ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام/فقير روحل صوفي/02

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام  (1964)  by لطف الله بدوي
02. پورب جو سـُـر

(17)

جي ننگ ڇڏي نانگا ٿيا، تن نانگن ڪهڙا ننگ،
گنگا ۽ گرنار جا، تن سامين ڇڏيا سنگ،
نڪي واهن سڱيون، نڪي چورن چنگ،
”روحل“ لڳو رنگ، تن لاهوتين لقاءَ جو.

(18)

جي تن ۾ تيرٿ ڪن، سي گنگا وڃن نه گودڙيا،
تن سامين سنديءَ سڪ جا، ٿا دونهان دل[1] دکن،
پير سڃاتو پر جو، لوچي لاهوتين،
لڳو رنگ، ”روحل“ چوي، اندر آديسن،
کوجي کاهوڙين، وڃي اُونهي ۾ آسڻ ڪيا.

(19)

اونهي ۾ آسڻ ڪري، وڃي ماڳ لـَـڌائون مـُـور،
تن تي جا آٺئي پهر اُڪنڊ ۾، ٿا ڪن تنوارون طـُـور،
اُت ”روحل“ رات نه ڏينهن ڪو، نڪو ســِسُ[2] نه سـُـور،
وڃي نـُـوري گڏيا نـُـور، لنگهي پيا لاهوت کان.

(20)

نائي ڪنڌ ڪماه[3] کان، جن نهاريو ناسوت،
راتيان ڏينهان، ”روحل“ چوي، اُهي ماڻن ٿا ملڪوت،
پير سڃاڻي پـِـرَ جو، جـَـتا ۾ جبروت،
جوڳي جفائون ڪري، لنگهي پيا لاهوت،
سي آديسي اَوڌوت، وڃي نانگا گڏيا ناٿ کي.

(21)

نانگا گڏجي ناٿ سان، وري ٻيو پـَـهـُـه پيونِ،
سا ڳڻيائون ڳالهڙي، جو گـُـر ڏَسُ ڏنونِ،
”لا حجاب بينـِـي و بينـُـڪ“ ، وچون سڀ ويونِ،
تهون پوءِ پيونِ، وڃي پيوند پيچ پرينءَ سان.

(22)

ڪو پـَـههُ پيو جوڳئين، تن کنيون کڙائون،
جاترا جوڳ جـُـهار جي، مور نه مڃيائون،
سا ڀـُـون سوجهيائون، جنهن ۾ جوڳ نه ڀوڳ ڪو.

(23)

ڪو پـَـههُ پيو جوڳئين، پـُـريا تنهين پارِ،
جت گنگا نه گومتي، نڪو جوڳ جـُـهار،
نه ڪو ذڪر نه فڪر ڪو، نه ڪو سڏ تنوار،
نه ڪا رات نه ڏينهن ڪو، نه ڪا جيتِ نه هار،
لڳو رنگ ”روحل“ چوي، اُت آديسين اَپار،
جنهن جو آرُ نه پارُ، وڃي تـِـت ڪيائون تـَـڪيو.

(24)

برهه ۽ بيراڳ جي، جن[4] جـَـڙَ لڳي منجهه جيءَ،
سـُـوجهي سچ[5] سرير مؤن، تن پريمن پاتو پيءَ،
مرڻ جيئڻ جو من مؤن، تن سامين لٿو سيءَ،
ناٿ نماڻا ٿي، وڃي ”روحل“ رَتا رام سين.


(25)

جي رنگَ رَچـِـي رام جي، لاهوتي ٿيا لعل،
سرِ ڏنائون سـَـٽَ ۾، ڪايا، مايا، مال،
ويا تن کان وسري، کوٽا سڀ خيال،
راتيان ڏينهان، ”روحل“ چوي، واليءَ ساڻ وصال،
سي نانگا سدا نهال، جن درسن پاتو دوس[6] جو.


(26)

ڪـَـهڻـِـي تان هرڪو ڪـَـهي، پر رهڻـِـي اوکي بات،
پڌري ٿيندي ذات، رهڻيءَ مان ”روحل“ چوي.

(27)

نـَـوَ نشانيون نـُـور جون، عاشقن آهين:
هڪڙي ويهن واٽن تي، ٻيو کائڻ نه کائين،
ٽيون سر سڀ ڪنهن اڳيان، ٿا نميو نوائين،
چوٿون ٻڌي ڪنن سان، وري نه ورجائين،
پنجون پهه پرينءَ سان، ٿا پـَـڪو پچائين،
ڇهون ڪـُـڇن ڪينڪي، ناتو نباهين،
ستون سڪ سڄڻن جي، ٿا لنؤ لنؤ لڳائين،
اٺون ڳالهه عجيب جي، ٿا واري ورجائين،
نائون ننڊ نيڻن کي، ٿا جودؤن جاڳائين،
تڏهن سيبائين، ”روحل“ دوساڻـِـي درٻار ۾.

(28)

نڪا سـِـڪ سمهڻ ۾، نڪو جاڳڻ ۾ جـَـسُ،
نڪي خير کـِـلڻ ۾، نڪي روئڻ ۾ رَسُ،
ذاتي ذڪر زباني، اِهو به اوري ڏَسُ،
من جو مرشد پـَـسُ، ته ”روحل“ ملين روح الله سان.

(29)

ٽـُـٻي ڏيئي پاڻ ۾، پـَـسان جان پيهي،
نڪو ملڪ، نڪا خلق، نڪي اَسيئي،
اَسين ڳوليون جن کي، سي پڻ اَسيئي،
ٻي وائي ويئي، ”روحل“ هونگ پرين جي هڪڙي.

(30)

عاشق اِلاهي اُڀا، جي قضا ڪين ڪرين،
نائي ڪنڌ قلوب تان، نمازون نيتين،
ڏين طوافون تن کي، مـَـڪو ئي منجهين،
”روحل“ روح سندين، هر دم هوندو حـَـج ۾.


  1. درد (خ).
  2. ستُ (خ).
  3. سامي ڪنڌ ڪمان کان (ٿ).
  4. جن کي (غ).
  5. جوءِ سوجهيائون (غ).
  6. دوست (ب).