ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام/فقير مراد صوفي/04

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام  (1964)  by لطف الله بدوي
04. بيت سوال - جواب سسئيءَ جا

(1)
وٺي ڪونه ويوءِ، آهي هوت تنهنجيءَ هنج ۾،
ڇا کي ڏورين ڏونگرين، ساڻي هوت سندوءِ،
تو ۾ محب ”مراد“ چئي، نڪي[1] ڪين لـِـڪوءِ،
پـَـسُ متان پرين پوءِ، اَٿي پاڻئون پرين اوڏڙو.

(2)
هينئڙي هوت ٿيوءِ، تون ڪيچ ڪـُـڄاڙ کي وڃين،
توسان محب ”مراد“ چئي، سڄڻ آهه سندوءِ،
وندر ڪين ويوءِ، کڻي وَرُ نهارج وَٽِ ۾.

(3)
وندر سي وڃن، جنين وَرَ وڃائيا،
منهنجي محب ”مراد“ چئي، مونهين وَٽ وَسـَـنِ،
جي پل پل پرين پـَـسنِ، سي ڇو ڏورنِ ڏونگرين.

(4)
سـُـڏڪيون ڇو سـُـوَر، ٻڌائين ٻين کي،
اوڳي اورج مامَ سان، محبتن مذڪور،
ماندي ٿي مَ ”مراد“ چئي، ڏيهه نه اَٿـِـي ڏُور،
آهن[2] هوت حضور، پر جي پيهي پاڻ نهارئين.


  1. لڪي (ب).
  2. آهي (خ).