳۴۵
(۳۴۴) جيءَ کي جفا
(۳۴۵) ڏيل کي ڏاکڙو.
(۳۴۶) هن جي اها ئي تندري واري تار هلي اچي- ساڳي ڳالهه وري وري پيو ڪري.
(۳۴۷) ساڳيو سر پيو آلاپي. Harping on the same subject.
(۳۴۸) تڻ مڻ تپائي ڏنائين- بلڪل بيزار يا هلاک ڪيائين،
(۳۴۹) تور تريو- ساهميءَ ۾ تريل، پورو وزن. “هر هڪ قيديءَ کي تور تريو هڪ پاءُ اٽي جو ويلي تي ملي ٿو”.
(۳۵۰) توڪل جو ترهو ٻڌڻ – ڌڻيءَ تي ڀاڙڻ، ڌڻي ۾ آسرو.
(۳۵۱) تير تڪلي تي- مٿاڇري طرح. ڏسو “ترڪتال” ۳۲۵.
(۳۵۲) تيل ترين مان ويو- جيڪو فائدو ٿيڻو هو سو اُتي ئي ويو
(۳۵۳) تيليءَ مان ٿنڀ ڪرڻ- ٿوريءَ ڳالهه جو وڏو وڌاءُ ڪرڻ ڀيٽيو- ۳۵۴
(۳۵۴) نوڙيءَ مان نانگ ڪرڻ ۽ ڏسو “آنڙيءَ مان ڪانڙي”. To make mountain of a mole-hill
(۳۵۵) (جهاز) تيليون تيليون يا تيليون تاڪ ٿيو- پرزا پرزا ٿيو.
(۳۵۶) تين ۾ نه تيرهن ۾- ڪنهن به ليکي يا شمار ۾ نه. “اهو تين ۾ نه تيرهن ۾، انهيءَ کي پڇي ڪير ٿو”؟
(۳۵۷) ٿالهيون لاهڻ- نيات مان ڪڍڻ. Excommunicate
(۳۵۸) ٿان سڌ ڪرڻ- خيرات ڪرڻ، ٻين کي مفت کارائڻ “هو پرائي مال تي ٿانءُ سڌ ڪرڻ ويٺو آهي”.
(۳۵۹) ٿانءُ پائڻ- ٽڪاءُ يا جٽاءُ ڪرڻ. “ هيءُ نوڪر ڪٿي به ٿانءُ نه پائيندو”.
(۳۶۰) ٿڌا ڪپڙا- سوٽي ڪپڙا ( جي بت کي ٿڌا لڳن).
(۳۶۱) ٿڌ ۾ ئي- (۱) صبوح جي ٿڌي پهر ۾ ئي. “ٿڌ ۾ ئي ڪم لاهي اچ” (۲)سويلئي “ٿڌ ۾ ڪو علاج ڪر”.
(۳۶۲) ٿڌو ٿيو- ٺريو، ڪاوڙ گهٽيس.
(۳۶۳) ٿڌو ٺڪر- بي همت، ليلهڙ “تو جهڙو نر مڙس ڪئن ٿڌو ٺڪر ٿي ويٺو آهي”؟
(۳۶۴) ٿڌو ساهه کڻڻ- ڏک يا ارمان مان ساهه کڻڻ.
(۳۶۵) ٿڌو ڪرڻ- وسائڻ “ڏئو ٿڌو ڪر”
(۳۶۶) ٿڌو مانجهاندو ڪرڻ- جو ڪم ڪرڻو هجي تنهنجو سعيو نه ڪرڻ، آلسي يا سست ٿي وهڻ “اِتي ٿڌو مانجهاندو ڪري ويٺا آهيو؛ ڪم تي نه چڙهندا ڇا؟
(۳۶۷) ٿڌي ڪوسي- گرمي سردي، سک دک، مشڪلات. “مڙس اُهو جو ٿڌي ڪوسي صبر سان سهي”
(۳۶۸) ٿڌيون ڪوسيون ڏيڻ- چٽ به ڪرڻ ۽ دڙڪو به ڏيڻ، سڀ اپاءَ ڪم آڻڻ “ گهڻئي ٿڌيون ڪوسيون ڏنيونمانس پر ڪين سچي ڪيائين”.
(۳۶۹) ٿڏي تي (جهليائونس) – اُتي جو اُتي.
(۳۷۰) ٿڪ ڦٽي ڪري نه چٽجي- انجام ڪري ڦري نه وڃجي.
(۳۷۱) ٿورڙو ٿانءُ- جو ڳالهه دل ۾ نه سانڍي، ٽرڙو. ڀيٽيو؛ ۳۷۲ ۽ ۳۷۳
(۳۷۲) هلڪو؛
(۳۷۳) هلڪ هورو.
(۳۷۴) ٿورو لائڻ=ڀلائي ڪرڻ- ٿڌو ٿورو ڪرڻ ڪنهن مطلب لائين ڪنهن سان ڀلائي ڪرڻ
(۳۷۵) ٿيڙ ڏيڻ- کارڻ ڏسو- “پير هيٺان ٺڪري ڏيڻ”.
(۳۷۶) ٽارو ٿيڻ- سڪڻ، سخت ٿيڻ “ڪم ڪري ڪري ٻانهون ٽارو ٿي ويون آهن”.
(۳۷۷) ٽاڪلا گهڙڻ- اجايا ڪم ڪرڻ “ ڪرت ڪار نه ڪندو ته گهر ۾ ويهي ٽاڪلا گهڙيندو ڇا”؟ (ٽاڪلو=تيزي).
(۳۷۸) ٽامڻي هڻڻ يا ٿيڻ- منهن ڳاڙهو ٿيڻ. (ٽامي جهڙو) ڪاوڙ يا اُس لڳڻ سببان To be sunburnt.
(۳۷۹) ٽان ٽان مچائڻ- بڪ ڪرڻ “ٻارن ٽان ٽان مچائي آهي”
(۳۸۰) ٽانڊيءَ تپڻو آهي-جهٽ چڙي پوندو آهي.
(۳۸۱) ٽانڊي ۾ آهوتي وجهڻ- معاملو وڌائڻ.
(۳۸۲) ٽٻ پڙهڻ- اجائي يا ڪوڙي ڳالهه ڪرڻ “ هن ويٺي ويٺي ٽٻ پڙهيو ته پنج ڏينهن نل بند ٿيندا”.
(۳۸۳) ٽٻر ۾ ٽاڻو- ٽيڏو ماڻهو. Squint-eyed
(۳۸۴) (۱) ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. ٽٻي = ويچار. (۲) صبح ويو سانجهي آيو، هڪڙيائي ٽٻي = گهت.
(۳۸۵) ٽٻيون ڏيئي- گهوتا کائي، سختيون سهي، جئن تئن ڪري. “ ٽٻيون ڏيئي مس مس قرض لاٿائين”.
(۳۸۶) ٽپ ٽپ تي- ٿوري ٿوري پنڌ کان پوءِ، جلد جلد.
(۳۸۷) ٽپڙ ٻڌائڻ يا ڪلهي تي کڻائڻ- لڏائي يا هڪالي ڪڍڻ “عملدار سان اڍنگو هلندو ته اُتي ئي ٽپڙ ٻڌائيندس.
(۳۸۸) ٽپڙ ٽيشن تي- رقم چٽ. “ سٽا هڻندو ته ٽپڙ ٽيشن تي”.
(۳۸۹) ٽپڙ ڪونهيس- (۱) وسعت يا پئسو ڪونهيس. (۲) افعال يا لڇڻ ڪونهيس.
(۳۹۰) ٽڪر ڪري گيهه ۾ پيس- مفت ۾ فائدو ٿيس.
(۳۹۱) ٽڪ مان ور لٿس- سيکت کائي سڌو ٿيو.
(۳۹۲) ٽڪو ڏيئي ٽانڊو کڻائڻ- (اجائي) وڏ ماڻهپي ڪرڻ.
(۳۹۳) ٽڳا ٽوڙڻ- واسطا ڇنڻ، لاڳاپو نه رکڻ.
(۳۹۴) ٽنڊ تي ٽوپي رکڻ- وڏائي ڏيکارڻ، هٺ ڪرڻ.
(۳۹۵) ٽنگ ڀرڻ- کوٽ جو پورائو ڪرڻ. ڏسو”ڀن ڀرڻ”.
(۳۹۶) (رقم) ۾ ٽنگ پيو- کٽي، کوٽ ٿي.
(۳۹۷) ٽنگ کڻي بيهڻ- (۱) کٽڻ. رقم ٽنگ کڻي بيٺي يعني کٽي پيئي. (۲) منڊو ٿيڻ. وهٽ ٽنگ کڻي بيٺو.
(۳۹۸) ٽڻ ڊاهڻ- رٿ ڦيرائڻ، خيال لاهڻ.
(۳۹۹) ٽڻ ڀڃڻ يا گسائڻ- وجهه وڃائڻ.
(۴۰۰) ٽوپو-(سيبو)- هلت، “درويش جا ٽوپائي پنهنجا”
(۴۰۱) ٽولا ڪا کائڻ، تڪليفون سهڻ، رلڻ، “نوڪري لاءِ گهڻئي ٽولاڪا کاڌائين، پر ڪانه مليس.”
(۴۰۲) ٽي داڻيون وڌائين-سوڀارو نه ٿيو.
(۴۰۳) ٽيهئي ٽويا ڇڏيم- سڀ واسطا ڇڏيم.
(۴۰۴) ٽيئونءَ ماءُ پنجوءَ وارو حساب- لڳئي جو حساب. اشارو- هڪ واڻيو ان وغيره وڪڻندڙ هو ته زال کي چوندو هو ته”ٽيئونءَ ماءُ، سير کڻي ڏيم.” تنهنجي معنيٰ ته سير اهڙو ڏيم جنهنجي تور ٽي پاءَ هجي. اَن خريد ڪرڻ مهل”پنجوءَ ماءُ” ڪري سڏ ڪندو هوس ته هوءَ پنج پائو سير ڏيندي هيس. ائين تور ۾ ٺڳيون ڪندو هو.
(۴۰۵) ٺاٺارڪي ٻلي آهي- نٺر آهي، ڌڪ بجي تي هريل آهي.(ٻلي اڳيان ٺڪاءُ ڪبو ته ڀڄندي، پر ٺاٺارن جي ٻلي ٺڪ ٺڪ ٻڌڻ تي هريل ، سا نه ڀڄندي)
(۴۰۶) ٺاٺ وڃي ٺڪر آيو- چڱو ماڻهو ويو ۽ خراب مليو.
(۴۰۷) ٺالهي ٻڌا ٽڪا ڪمائيان- جهجهو ناڻو ڪمايائين.
(۴۰۸) ٺپ ٺريس- راضي يا خوش ٿيو. (ٺپ=ڦٽ).
(۴۰۹) ٺپي سنئون ڪرڻ- ڏسو ٽڪ مان ورلاهڻ”.
(۴۱۰) ٺڪاءُ ڪرڻ- پهچڻ. “ڳوٺ وڃي ٺڪاءُ ڪيوسين”.
(۴۱۱) ٺڪر ڀڄڻ- ڪلنڪ اچڻ، ڏوهه پوڻ.۱۷۲
(۴۱۲) ٺڪي ٺوڪي- جاچي جوچي، ٻولائي ٻولائي.
(۴۱۳) ٺڪرين تي نچائڻ- تعدي يا جٺ ڪرڻ. “اشراف کي آدر ڏجي، پر لچ کي ٺڪرين تي نچائجي” (ٺڪرين تي نچڻ ڪري پير ڦٽبا، تنهن ڪري اها معني.)
(۴۱۴) ٺوڪر کاڌائين- نقصان پيس، خرابي پهتيس.
(۴۱۵) ٺهه ٺپ يا ٺهه پهه- جهٽ پٽ، ترت.
(۴۱۶) ٺينگيمڙدي- فڪل يا بي پرواهيءَ سان. “هو ٺينگيمڙدي پيو گهمي، ڪنهن جي ڪاڻ ڪانهيس”.
(۴۱۷) پاٽ پاڻيءَ ۾ نه ٻڏ- ٿوري ڪم ۾ نه منجهه
(۴۱۸) پاٽوڙا کوڙي کائڻ لڳو- گهڻي کائڻ لاءِ ٺهي ٺڪي سنڀري ويٺو. (پاٽوڙا کوڙڻ= پلٿي مارڻ).
(۴۱۹) پاپڙ ٿو ويلي- خسيس ڪم ٿو ڪري، جن مان گهڻو فائدو يا ڍءُ نه ٿئي.
(۴۲۰) پار پوڻ- لنگهڻ (ڪنهن ڏکئي ڪم يا بيماري مان).
(۴۲۱) پاڙون پٽي ڪڍڻ- بنياد ڪڍڻ. “اهڙين پنگتي خرابين جون پاڙون پٽي ڪڍڻ گهرجن”.
(۴۲۲) پاسا ٿو ڪوئي- ڀڄڻ جا سعيا ٿو ڪري
(۴۲۳) پاسو کوڙڻ - (۴) مرڻ. “پڻس پاسو کوڙيو ته هن سڀ ملڪيت لٽي پوري ڪئي. (۲) کٽڻ- “سٽا هنيائين ته سگهوئي پاسو کوڙيائين”.
(۴۲۴) پاسو وٺڻ- طرفداري ڪرڻ، ڪنهن جي فائدي ۾ ڳالهائڻ. “سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ تون هن جو پاسو ٿو وٺين”.
(۴۲۵) پاڪوڙا پاتائين- حيلا اپاءَ ڪيائين، پاڻ پتوڙيائين.
(۴۲۶) پاند اڙائڻ- (پلوَ اٽڪائڻ) وهنوار يا واسطو رکڻ.
(۴۲۷) پاند پاتائين- (ڳچي ۾ ڪپڙو پائي) نيزاري ڪيائين.
(۴۲۸) پاند ۾ پائڻ- (جهولي ۾ جهلڻ) حاصل ڪرڻ.
(۴۲۹) پاڻ ڀرو- (۱) جو پنهنجي مدد پاڻ ڪري (۲) جو پاڻيهي هلي چلي (بيماريءَ مان اُٿڻ کان پوئين).
(۴۳۰) پاڻ ڀلايائين- پنهنجا لائق يا نيڪي ڪيائين.
(۴۳۱) پاڻ پتوريائين يا ولوڙيائين- پاڻ کي گهڻي تڪليف ڏنائين
(۴۳۲) پاڻ بچائڻ- من مارڻ. پاڻ کي سختيون ڏيڻ “ههڙي زبردست عملدار سان پاڻ بچائي هلڻو آهي”.
(۴۳۳) پاڻ ڪڍائي ويو- پنهنجي جند ڇڏائي ويو.
(۴۳۴) (کاڌو) پاڻ ڪڍي ويو- سواد ڇڏيائين، بيسوادي ٿيو.
(۴۳۵) پاڻ کنيون اٿس- پاڻ ڀرو ٿيو آهي، زور ورتو اٿس.
(۴۳۶) پاڻ ڳڻائڻ-نالو ڪرڻ. “هو وهانءَ ۾ آيو، پر مدد ڪا نه ڪيائين. رڳو پاڻ ڳڻائي ويو”
(۴۳۷) پاڻ مارڻ- آپو يا خودي (اهنڪار) ڇڏڻ.
(۴۳۸) پاڻ ۾ پيئي يا لڳي اٿن- پاڻ ۾ وڙهيا آهن.
(۴۳۹) منهن ۾ پاڻي آيس- سرهو يا خوش ٿيو.
(۴۴۰) پاڻي پيو ٻري- ظلم لڳو پيو آهي.
(۴۴۱) انجام کي پاڻي ڏي- انجام پاڙيا پورو ڪر.
(۴۴۲) هن جا پاڻي ڪنهن جي تانگهڻ جا نه آهن- لحاظ يا نيڪي ۾ هن جو مٽ ڪونهي.
(۴۴۳) پاڻي تي ليڪو-بي بقا، يڪدم ڦرڻ جهڙو.”هن جون ڳالهيون آهن پاڻيءَ تي ليڪو” يعني نه بيهنديون.
(۴۴۴) پٿر تي ليڪو- بقاءَ وارو، قائم رهڻ جهڙو.
(۴۴۵) پاڻي کان اڳي ڪپڙا لاهڻ اڳواٽ اجايا خيال ڪرڻ. “آب نديده موزه کشيده” ۲۹.
(۴۴۶) پاڻي کان ڪڍيائينس- چريو ڪيائينس.
(۴۴۷) پاڻي مان نڪري ويو آهي- هوش ويو اٿس.
(۴۴۸) پاڻي وراءُ ٿج- ڳالهائڻ ۾ واهر ڪج، پٺڀرائي ڪج.
(۴۴۹) پاڻيءَ ورائڻ وارو- مدد ڪرڻ يا رٿ کي زور وٺائڻ وارو.”تنهنجي پاران ميونسپالٽيءَ ۾ ڪو پاڻي ورائڻ وارو ڪونهي”.
(۴۵۰) پاڻي ولوڙڻ- بي مطلب ڳالهائڻ، اجائي ڪوشش ڪرڻ.
(۴۵۱) پاهه ٿيڻ (بک ۾)- ڳرڻ، ماندو ٿيڻ
(۴۵۲) پائو ٿي پوڻ- زور ڪري ٻئي تي بار ٿيڻ “ ڀاءُ تي پائو ٿي پيو آهي، پنهنجي نٿو ٻاري چاڙهي”.
(۴۵۳) پاءُ ٽڪي جهڙي آسامي- بلڪل سپتيو ماڻهو.
(۴۵۴) پائڻ لڳڻ- ٻوڙڻ شروع ڪرڻ، ٻوڙڻ (درياه)
(۴۵۵) پائي کنيون اٿس. اُچايو يا آزاريو اٿس.
(۴۵۶) پت ڏوپي ويس- آبرو بنهه ويس. اصطلاح ۴.
(۴۵۷) (منهنجي) پت رک- لڄ يا آبرو بچائين.
(۴۵۸) چرين جي پت وڃائي اٿس- وڏو چريو يا بيوقوف آهي.
(۴۵۹) پت ويچارڻ- عيب ياويڪون ڪڍڻ.
(۴۶۰) پتڪون ڪڍيائينس- ڏاڍي مار ڏنائينس.
(۴۶۱) پتليون پڙهائڻ- (ڳالهين) ۾ لڳڻ، ڀنڀلائڻ. “اهي پتليون ٻين کي پڙهاءِ؛ آءٌ تنهنجو به گرو آهيان”.يعني اهڙيون حرفتون آءٌ پاڻ توکي سيکاريان
(۴۶۲) پتو ڌار- همٿ جهل. (پتو= دل)
(۴۶۳) پتو مارڻ- ڪاوڙ روڪڻ، من مارڻ ۵۷۴.
(۴۶۳) پتيجائو پائڻ- (خراب) نتيجو ڏسڻ ۶.
(۴۶۵) پٿر- جو پٿيرجي يا وڇائجي، فراسي، ٽپڙ وغيره. اهو هنڌ جتي موت ٿيڻ ڪري ماڻهو اعزا پرسي لائين اچن. “پرائي پٿر پٽي سڀڪا پنهنجا”
(۴۶۶) پٿر کان پري آهي- تمام سخت آهي.
(۴۶۷) پٽ پٽيهر- ريشمي وڳا، اُچا ڪپڙا.
(۴۶۸) پٽ پوڻ- (۱) (ماءُ جي پيٽ مان نڪري) پٽ تي پوڻ، ڄمڻ.”سسئي جئن پٽ پيئي تئن درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيائونس (۲) گهڻو گهٽجڻ- اگهه وڃي پٽ پيا.
(۴۶۹) پٽ نه پوي- ترت وڪامجي وڃي. “بازار ۾ ههڙي سٺي شي اچي جيڪر پٽ نه پوي”.
(۴۷۰) (پاڻي) پتا ڏيئي ويو آهي- گهڻو لهي ويو آهي.
(۴۷۱) (پئسن جي) پٽي سٽي پورائي ڪر- ڪجهه ڪنهن کان ڪجهه ڪنهن کان وٺي پورائي ڪر.
(۴۷۲) پٺ- پٺي، پٺيون پاسو، زور، مدد.
(۴۷۳) پٺڀرائي ڪيائين- مدد ڪيائين، شامل ٿيو.
(۴۷۴) پٺ ڀرڻ- ڌڻي پٺ ڀريندئين (۱) اولاد ڏيندئين.(۲) همراه ٿيندئين. هنڊي وغيره جي پٺ ڀرڻ معني پٺيان صحيح پائڻ. To endorse.
(۴۷۵) پٺتي پوڻ- ڪوتاهي ڪرڻ، گهٽجڻ يا واڌارو نه ڪرڻ. (۱) مهمان نوازي ۾ پٺتي نه پوندو. (۲) ديسي هنر پٺتي پئجي ويا آهن.
(۴۷۶) پٺ پڌري ٿيس- پٽ ڄائس( جو نالو قائم رکندس).
(۴۷۷) پٺ ڏيڻ- (۱) وڃڻ” تو پٺ ڏني ته نوڪر ڀڄي ويو”.
(۴۷۸) پٺ ورائي ڏسڻ- (۱) پنهنجا اڳيان عيب جاچڻ ۳۳۱. ٻين مان ٿو ويڪون ڪڍين، پنهنجي پٺ ورائي ڏس”
(۴۷۹) پٺيان پيو اٿس- (۱) دشمن ٿي لڳو اٿس، نقصان پهچائڻ لاءِ. (۲) زور يا منٿون ٿو ڪريس.
(۴۸۰) پٺي ٽپريائينس- دعا يا آسيس ڪيائينس.
(۴۸۱) پڄاڻي ڪيائين- حد ڪري چڪو، ڪين گهٽايائين.
(۴۸۲) پڇ پائي ڀڳو- تڪڙو يا لڪي ڀڳو ( ڪانئَرن وانگر).
(۴۸۳) مال پڇ پئجي ويو آهي- وهٽ ضعيف ٿي ويا آهن.
(۴۸۴) پڇاڙي سرهي ٿيس- (۱) حياتي جو پويون وقت خير سان گذريس (۲) مرڻي جو ڪرتب چڱو ٿيس. “پڇاڙي سرهي ڪيائين- توڙ تائين لائق ڪيائين ۹۴.
(۴۸۵) پڇڙيون ٺوڪياءَ- ڦٿڪيو (مڇيءَ وانگر) حيلا ڪيائين.
(۴۸۶) (ڳالهه) پڌر پيئي ظاهر ٿي.
(۴۸۷) پڌري پٽ- ظاهر ظهور، کليو کلايو.
(۴۸۸) پور پاتائين- حيلا يا ادم ڪيائين (ڪنهن ڪم لائين).
(۴۸۹) پر يا سونا پر ڪونه پاتا اٿس- وڏو ماڻهو ڪونهي. (اسان جهڙو رواجي ماڻهو آهي).
(۴۹۰) پرديس ڀوڳيائين- ٻين ملڪن جو سفر ڪيائين
(۴۹۱) پردو رکيائين- ڍڪ ڍڪيائين، ڳالهه پڌري نه ڪيائين،
(۴۹۲) پردو لاٿائين- پت وڃايائين، عيب پڌرا ڪيائين.
(۴۹۳) پرسوئڻ لڳو- ڀڄڻ يا وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳو.
(۴۹۴) پرڳڻا پنايائين- ڏاڍو رلايائين، گهڻو هلاکه ڪيائين.
(۴۹۵) پرگهور لڌائين- سنڀال يا خاطري ڪيائين.
(۴۹۶) پرلوڪ پڌاريو يا سڌاريو- مري ويو. پرلوڪ= ٻيو جهان
(۴۹۷) پر ۾ لڪائي، پنهنجي منهن. “پنهنجي پر ۾ سمجهائينس ته وري اهڙو ڪم نه ڪري”
(۴۹۸) پر وٺي ڀڳي- ڳالهه جو مطلب سمجهڻ ۾ آيو.
(۴۹۹) پڙ ڪڍي بيٺو- بنهه ناڪار ڪيائين، چوڻ نه مڃيائين. (پڙ= لڙائي جو ميدان، تنهنڪري معني ميدان ۾ ٿي بيٺو يعني چوڻ لڳو ته وڙهندس، پر ڳالهه نه مڃيندس).
(۵۰۰) (ڳالهه) پسي پيئي- ڍر يا دير پيئي، فيصل نه ٿي.